بلاول ڀٽو زرداريءَ جي شاديءَ جون خبرون ۽ پاڪستاني سياست ۾ شاديءَ جون شرطون
هن وقت پاڪستان ڪيترن ئي مسئلن کي ڀوڳي رهيو آهي. سنڌ هن وقت مزاحمت جي دور مان گذري رهي آهي. هر روز سنڌ جو عوام ڪنهن نه ڪنهن پليٽ فارم تان روڊن ۽ رستن تي سنڌ جي وحدت جي لاءِ جاکوڙيندي نظر اچي ٿو. اهڙي وقت ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي شادي يا مڱڻي جون خبرون تمام تيزيءَ سان پکڙجي رهيون آهن. جڏهن ته پيپلز پارٽي جو ڪوبه رهنما انهن خبرن جي تصديق ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جڏهن ته صدر آصف علي زرداري هن وقت يورپ جي خانگي دوري تي آسٽريا ۾ موجود آهي، جتي هن اتان جي اڳوڻي شاهي خاندان سان خبرن مطابق ٽي ملاقاتون پڻ ڪيون آهن، جن ان شڪ کي تقويت ڏني آهي ته آصف علي زرداري پنهنجي پٽ بلاول جي لاءِ ڪنوار جي والدين سان ڳالهيون ڪرڻ ويو آهي. يقينن ان ڳالهه جو حتمي اعلان ته زرداري خاندان جو ڪو فرد ئي ڪري سگهي ٿو، پر اسان کي اها ڳالهه به نه وسارڻ گهرجي ته زرداري هميشه ماڻهن کي پنهنجن کنيل قدمن سان سرپرائيز ڏيندو رهيو آهي. تنهنڪري اسان کي سندس ان دوري کي ٻنهي پاسن کان ڏسڻو پوندو ته ممڪن آهي ته اهو بلاول ڀٽو جي نئين زندگيءَ جي شروعات لاءِ مبارڪ ثابت ٿئي يا وري ان مان پاڪستان جي لاءِ ڪو لاڀائتو نتيجو ثابت ٿئي. عمران خان 1995ع ۾ جمائما گولڊسمٿ سان شادي ڪري کيس پاڪستان وٺي آيو، جمائما ٻن ٻارن جي ماءُ بڻجي پاڪستان ۾ هري مري وئي هئي، پر عمران خان کيس سياسي دٻاءُ جي ڪري پنهنجي زندگيءَ کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. هن وقت آسٽريا جي شاهي خاندان جو تعلق به عيسائي مذهب سان آهي. ان ڪري بلاول ڀٽو جي شاديءَ جي خبر کي حتمي نظر سان نٿو ڏسي سگهجي، پر جيئن ته بلاول ڀٽو جو تعلق سنڌ جي صوفي ۽ روادار مزاج رکندڙ صوبي سان آهي.
ان ڪري کيس سنڌ ۾ ته ڪابه اهڙي مزاحمت واري صورتحال ڀوڳڻي نه پوندي، پر جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ وزير اعظم ٿيڻ لاءِ آئين ۾ لکيل شرط نه هجڻ جي باوجود اميدوار جو شادي شده هجڻ هڪ شرط طور مڃيو وڃي ٿو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته بينظير ڀٽو جڏهن سياست جي ميدان ۾ قدم رکيو ته کيس 1987ع واري ڏهاڪي ۾ آصف علي زرداري سان شاديءَ جو فيصلو ڪرڻو پيو. پاڪستان جي وزرات عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ اميدوار کي آئيني شرط نه هوندي به شادي شده هجڻ ضروري آهي. ڇو ته اميدوار کي طاقتور حلقن ۾ ويٺل قوتن ۽ سياسي تجربيڪارن جي اڻ لکيل شرط پوري ڪرڻ ضروري آهي. آصف علي زرداري کي خود سياست جي ميدان ۾ اچڻ لاءِ بينظير ڀٽو سان شادي صدارت جي ڪرسيءَ تائين پهچايو. ان کان علاوه عمران خان جڏهن وزارت عظميٰ جي ويجهو پهچڻ وارو هو ته کيس بشريٰ بيبي سان شادي ڪرڻي پئي. ڇو ته پاڪستان ۾ ملڪي سياست ۽ عوامي نفسيات جي اثر کي تمام گهڻو اهم سمجهيو وڃي ٿو. شايد ان ۾ وزارت عظميٰ جي اميداور جي سنجيدگي ۽ پختگيءَ جو معيار ماپيو وڃي ٿو ته اميداور شخص شادي شده ۽ ذميدار سمجهيو وڃي ٿو. کيس هڪ خانداني سربراهه جي حيثيت حاصل ٿي وڃي ٿي. جڏهن ته ڪوبه غير شادي شده يا ڪنوارو سياستدان پنهنجي سماجي حيثيت ۾ اڻپوري شخصيت طور ڏٺو وڃي ٿو. شادي سياستدانن لاءِ هڪ ڍال جو ڪم پڻ ڪري ٿي. ڇو ته عمران خان کي پلي بواءِ واري پراڻي ليبل مان نڪرڻ لاءِ به شادي ڪرڻي پئي. ان کان علاوه اسان جو ووٽر پڻ ان نفسيات کان ٻاهر ٿي نٿو سوچي.
هن وقت آصف علي زرداري ويانا ۽ ليختن اسٽائن جي سفر کانپوءِ يورپ جي آسٽريائي شاهي خاندان هاپسبرگ سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي. ميڊيا ۾ ته “ڪيمپوس” نالي ڇوڪريءَ جو نالو به گردش ڪري رهيو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته اسان جو ملڪ جتي اسان اسلام جي نالي تي انتهاپسندي جو شڪار ٿي چڪا آهيون اتي ڇا بلاول ڀٽو زرداريءَ جو هڪ غير ملسم ڇوڪريءَ سان کيس اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ به شادي ڪرڻ ڇا سياسي فائدو ڏئي سگهندو يا نه؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي جيڪو يقينن پيپلز پارٽي جي قيادت بلاول ڀٽو زرداري جي خاندان ۽ انهن جي گهڻ گهرن جي اڳيان آيو هوندو. جيڪڏهن شاديءَ جي ڳالهه هلي رهي آهي ته پوءِ انهن سڀني سوالن جا جواب ملڻ تائين اها شادي ايتري آسانيءَ سان ٿيندي نظر نٿي اچي. ملڪ جن طاقتن جي هٿ هيٺ هلي رهيو آهي انهن جي ذهنن ۾ ڪيترائي شڪ ويٺل آهن. اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداريءَ جي شادي ان خاندان ۾ ٿي وئي ته پوءِ سندس سياسي قد ڪاٺ وزارت عظميٰ تائين پهچي نه سگهندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟