مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٻن ورهاڱن کانپوءِ ٽئين ورهاڱي جون تياريون، مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌ!

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

1857ع جي آزاديءَ واري جنگ ۾ جڏهن هندو ۽ مسلمان گڏجي برطانوي راڄ خلاف بيٺا، تڏهن اسٽيبلشمينٽ ۽ برطانوي اختيارين اهو سمجهي ورتو ته هن خطي جي گڏيل طاقت انهن لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. ان کانپوءِ انگريز حڪومت پلاننگ ڪري مذهبي، لساني، قبيلائي ۽ سياسي متڀيدن کي هوا ڏئي عوام کي ورهائي ڇڏيو، پوءِ اهي پنهنجن حقن لاءِ ڳالهائڻ بدران هڪٻئي سان اٽڪي پيا، جنهن جو سلسلو اڄ به جاري آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ برطانيه ننڍي کنڊ تي قبضو نه رکي سگهيو ته هتان نڪرڻ وقت ان جي وڏي ترجيح خطي ۾ پنهنجا دفاعي ۽ سياسي اثر برقرار رکڻ هئا. ننڍي کنڊ جي ورهاست جو مقصد اهو پڻ هو ته سرد جنگ جي دور ۾ وچ اوڀر ۽ يو ايس ايس آر جي سرحدن ويجهو هڪ اهڙو بلاڪ قائم ڪيو وڃي، جنهن سان مغربي طاقتون پنهنجا جيو اسٽريٽيجڪ مفاد پورا ڪري سگهن ۽ پوءِ “سريل ريڊ ڪلف” جنهن کي نه ننڍي کنڊ جي نه جاگرافي جي خبر هئي، نه تهذيب ۽ ثقافت جي، ان چند هفتن اندر ڪاغذي نقشي تي ليڪا ڪڍي خطي کي ورهائي ڇڏيو. نتيجي ۾ پراڻيون تهذيبون پني تي ورهائجڻ کانپوءِ ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويون، جن جي ليڪن مان اڄ به خون ۽ ڳوڙها وهي رهيا آهن. افسوس اهو آهي ته ان ورهاست جو دنگ نه ٿيو، وري 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جو ڌار ٿيڻ هڪ سانحو هو. 1970ع ۾ عام چونڊن کانپوءِ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ چونڊن ۾ واضح اڪثريت حاصل ڪئي، پر اسٽيبلشمينٽ کيس اقتدار نه ڏنو. اوڀر پاڪستان جي اڪثريتي آبادي ڳالهائڻ وارن جي ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو. اتان جي خاص زرعي پيداوار “سڻي” جيڪا ان وقت پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جو وڏو ذريعو هئي، ان مان بنگال جي عوام کي حصو ڏيڻ کان محروم رکيو ويو ۽ پوءِ 1971ع ۾ هڪ عسڪري آپريشن ذريعي، جنهن ۾ پوءِ انڊيا به مداخلت ڪئي، هڪ اهڙي تباهي آندي وئي، جنهن پاڪستان جي وجود کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو. ننڍي کنڊ کانپوءِ بنگال جو ورهاڱو اهو ياد ٿو ڏياري ته جڏهن قومن جي تاريخي وجود، ٻولي، اقتصادي حقن ۽ عوامي مينڊيٽ کي نظر انداز ڪري مرڪزيت پسندي يا غير آئيني فيصلن طرف وڃبو آهي ته ان سان ملڪ ٽٽندا آهن. هاڻي ملڪ وري هڪ ٽئين ورهاڱي طرف پنهنجو قدم وڌائي رهيو آهي.
جڏهن ته ٻن ورهاڱن اهو ثابت ڪيو آهي ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان پنهنجن پيرن تي نه بيهي سگهيو، پاڪستان پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهيو ۽ هاڻي ٽيون ورهاڱو شايد اڃان پاڪستان کي وڌيڪ نقصان پهچائي ٽڪرن ۾ تقسيم ڪري ڇڏي. ڇو ته ان سان عوام جي طاقت کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي چئني صوبن کي ننڍن ننڍن صوبن ۾ ورهائي مرڪزي طاقت کي مضبوط ڪرڻ ۽ صوبن جي تاريخي، ثقافتي ۽ سياسي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. آئين ۾ صوبن جي ٺهڻ جو عمل واضح آهي ته نوان صوبا ڪيئن ٺاهي سگهجن ٿا، پر هن وقت هڪ اهڙو بيانيو جوڙيو پيو وڃي جنهن سان ملڪ جي عوام اندر سواءِ ڪاوڙ ۽ بي اعتمادي جي ٻيو ڪجهه به نظر نه پيو اچي. سنڌ جو خطو ڪنهن حاڪم يا ڪنهن بادشاهه جي تعمير ٿيل رياست نه، بلڪه سنڌو درياءَ جي ڀرسان آباد ٿيندڙ هڪ اهڙي جاگرافيائي وحدت آهي، جنهن کي قدرت تخليق ڪيو، جنهن کي ٽوڙڻ سان يا انتظامي حصن ۾ ورهائڻ سان ان جي سياسي اڪثريت ۽ ان جي اجتماعي آئيني طاقت بي اثر ٿي ويندي ۽ پوءِ وفاق ۾ سنڌي عوام جو سياسي ۽ جمهوري آواز ڪمزور ٿي ويندو، جيڪو وفاق جو اصل مقصد آهي. ارڙهين ترميم صوبن کي طاقتور ڪيو، پنهنجن وسيلن تي اختيار ڏنو، پر هن وقت هٿرادو لساني ۽ سياسي ورهاڱو ڪري شهري ۽ ٻهراڙيءَ جون وڇوٽيون پيدا ڪري انتظامي بلاڪن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڳالهه پهرين ايم ڪيو ايم جي واتان چورائي ويندي هئي، پر هاڻي طاقتور ڌريون ان قسم جون ڳالهيون ڪري آئين جي خلاف ورزي ڪري رهيون آهن. جڏهن ته ارڙهين ترميم کانپوءِ جيڪڏهن صوبائي حڪومتون لوڪل باڊيز کي اختيارات منتقل ڪن ته صوبي جي اندر هڪ نئين طاقت پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ ان لاءِ چئني صوبن کي عمل جي ضرورت آهي. پهريون ورهاڱو مذهب کي بنياد بڻائي ڪيو ويو ۽ سنڌ جي پڙهيل لکيل، باشعور، محنت ڪش ۽ واپاري طبقي کان جيڪو ڌرتي ڄائو هو، ان کي هڪ ئي جهٽڪي سان ڌرتيءَ کان ڌار ڪيو ويو ۽ هاڻي وري هڪ ڀيرو پاڻيءَ سوڌو سنڌ جي سڀني وسيلن، ساحل، زرعي زمينن مٿان قبضو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي عوام جو وجود برداشت نه ٿي رهيو آهي. انهن کي ٽوڙي سازش سان انهن جي طاقت کي ڪمزور ڪري ننڍن ننڍن گروهن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سوشل ميڊيا تي ويٺل ڪجهه نام نهاد ولاگرن ذريعي اها ڳاهه ڪئي پئي وڃي ته ننڍن صوبن سان عوام کي جلد انصاف مهيا ٿيندو ۽ ملڪ جي بچت ٿيندي. جڏهن ته اها هڪ بدنيتي تي ٻڌل ڳالهه آهي.
اصل ڳالهه اها آهي ته سنڌ جو تاريخي تشخص ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن سنڌ کي نقشي تان هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي، پر سنڌ جي عوام هميشه اهو ثابت ڪيو آهي ته اهي پنهنجي وجود ۽ تاريخي تشخص کي برقرار رکڻ لاءِ هميشه قربانيون ڏيندا آيا آهن. جڏهن ته اها به افسوسناڪ ڳالهه آهي ته قربانيون عوام ڏئي ٿو، رت ان جو وهي ٿو، گولي عوام کائي ٿو، پر جڏهن طاقت جي ورهاست ٿئي ٿي ته ان مٿان جاگيردار، سرمائيدار، سياستدان ۽ بيوروڪريٽ قبضو ڪري اهڙيون پاليسيون ٺاهين ٿا، جنهن سان عوام جا بنيادي حق ڦريا وڃن ٿا. سنڌ جي عوام جي بدقسمتي اها آهي جو ان وٽ اسٽريٽيجڪ لوڪيشن ۽ قدرتي وسيلا گهڻا آهن. پولينڊ جي جاگرافيائي ۽ سياسي وجود کي ٽي ڀيرا نقشي تان مٽايو ويو، پر پولش عوام پنهنجي ادب، ٻولي ۽ قومي زنده دليءَ ذريعي پنهنجو روح زنده رکيو ۽ پهرين توڙي ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ٻيهر هڪ سگهاري آزاد رياست طور اڀري آيا. فنلينڊ جي قوم صدين تائين سوئيڊن ۽ پوءِ روسي ايمپائر جي قبضي هيٺ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي ادبي شاهڪارن ۽ قومي ٻوليءَ جي واڌاري ذريعي سياسي خود مختياري حاصل ڪئي. قومون پنهنجي وجود جو تحفظ پنهنجي تاريخي حافظي، ٻولي، ادب ۽ ثقافتن سان ڪنديون آهن. آئرش قوم دنيا جو هڪ اهڙو لازوال داستان لکيو، جنهن ۾ هن قوم سوين سالن جي پرڏيهي قبضي، سياسي دٻاءُ ۽ ثقافتي نفي جي باوجود پنهنجي قومي تشخص کي سگهارو رکيو. انگريزي راڄ دوران آئرش ٻولي کي جلاوطن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر آزاد آئرلينڊ ٺهڻ بعد رياست پاران آئين ۾ آئرش ٻوليءَ کي پهرين قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو. هنن پنهنجي موسيقي، لوڪ گيتن ۽ روزمره جي ثقافت جي حفاظت ڪري ايندڙ نسلن کي منتقل ڪيو. هن وقت پاڪستان جي صوبن کي ورهائڻ جي نه، بلڪه صوبن کي ارڙهين ترميم مطابق مليل اختيارن جي مڪمل منتقلي، ماليات کي مقامي حڪومتن ذريعي هيٺين سطح تائين پهچائڻ سان حقيقي ترقي ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ورهاست جو سلسلو نه بيٺو ته هڪ ڏينهن اسان کي پنهنجون گهٽيون به ورهائڻيون پونديون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو