بدلجندڙ عالمي سياست، عراق مان آمريڪي فوجن جو انخلا ۽ پاڪستان لاءِ موقعا
آمريڪا ۽ عراق جي وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت 30 سيپٽمبر 2026ع تائين آمريڪي فوجون نڪرڻ لاءِ تيار آهن. 2003ع واري مداخلت کانپوءِ 23 سالن جو باب بند ٿيڻ وارو آهي. اپريل 2003ع ۾ آمريڪي فوج بغداد تي قبضو ڪري صدام حسين جو تختو اونڌو ڪري کيس گرفتار ڪيو. 2001ع ۾ 11/9 واري حملي کانپوءِ بش انتظاميه صدام حسين تي الزام هنيو ته سندس القاعده ۽ ٻين بين الاقوامي دهشتگرد تنظيمن سان رابطو آهي، جن جو ڪوبه ثبوت نه ملي سگهيو. جارج بش جونيئر جو خيال هو ته صدام حسين کي هٽائي عراق ۾ آمريڪا نواز جمهوريت قائم ڪرڻ سان پوري وچ اوڀر ۾ پيٽروليم ۽ سلامتيءَ جو توازن آمريڪا جي نئين نظريي جي حق ۾ موڙي سگهبو ۽ پوءِ آمريڪا عراق مٿان پنهنجو تسلط قائم ڪري وڏا مالي فائدا پڻ حاصل ڪيا. جنهن ۾ آمريڪا سڌيءَ طرح عراق جي تيل وارن کوهن تي قبضو نه ڪيو، پر هو تيل جي عالمي نظام کي پنهنجي تحويل ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. صدام حسين 2000ع ۾ عراقي تيل جي خريد و فروخت يورو ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. 2003ع ۾ آمريڪي قبضي کانپوءِ هڪدم عراقي تيل جي قيمت ٻيهر آمريڪي ڊالر سان ڳنڍي وئي. عراقي تيل مان ايندڙ پئسو فيڊرل ريزو بينڪ آف نيويارڪ وٽ جمع ٿيندو رهيو ۽ آمريڪا کي عراق جي تيل تي مڪمل قبضو حاصل هو. عراق جنگ مان عالمي تيل ڪمپنين کان وڌيڪ آمريڪي دفاعي ڪانٽريڪٽرن ۽ پرائيويٽ سيڪيورٽي ڪمپنين فائدا حاصل ڪيا. عراقي فوج ۽ پوليس جي تربيت، هٿيارن جي سپلاءِ ۽ بيس قائم ڪرڻ ذريعي آمريڪي هٿياربند انڊسٽري اربين ڊالر بغداد حڪومت جي خزاني مان حاصل ڪيا.
گڏوگڏ آمريڪا کي وچ اوڀر ۾ ترڪي، ايران، شام ۽ سعودي عرب جي ويجهو 23 سالن تائين مڪمل نگران فوجي ايئربيس ملي ويا، جتي ويهي ان سڄي علائقي تي نظرداري ڪئي. هن جنگ آمريڪا کي جيترو فائدو ڏنو، اتي ان جا 4500 کان وڌيڪ آمريڪي فوجي ماريا ويا ۽ هزارين معذور ٿيا. تنهن هوندي به هو عراق ۾ پنهنجي مڪمل ريموٽ ڪنٽرول حڪومت قائم نه ڪري سگهيو ۽ 23 سالن کانپوءِ کيس فوجي انخلا ڪرڻو پيو آهي. خوشقسمتيءَ سان اهو ايران لاءِ هڪ وڏو سياسي فائدو بڻجي ويندو. عراق مان آمريڪي فوجن جو انخلا صرف هڪ فوجي مشن جي پڄاڻي نه، پر سڄي وچ اوڀر جي جيو پوليٽيڪل بنيادن کي پڻ تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ اهم تاريخي موڙ آهي. آمريڪي مداخلت سبب سڄو خطو ڏهاڪن تائين فرقيواراڻي تڪرارن ۽ بي يقينيءَ جو شڪار رهيو. سوال پيدا ٿو ٿئي ته آخر پنهنجي فوجي انخلا کان اڳ آمريڪا ايران مٿان اهڙي شديد عسڪري يلغار ڇو ڪئي. شايد ان جو مقصد آمريڪا کي پنهنجي طاقت جو اظهار ڪرڻو هو يا وٽس اڃان ڪي ٻيون اميدون هيون جيڪي پوريون نه ٿي سگهيون. هن وقت آمريڪا اندر عوام ۽ سياستدان پنهنجي ٽيڪس مان ڏنل پئسو ٻاهرين جنگين تي خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. واشنگٽن وٽ به هاڻي اها مالي ۽ سياسي سگهه ناهي رهي، جو هو ڪا نئين ڊگهي علاقائي جنگ وڙهي سگهي. هن ايران تي تاريخ جون بدترين پابنديون لڳايون، کيس دنيا جي تختي تان ميسارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، پر وقت بدلجي چڪو آهي، عالمي نظام هڪ قطبيءَ مان ٻه قطبي بلڪه گهڻ قطبي نظام طرف وڃي رهيو آهي، جتي چين سان گڏ روس، ايران، ڀارت ۽ سعودي عرب پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لائق ٿي ويا آهن. عراق مان آمريڪي فوجن جي باضابطه انخلا ۽ عالمي سياست ۾ آمريڪي طاقت جو ڪمزور ٿيڻ وارو تاثر اسرائيل مٿان سخت دٻاءُ وجهندو. ڇو ته هن آمريڪا جي ڇٽيءَ هيٺان پنهنجو دفاع ڳولهيو. هاڻي خطي ۾ کيس پنهنجي دفاع لاءِ پنهنجو پاڻ تي ڀروسو ڪرڻو پوندو.
عراق مان آمريڪي انخلا کانپوءِ سڀ کان وڏو فائدو ايران کي پهچندو جنهن لاءِ هاڻي بغداد کان وٺي دمشق ۽ بيروت تائين رستو محفوظ ٿي ويندو. هن نئين بدلجندڙ صورتحال ۾ پاڪستان کي پڻ آمريڪي دٻاءُ مان نڪرڻ جو موقعو ملندو. جيتوڻيڪ مالي ۽ سياسي طور تي نوان دٻاءُ اچي سگهن ٿا، پر وچ اوڀر مان آمريڪا جي نڪرڻ سان پاڪستان وٽ اهو موقعو آهي ته هو ايران، چين ۽ سعودي عرب جهڙن دوست ملڪن سان ملي هڪ پرامن توانائي سان ڀرپور تجارتي اتحاد جو فائدو حاصل ڪري. ان کان علاوه هو ايران پاڪستان گئس پائيپ لائين جيڪا گذريل سالن ۾ آمريڪي پابندين جي خوف سبب مڪمل نه ٿي سگهي ان کي مڪمل ڪري. ماضيءَ ۾ پاڪستان کي چين يا آمريڪا مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ جو دٻاءُ هو، پر ايندڙ وقت ۾ پاڪستان ان دٻاءُ مان گهڻي حد تائين آزاد رهندو ۽ پنهنجي آزاد، خود مختيار ۽ متوازن پاليسي ٺاهي بدلجندڙ نئين ملٽي پولر دنيا ۾ پنهنجن مفادن جي بنياد تي پنهنجا لاڳاپا قائم ڪري سگهندو. ان سڄي صورتحال ۾ پاڪستان لاءِ تمام گهڻا موقعا نڪرندا، جنهن جو تعين وقت سان گڏ ٿيندو، پر في الحال هيءَ سڄي صورتحال ايران جي فائدي ۾ ويندي نظر اچي رهي آهي. اسرائيل لاءِ هڪ نئون مٿي جو سور پيدا ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، پر ممڪن آهي ته اسرائيل فلسطين جي معاملي تي لچڪ جو مظاهرو پڻ ڪري. انهن سڀني شين کي ايندڙ وقت ۾ مڪمل طور تي گهرائيءَ سان ڏسڻ جي لاءِ اسان کي ٿورو وقت درڪار هوندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟