مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلوچستان بحران جو حل رڳو آئيني رستن سان ئي ممڪن آهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ڏهاڪن کان خراب هلندي اچي، جنهن ۾ اسان جي دشمن قوتن جو ڀرپور هٿ آهي. تازو ئي پاڪستان ايران آمريڪا وچ ۾ جنگ بند ڪرائڻ لاءِ پنهنجو شاندار ثالثي وارو ڪردار ادا ڪيو، جنهن سان ملڪ کي سڄي دنيا ۽ ان جي وڏن ادارن ۾ مڃتا ملي. اها اسان جي دشمن قوتن لاءِ ڪا معمولي شڪست نه هئي. ان جو بدلو هن بلوچستان ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گذريل ڪجهه ڏينهن کان بلوچستان ۾ انهن قوتن جي حملن سبب ڪيترائي پوليس اهلڪار ۽ فوجي جوان شهيد ٿي چڪا آهن. جڏهن ته جوابي ڪارروائين ۾ ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل 8 جولاءِ 2026 تي پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته بلوچستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ڀارت جو هٿ آهي. دشمن کان پاڪستان ۽ خاص طور بلوچستان جي ترقي برداشت نٿي ٿئي. هن ٻڌايو ته 4 ۽ 5 جولاءِ 2026 واري رات ڪوئيٽا جي هنا اڙڪ واري علائقي ۾ هٿياربندن حملا ڪيا، جنهن ۾ 4 بيگناهه شهري مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿيا. ان کانپوءِ ٻيو واقعو سومر 6 جولاءِ 2026 تي پيش آيو، هٿياربندن زيارت ۾ مانگي ڊيم ڀرسان پوليس چوڪيءَ تي حملو ڪيو، اهلڪارن جي سخت مزاحمت ۽ مقابلي کانپوءِ 15 دهشتگرد مارجي ويا. جڏهن ته 9 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. ان حملي ۾ ڪجهه پوليس اهلڪارن کي هٿياربند يرغمال بڻائي کڻي ويا، جڏهن انهن جو گهيرو تنگ ٿيو ته دهشتگردن 18 پوليس اهلڪارن کي به قتل ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر جي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پرعزم طريقي سان اها ڳالهه دهرائي ته سيڪيورٽي فورسون دهشتگردن جو پيڇو جاري رکنديون ۽ کين ڪٿي به لڪڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو. هن اها دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويل ڪيترائي دهشتگرد افغان شهري هئا ۽ حملن جي منصوبابندي افغانستان مان ڪئي وئي. افغان طالبان حڪومت دهشتگردن کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. جنهن جو مثال ڪراچيءَ ۾ تازو ٿيل حملي مان چئن حملا آورن مان ٽن افغانين جو هجڻ آهي. بلوچستان جي موجوده سيڪيورٽي واري صورتحال ملڪ جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن، سياسي ۽ فڪري طبقن لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب بڻيل آهي.
گذريل ڪجهه وقت کان سيڪيورٽي فورسن تي وڌندڙ حملا ۽ قيمتي انساني جانين جو نقصان هڪ اهڙو الميو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ عسڪريت پسند تنظيمن جي ان تشدد وارين ڪارروائين کي ڪائونٽر ڪرڻ جتي هڪ اسٽريٽيجڪ ضرورت آهي اتي اهو پڻ سوچڻ لازمي آهي ته ڏهاڪن کان هلندڙ هن بحران جو مستقل حل رڳو انتظامي يا سيڪيورٽي قدمن سان نٿو کڻي سگهجي. پاڪستان هن وقت جنهن عالمي ۽ علاقائي جيو پوليٽيڪل منظر نامي مان گذري رهيو آهي، اتي اسان جي پرڏيهي ۽ سفارتي محاذ تي ڪاميابيون (خطي جي وڏن تڪرارن ۾ ثالثي وارو ڪردار) تڏهن ئي وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿيندو، جڏهن ملڪ اندروني طور تي مڪمل مستحڪم هوندو. جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ اندروني بيچيني وڌندي آهي ته پرڏيهي حريف ۽ ٻاهريان انٽيليجنس نيٽورڪ ان صورتحال مان آسانيءَ سان فائدو وٺي سگهندا آهن. بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ رڳو هڪ مقامي معاملو ناهي، پر هي پاڪستان جي قومي سلامتيءَ جو سڀ کان اهم محور آهي. ملڪ جي سياست ۽ انتظاميه کي جنهن وڏي چئلينج جو مقابلو ڪرڻو پيو پوي اهو قانون جي بالادستيءَ جو قيام آهي. پاڪستان جو آئين هر شهريءَ کي بنيادي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو. آئين جي آرٽيڪل 10 جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن به فرد تي ملڪ يا قانون دشمنيءَ جو ڪوبه الزام لڳل آهي ته کيس قانوني طريقي سان عدالتن جي سامهون پيش ڪيو وڃي ته جيئن انصاف تي ٻڌل منصفاڻي ٻڌڻيءَ ذريعي کيس سزا ملي سگهي. عدالت کان مٿانهان قتل وارا طريقا يا زبردستي گمشدگين جا معاملا ملڪي قانوني نظام جي وقار کي متاثر ڪن ٿا ۽ ان سان مقامي عوام خاص طور تي نوجوان نسل ۾ ويڳاڻپائي جو رجحان وڌي ٿو، جيڪا انتها پسنديءَ واري بيانيي کي مضبوط ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي.
وفاق ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ مان نڪري بئريسٽر گوهر ۽ محمود خان اچڪزئي جهڙن اڳواڻن پاران رياستي ادارن سان آئيني دائري ۾ رهي ڳالهه ٻولهه ۽ معاملا سلجهائڻ واريون ڪوششون هڪ گهربل سياسي لچڪ جو مثال آهن. ساڳئي طرح بلوچستان جي معاملن تي وفاق پاران ڏنا ويندڙ اقتصادي پئڪيج ۽ فني تعليم جا منصوبا تڏهن ئي اثرائتا ٿي سگهن ٿا، جڏهن مقامي سطح تي سياسي ڳالهه ٻولهه جي ماحول کي هٿي ملندي. بلوچستان جي نئين پڙهيل لکيل ۽ پرامن آئيني جدوجهد تي يقين رکندڙ نوجوان قيادت کي ديوار سان لڳائڻ بدران کين سياسي ميز تي ويهارڻ گهرجي ته جيئن هٿيارن جي سياست ڪندڙ قوتن کي سياسي طور شڪست ڏئي سگهجي. اها وقت جي تقاضا آهي ته ملڪ جي اعليٰ سيڪيورٽي ۽ آئيني ادارن کي پنهنجي ماضيءَ جي حڪمت عملين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. بلوچستان ۾ جتي مسئلا سياسي سطح تي حل ٿيڻ گهرجن اتي انهن جو معاشي تدارڪ پڻ انتهائي ضروري آهي.
ضروري آهي ته بلوچستان اندر جديد انفرااسٽرڪچر تعمير ڪري اتان جي عوام جي غربت ۽ بيروزگاري کي ختم ڪرڻ لاءِ حل ڪڍيا وڃن، اتان جي هر ننڍي وڏي شهر ۽ ڳوٺ تائين تعليم ۽ صحت جي سهولتن جو ڄار وڇايو وڃي ته جيئن عوام جو موجوده حڪومت تي ڀروسو ۽ اعتماد قائم ٿي سگهي. جڏهن حڪومت نيڪ نيتي سان بلوچستان جي عوام لاءِ حڪمت عملي قائم ڪندي ته اتان جو نوجوان نسل پنهنجي طاقت يقينن آئين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڳنڍيندو. هن وقت بلوچستان جا باغي گروهه دشمن جي هٿن ۾ هڪ هٿيار طور استعمال ٿي رهيا آهن. انهن جي حڪمت عملي کي ناڪام بنائڻ لاءِ حڪومت کي هڪ اهڙي حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت آهي جيڪا آئين، قانون ۽ معاشي مسئلن جي حل تي بيٺل هجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو