مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نوجوان نسل کي سرڪاري نوڪرين طرف ڏسڻ بجاءِ زراعت ۽ هنر سان پنهنجو مستقبل سنوارڻ گهرجي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

1947 ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ ڀارت پنهنجي لاءِ گڏيل معيشت جو ماڊل اختيار ڪيو، جڏهن ته پاڪستان جو معاشي ڍانچو زراعت، امداد ۽ غير پيداواري ترجيحون هيون. پاڪستان شروع ۾ ته زراعت تي ٻڌل معيشت هو، پر ان جو معاشي ڍانچو سياسي عدم استحڪام، سرد جنگ جي اسٽريٽجڪ مجبورين ۽ غلط انتظامي ترجيحن جي ڪري هڪ اهڙي رُخ ۾ هليو ويو، جتي اڄ نوجوان بيروزگار آهي ۽ پاڪستان هڪ خرچ ڪندڙ ملڪ جي طور تي صرف ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار تي هلي رهيو آهي. جڏهن ته ڀارت هڪ وڏو پيداواري ملڪ بڻجي پنهنجي نوجوان نسل کي هنرمند ڪري هڪ وڏي انگ ۾ ٻين ملڪن ۾ هيومن ريسورس طور موڪلي پرڏيهي ناڻو پڻ ڪمائي رهيو آهي. هن وقت پاڪستان جي معيشت جو بنياد زراعت تي هجڻ جي باوجود اسانجي پاليسين، پاڻي جي غير منصفاڻي ورهاست ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي کوٽ سبب ننڍو آبادگار عذاب ۾ آهي ۽ وڏو آبادگار ڪمائي رهيو آهي.
هڪ پاسي ملڪ ۾ تعليمي نظام کي اهڙيءَ ريت ورهايو ويو آهي، جو هڪ پاسي اشرافيه جو تعليمي نظام، ٻئي پاسي مدرسن جو نظام ته ٽئين پاسي اهي سرڪاري اسڪول جن ۾ پڙهائي جو معيار ۽ سکيا نه هجڻ برابر آهي. مدرسن جي نيٽورڪ سبب اتان جيڪو هيومن ريسورس پيدا ٿئي ٿو، اهو ڪنهن به شعبي ۾ گهڻو فعال ڪردار ادا نه ٿو ڪري سگهي ۽ ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسنديءَ جو رجحان وڌي رهيو آهي. جڏهن ته ملڪ قدرتي وسيلن ۽ بهترين چئن موسمن سان مالامال آهي، ان هوندي به اسان جو نوجوان نسل بيروزگاري سبب نشي جي لت ۽ مايوسيءَ جو شڪار آهي. اهڙي نازڪ وقت ۾ ملڪ کي اڃا وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ڀارت پنهنجي معيشت کي تمام گهڻو طاقتور ڪري پنهنجي نوجوان طبقي کي با هنر ۽ با مقصد تعليم ڏئي هڪ اهڙي آبادي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا ان ملڪ جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ ڀارت هڪ خودمختيار معيشت طور مڃيو وڃي ٿو. جڏهن ته پاڪستان کي مغربي ملڪن جي مالياتي ادران جا قرض کڻي پنهنجون پاليسيون ٺاهڻ لاءِ دٻاءُ ۾ رهڻو پوي ٿو هن وقت پاڪستان پنهنجن پيرن تي بيهڻ واري معاشي سگهه ۽ سياسي استحڪام وڃائي چڪو آهي، ملڪ مان روزگار جا ذريعا ختم ٿي چڪا آهن، سرمائيدار سرمايو ٻاهر لڳائي ڇڏيو آهي ۽ ملڪ اندر درآمد ٿيل شيون استعمال ٿي رهيون آهن. جنهن ملڪ ۾ صنعتن کي بجلي ۽ گيس مهيا نه هجي ۽ ان سان گڏ هڪ ٻي اهڙي صنعت جيڪا عوام جي لاءِ نه هجي، اها وڌي ويجهي رهي هجي ته ملڪ هلي نه ٿو سگهي. جنهن ڪري پيسو سڄو ريئل اسٽيٽ ۾ لڳايو وڃي ٿو ۽ عوام جي کيسن مان منافعو ڪيو وڃي ٿو. هن وقت ملڪ بي هنر نوجوان ۽ محتاج نسل جي وڌندڙ انگ جي دٻاءُ ۾ آهي ۽ نوجوان مايوسيءَ جي ور چڙهيل آهي. جڏهن ته نوجوان ذهني ۽ تخليقي صلاحيتن سان مالامال آهي. سندس اهي صلاحيتون ضايع ٿي رهيون آهن. انهن سڀني مسئلن هوندي به نوجوان نسل کي پراڻي سوچ مان نڪرڻو پوندو ته ان کي پڙهڻ ۽ لکڻ کانپوءِ ضروري ناهي ته سرڪاري ڪرڻ گهرجي.
اڄ دور بدلجي چڪو آهي، ۽ خودمختيار ڪاروبار ۽ عملي هنرمندي ڏانهن وڌي رهيو آهي جنهن سان نه صرف نوجوان معاشي سرگرمي ۾ پنهنجي خودمختياري سان حصو وٺي سگهي ٿو، بلڪه اهو عالمي معيشت سان ڳنڍجي پنهنجي ملڪ جي ڪاروباري منڊيءَ ۾ ويهڻ جي لائق بڻجي سگهي ٿو. سرڪاري نوڪري جيڪا پهرين پينشن جو تحفظ به فراهم ڪندي هئي، هاڻي سرڪار اهي سهولتون به گهٽائي رهي آهي، ان لاءِ نوجوانن کي پنهنجي ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ نوان تصور پيدا ڪرڻا پوندا. ڪيترائي آن لائين ڪاروبار يا اسٽارٽ اپس جيڪي ڊجيٽل ڪاروبار سان ڳنڍيل آهن، انهن ۾ سرمايو لڳائي نوجوان ننڍي سرمائي سان سيڙپ ڪري ڪاروبار ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته زرعي سماج سان تعلق رکندڙ نوجوانن وٽ اڃا وڌيڪ موقعا آهن. ڇو جو سنڌ هڪ بنيادي زرعي خطو آهي ۽ اسان جو پڙهيل لکيل نوجوان غلط سماجي نظرئي سبب يونيورسٽيءَ مان ڊگري ملڻ کانپوءِ زمين سان ڳنڍجڻ کي پنهنجي شان خلاف سمجهي ٿو. جڏهن ته پڙهيل لکيل نوجوان ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪري ڊرپ ايريگيشن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ فوڊ پروسيسنگ جهڙا نوان ترقياتي منصوبا کڻي پنهنجي زراعت ۾ اڳيان وڌي سگهي ٿو. هن وقت اسان جو نوجوان هڪ فريب جو شڪار آهي، نوجوان وڏيون وڏيون رشوتون ڏئي سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري اتي پنهنجي ضمير جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر انهيءَ ساڳئي پئسي سان هو ڪاروبار ڪرڻ جي طرف نه ٿو وڃي. نوجوان نسل کي پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. جيڪو جتي جيتري پهچ رکي ٿو، ان کي ڪو نه ڪو هنر ضرور سکڻ گهرجي ۽ پنهنجو ننڍو اسٽارٽ اپ شروع ڪري مارڪيٽ سان پاڻ کي ڳنڍڻ گهرجي. ننڍو آبادگار پنهنجي وس آهر، ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪري اهڙا فصل پوکي يا ڀاڄيون پوکي پنهنجو پاڻ کي پاڻڀرو ڪري سگهي ٿو، پر اسان وٽ اڄ ڪلهه نااميدي ۾ زمينون ڌارين کي وڪيون وڃن پيون، جنهن سان پوري قوم کي نقصان ٿي رهيو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت ننڍن ڪاروبار ڪرڻ وارن جي لاءِ انهن کي مالي معاونت فراهم ڪري ۽ زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن کي پنهنجون زمينون وڪڻڻ بجاءِ يا مايوس ٿيڻ جي بجاءِ جديد طريقي سان پيداوار ڪرڻ جا طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو