پاڪستان ۾ 24 سالن کانپوءِ عالمي هاڪي جي واپسي: هڪ نئين اميد
پاڪستان ۾ 24 سالن کانپوءِ بين الاقوامي هاڪي جي واپسي جي خبر نه رڳو هاڪي جي شوقينن لاءِ خوشيءَ جو سبب آهي، پر اها ملڪ جي راندين جي تاريخ ۾ هڪ اهم ۽ خوش آئند پيش رفت پڻ آهي. پاڪستان هاڪي جي دنيا ۾ هڪ روشن ۽ شاندار ماضي رکي ٿو. هڪ وقت هو جڏهن پاڪستاني هاڪي ٽيم عالمي ميدانن تي پنهنجي مهارت، رفتار ۽ شاندار ڪارڪردگي سبب مخالفن لاءِ هڪ وڏو چئلينج سمجهي ويندي هئي. اولمپڪس، عالمي ڪپ ۽ ايشين راندين ۾ پاڪستان جون ڪاميابيون اڄ به راندين جي تاريخ جو اهم حصو آهن. تنهن هوندي به گذريل ٻن ڏهاڪن دوران مختلف سببن جي ڪري پاڪستان ۾ عالمي هاڪي سرگرميون تقريبن ختم ٿي ويون هيون، جنهن جا منفي اثر نه رڳو قومي ٽيم جي ڪارڪردگي تي پيا، پر هن قومي راند جي مقبوليت به متاثر ٿي. هاڻي پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي ڪوششن سان ڏکڻ ڪوريا جي قومي سينيئر هاڪي ٽيم جولاءِ 2026ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي، جيڪا 24 سالن کانپوءِ پاڪستان اچڻ واري پهرين سينيئر قومي ٽيم هوندي. هي دورو يقينن پاڪستاني هاڪي لاءِ هڪ نئين دور جي شروعات ثابت ٿي سگهي ٿو. اسلام آباد ۾ رٿيل هي سيريز عالمي برادري کي اهو پيغام ڏيندي ته پاڪستان نه رڳو راندين سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، پر بين الاقوامي رانديگرن ۽ ٽيمن لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول پڻ فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي عالمي سرگرمين جي بحالي هڪ مثبت مثال طور سامهون آئي آهي. پاڪستان سپر ليگ ۽ مختلف ملڪن جي قومي ٽيمن جي دوري کانپوءِ عالمي سطح تي ملڪ جو اعتماد بحال ٿيو آهي. هاڻي هاڪي جي ميدان ۾ به اهڙي ئي مثبت تبديلي نظر اچي رهي آهي. 2024ع دوران جرمني جي جونيئر ٽيم ۽ ڪجهه يورپي هاڪي ڪلبن پاڪستان جو دورو ڪيو هو، پر ڪنهن قومي سينيئر ٽيم جو اچڻ هڪ الڳ اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان سان ٻين ملڪن لاءِ پڻ رستا کلي سگهن ٿا. هي حقيقت به نظرانداز نٿي ڪري سگهجي ته پاڪستان ۾ هاڪي گذريل ڪيترن ئي سالن کان انتظامي مسئلن، مالي کوٽ، بنيادي ڍانچي جي ڪمزوري ۽ جديد تربيت جي فقدان سبب زوال جو شڪار رهي آهي. هڪ وقت جو عالمي چيمپئن ملڪ اڄ عالمي درجابندي ۾ پنهنجي پراڻي حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ عالمي ٽيمن جا دورا نه رڳو رانديگرن کي اعليٰ سطح جي مقابلي جو موقعو فراهم ڪندا، پر نوجوان نسل ۾ به هاڪي ڏانهن دلچسپي وڌائيندا.
ڏکڻ ڪوريا جي ٽيم جو دورو پاڪستان هاڪي فيڊريشن لاءِ به هڪ امتحان هوندو. فيڊريشن کي گهرجي ته هن موقعي کي صرف چند ميچن تائين محدود نه رکي، پر ان کي هاڪي جي مجموعي بحاليءَ لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جو حصو بڻائي. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي سطح تي هاڪي جي واڌاري، جديد تربيت، بين الاقوامي ڪوچنگ ۽ رانديگرن جي فلاح لاءِ سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن مناسب منصوبابندي ڪئي وڃي ته پاڪستان ٻيهر عالمي هاڪي جي نقشِي تي پنهنجي سڃاڻپ مضبوط ڪري سگهي ٿو. ان کان علاوه، حڪومت ۽ نجي شعبي کي به هاڪي جي سرپرستي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڪرڪيٽ جيان هاڪي کي به مالي سهڪار، ميڊيا ڪوريج ۽ ادارتي حمايت جي ضرورت آهي. راندين جي ترقي صرف رانديگرن جي ذميواري ناهي، بلڪه اها قومي ادارن، ڪاروباري شعبي ۽ سماج جي گڏيل ذميواري آهي.
ڏکڻ ڪوريا جي دوري سان هڪ نئين اميد پيدا ٿي آهي ته مستقبل ۾ ٻيون ايشيائي ۽ يورپي ٽيمون پڻ پاڪستان اچڻ لاءِ تيار ٿينديون. جيڪڏهن هي سلسلو جاري رهيو ته پاڪستان ۾ نه رڳو عالمي هاڪي جون سرگرميون بحال ٿينديون، پر قومي ٽيم جي معيار ۾ به نمايان بهتري ايندي. اهڙي ماحول ۾ نوجوان رانديگرن کي بين الاقوامي سطح تي پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا ملندا. 24 سالن کان پوءِ عالمي هاڪي جي واپسي صرف هڪ راندين وارو واقعو ناهي، بلڪه اها پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ، راندين جي بحالي ۽ قومي هاڪي جي نئين جنم جي علامت آهي. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لاڳاپيل ادارا، حڪومت ۽ عوام گڏجي هن موقعي کي هاڪي جي روشن مستقبل ۾ تبديل ڪن، جيئن پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي بهترين هاڪي ملڪن ۾ پنهنجو جائز مقام حاصل ڪري سگهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟