مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

غير قانوني افغانين کي تڙي ڪڍڻ ۾ سنڌ جي عوام کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي گلستان جوهر ۾ قائم سنڌ رينجرز (ڀٽائي ونگ) جي هيڊڪوارٽر تي 27.6.2026 تي رات جو 8:30 وڳي حملو ٿيو، جنهن ۾ هڪ بارود سان ڀريل گاڏي ڪئمپ سان ٽڪرائي ڌماڪو ڪيو ۽ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، فورسز ۽ حملا آورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. رينجرز جا ڪجهه جوان به شهيد ٿيا ته جوابي ڪارروائي ۾ 3 حملا آور مارجي ويا ۽ هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. حملي جي ذميواري تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڌڙي ‘جماعت الاحرار’ قبولي آهي. حملي کانپوءِ انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي ادارن ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي. ڪراچي شهر اندر راتو رات سرچ آپريشن شروع ڪيا ويا ۽ چند ڪلاڪن اندر رينجرز ۽ سنڌ پوليس جي CTD گڏجي گلستان جوهر، سهراب ڳوٺ، الآصف اسڪوائر، سچيڏنو ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪري ڪيترن ئي مشڪوڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو. ڪراچي تائين پهچندڙ رستن خاص طور تي هاءِ ويز ۽ بلوچستان کان سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ رستن جهڙوڪ: حب چيڪ پوسٽ ۽ ڪشمور-جيڪب آباد واري پٽيءَ تي چيڪنگ انتهائي سخت ڪئي وئي آهي ته جيئن نوان دهشتگرد شهر ۾ داخل نه ٿي سگهن. زخمي دهشتگرد کان پڇاڳاڇا جي نتيجي ۾ ان جي نيٽورڪ جا مقامي ڪنيڪشن به ڳوليا ويا آهن.
اهوئي سبب آهي جو وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي افغان شهرين جي واپسي واري مهم ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. خفيه ادارن پاران سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۽ حساس علائقن جهڙوڪ جيڪب آباد ۽ ٺل واري پٽي لاءِ به سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو آهي ته جيئن ڪنهن به ممڪنه رد عمل کي روڪي سگهجي. عوام شروع کان ئي افغان شهرين کي سنڌ صوبي ۾ آباد ڪرڻ جي حق ۾ نه هو ۽ نه ئي آهي، پر سنڌ جي اندر ڪجهه علائقن ۾ اهڙن ماڻهن کي ڪجهه سياسي ڌرين جي سرپرستي ۾ پاڪيٽن ۾ آباد ڪيو ويو ته جيئن انهن جو ووٽ بينڪ وڌي سگهي. هن وقت ڪراچي، حيدرآباد جي پسگردائي وارا علائقا، سکر ۽ ٻيا اتر سنڌ جا شهر، باءِ پاس سان لڳندڙ ڪجهه مخصوص پٽين ۾ اهي ماڻهو ٽرانسپورٽ، هوٽلنگ، اسڪريپ ۽ هيوي مشينري جيڪا روڊن ۽ رستن جي تعمير ۾ استعمال ٿئي ٿي ان جو ڪاروبار ڪن ٿا. جيڪب آباد ۽ ٺل واري پٽي بلوچستان سان لڳڻ سبب چمن بارڊر ذريعي افغانستان مان ايندڙ ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿي آسانيءَ سان اتي رهي پون ٿا، اتي کين ڪابه سماجي مزاحمت ڀوڳڻي نٿي پوي. ڇو ته ان علائقي ۾ گهڻو ڪري اهڙا ماڻهو موسمن جي تبديلي ۽ ڪاروبار جي سلسلي ۾ ايندا ويندا رهندا آهن ۽ مقامي ماڻهن جو به روزگار هلندو رهي ٿو. بلڪه انهن جون مٽيون مائٽيون به ٿيل آهن. اتان هڪ اهڙي سوچ جو آغاز ٿئي ٿو جيڪا انتهاپسندي ۽ مدرسن جي نيٽورڪ ذريعي نظرياتي اثر پيدا ڪري دهشتگردن جي هٿان استعمال ٿئي ٿي. اهوئي اثر اسان کي اسان جي سنڌ جي ڪيترن ئي خاندانن، قبيلن ۾ سخت قبيلائي نظام ۽ جهالت وارين ثقافتي رسمن جنهن ۾ ڪاروڪاري جي رسم، غيرت جي نالي تي قتل، قبيلائي جهيڙا عروج تي نظر اچن ٿا ۽ اتر سنڌ هڪ جنگ جو ميدان بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ انتهاپسندي وارا نظريا، طالبانائيزيشن ۽ نفرت جي بنياد تي نوجوانن جا قتل عام آهن. رياست امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. وفاقي حڪومت پاران گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سوڌو چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ته غير قانوني افغانين کي ڪڍيو وڃي. سنڌ حڪومت کي ان معاملي ۾ وڌيڪ سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي. گهرو وزارت کي پنهنجي ضلعي ۽ تعلقي انتظاميه جي مدد سان ٽاسڪ فورس قائم ڪري مقامي پوليس ۽ انٽيليجنس ادارن سان گڏجي سڄي سنڌ خاص طور ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺل جهڙن حساس علائقن جي مڪمل مئپنگ ڪري، جعلي دستاويزن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گهرجي ته جيئن هر غير قانوني طور رهيل شخص کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي. جيڪي افغاني هتي نقلي سڃاڻپ ڪارڊ وٺي ملڪيتون خريد ڪري ويٺل آهن، انهن جي سهولتڪارن کي جيڪي ادارن ۾ به ويٺل آهن گرفتار ڪيو وڃي، انهن جون غير قانوني خريد ڪيل ملڪيتون ۽ ڪاروبار ضبط ڪيا وڃن. اهو سڄو عمل نه صرف ملڪي دفاع بلڪه مقامي ماڻهن جي روزگار جي دفاع ۽ انهن جي ڊيموگرافيءَ جي بچاءُ لاءِ به انتهائي اهم آهي.
اسمگلنگ ۽ منشيات جي پئسي مان خريد ڪيل سنڌ جون زرعي زمينون حڪومت پنهنجي قبضي ۾ وٺي. اهڙن غير قانوني باشندن جي نشاندهي ڪرڻ هڪ عام شهري جو به فرض آهي. اسان جي غلفت يا اهو تصور ڪرڻ ته اسان سيڪيولر ۽ صوفي مزاج جا ماڻهو آهيون ۽ اسان ۾ ٻين ماڻهن کي برداشت ڪرڻ جي طاقت آهي، اهو خيال انهن افغانين لاءِ ترڪ ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجو قومي فرض ادا ڪرڻ گهرجي. جڏهن وفاقي حڪومت سنجيدگيءَ سان انهن باشندن کي نيڪالي ڏيڻ چاهي ٿي ته اسان کي به سنجيدگيءَ سان پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌ حڪومت ڪجهه اهم قدم کنيا آهن جن ۾ انٽيليجنس تي لاڳاپيل سرچ آپريشن ڪيا پيا وڃن، افغان آبادين جي مئپنگ ۽ ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي، پر ماضيءَ ۾ به ان قسم جون مهمون شروع ٿيون ۽ وري ختم ٿي ويون. اصل مسئلو سياسي ۽ اسٽريٽجڪ راند جو آهي ته ڪهڙن ڪهڙن هنڌن تي غير قانوني آبادي وڌائي ووٽ بينڪ کي تبديل ڪرڻ لاءِ اتي ماڻهن کي آباد ڪري مقامي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. ڇا هاڻي واقعي ان ۾ سنجيدگيءَ سان تبديلي آئي آهي؟ جيڪڏهن اڄ اسان انهن دهشتگردن کي پنهنجي سماج کان ٽوڙي ڌار نه ڪيو ۽ صرف اهو سوچي رهجي وياسين ته انهن مسڪينن کي تنگ نه ڪيو وڃي ته پوءِ مستقبل ڏاڍو خطرناڪ ثابت ٿيندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو