مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ادب کانسواءِ سماجي جاڳرتا ناممڪن آهي!

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ادب پنهنجي بنياد ۽ خمير کان ئي سماجي وجود جو محتاج رهيو آهي. ادب، شاعري يا داستان گوئي آسمان مان نازل ناهن ٿيندا، پر اهي انسان جي پنهنجي زمين، سماجي حالتن، بقاءَ جي جنگ ۽ سماجي حالتن مان جنم وٺندا آهن. هزارين سال اڳ غارن ۾ رهندڙ تصويرون ان جو ثبوت آهن ته جنهن ماحول ۾ انسان رهيو، ان جو تخليقي ڪم به ان جو ئي عڪس آهي. ڀٽائي ۽ سچل جي شاعريءَ ۾ ارڙهين صديءَ جي ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو جبر، ماروئڙن جي غربت، هارين جو پورهيو، سامونڊي واپار ۽ ملائيت واري جمود جا عڪس نظر اچن ٿا، جڏهن ته روسي ادب ۾ اسان کي وڏا وڏا نالا انهن ليکڪن جا ملن ٿا، جن انقلاب جي دوران ادب تخليق ڪيو ۽ انهن حالتن کي دنيا جي اڳيان پيش ڪيو. ادب تفريح يا پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ تخليق ناهي ڪيو ويندو، بلڪه اهو ادب جيڪو سماج جو آئينو نه بڻجي سگهي، ان کي ادب نٿو چئي سگهجي. ڇو ته ادب جي مشعل سان اونداهي واٽ کي روشن ڪرڻو هوندو آهي ۽ ماڻهن کي سجاڳي ڏئي اتساهه ڏيڻ ليکڪ جو ڪم آهي. لکڻ ۽ پڙهڻ کان وانجهو سماج هميشه تڪليفون برداشت ڪندو آهي ۽ اهڙو سماج جمود جو شڪار ٿي ويندو آهي. پاڪستان ۾ به ضيائي دور کانپوءِ هٿرادو اهڙيون پاليسيون ٺاهيون ويون، اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو، جنهن سان آرٽ، ڪلچر ۽ تخليقي ذهنن کي مٺي ننڊ سمهاريو ويو ۽ هڪ اهڙو طبقهءِ فڪر پيدا ڪيو ويو، جنهن مذهبي جنونيت ته پيدا ڪئي، پر اخلاقيات جي ٻيڙيءَ کي ٻوڙي ڇڏيو، جنهن سان سماج هڪ نئين ثقافت جو شڪار ٿي ويو. ڪوڙين فتوائن ۽ عزتن جي نالن تي مرد ۽ عورتون ماريا ويا ۽ وڃن پيا. اڄ اسان جو سماج پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺو آهي. سماج جي واڌ ويجهه لاءِ صرف اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ يا ڊگرين وٺڻ سان ڪوبه فرق نٿو پوي. تبديليءَ لاءِ هڪ اهڙي فڪري طبقي جي ضرورت آهي، جيڪو پنهنجن روز مره جي مسئلن تي ڀرپور انداز سان فڪشن تخليق ڪري سگهي ۽ هڪ اهڙو سماج جتي ان جا پڙهڻ وارا به موجود هجن. ان لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ کي پختگيءَ سان آزاد ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان آرٽ ۽ ڪلچر سان گڏوگڏ پنهنجي ادبي ميدان ۾ نوجوان نسل جي ذهنن جي آبياري ڪري سندن تخليقي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ سيکاريون. هن وقت سماج ۾ هر شخص جلد کان جلد امير ٿيڻ چاهي ٿو، افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته پڙهيل لکيل طبقو ان ڊوڙ ۾ وڌيڪ ڦاٿل آهي. جڏهن ته تعليم جو مقصد هرگز راتو رت امير ٿيڻ ناهي. تعليم جو مقصد شعور حاصل ڪري پنهنجي اوسي پاسي ٿيندڙ تبديلين کي محسوس ڪرڻ، خطرن کي سمجهڻ ۽ دنيا ۾ ڪهڙيون تبديليون اچي رهيون آهن، انهن جي لاءِ پنهنجن نسلن کي تيار ڪرڻ آهي. سرمائيداري نظام ڪيئن اسان جي سوچن کان وٺي اسان جي زندگيءَ جي هر پهلو تي قابض ٿي رهيو آهي، سماج ان جو مقابلو ڪيئن ڪري سگهي ٿو. سماج ۾ اخلاقي قدرن جي پاماليءَ جو حل ڪيئن ڳولهجي ۽ پنهنجو پاڻ کي هڪ منظم قوم ڪيئن بڻائجي؟ ان لاءِ فڪشن هڪ اهڙو هٿيار آهي، جيڪو اسان کي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي سماج جا اهي عڪس ڏيکاري ٿو، جيڪي سڌو سنئون ضمير کي ڌونڌاڙي سجاڳ ڪن ٿا. جنهن معاشري ۾ اسڪول غير فعال هجن، لائبريريون ڳولهي نه لڀن، اوطاقن ۽ مجلسن مان سگهڙ غائب ٿي وڃن ۽ صرف سرمائيداري نظام جا پوئلڳ هر جاءِ تي ويٺل نظر اچن، مالي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ اخلاقي قدرن جي لتاڙ ٿيندي هجي، اتي اسان کي هڪ اهڙو سماج پلجندي نظر ايندو، جيڪو جاگيرداري ۽ مادي پرستي جي ڄار ۾ ڦاٿل هوندو. 60 ۽ 70 وارو ڏهاڪو ننڍي کنڊ ۾ علم، فڪر ۽ نظرين جو ڏهاڪو هو، جڏهن سماج جي قيادت ڪندڙ طبقو پئسي وارو نه، پر استاد، شاعر، اديب، شاگرد ۽ فڪري تحرڪ رکڻ وارا ماڻهو هئا. پوءِ سماج کي پلٽايو ويو، بيان ڪيل ماڻهن کي بي وقعت ڪيو ويو ۽ اهڙن ماڻهن کي اڀاري اڳواڻ بڻايو ويو، جيڪي خون خوار جانورن جهڙو ڪردار رکڻ وارا هئا. اهي ڪردار جيڪي ڍونڍ تي ويهي حرام کائڻ پسند ڪندا هئا، پر اڄ به باشعور ماڻهن جو ضمير زنده آهي ۽ ان سماج جي پرورش چاهي ٿو. ان ساڳئي علمي، فڪري ۽ نظرياتي ڍانچي کي پلجندي ڏسڻ جو خواهشمند آهي. اڄ اسان جي معاشري ۾ استاد پنهنجو وقار وڃائي چڪو آهي، شاگرد علمي تحريڪن ۽ ترقي پسند ادب کان پري آهي، اخلاقي قدر مان وڃائي چڪا آهن. ان حالت تائين اسان راتو رات ناهيون پهتا، پر اسان ان جاءِ تي ڪيئن پهتا آهيون، جو اسڪولن جي جاءِ تي مذهبي انتهاپسندي پيدا ڪندڙن جو نيٽورڪ قائم ٿي چڪو آهي ۽ هر طرف خوف پکڙيل آهي. اديب، دانشور ۽ روشن خيال ماڻهو اڪيلو ۽ غير محفوظ آهي، اهو سوال اسان کي پنهنجو پاڻ کان پڇڻو پوندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان ان ماحول جو مقابلو ڪيئن ڪريون ۽ وري سائنسي ۽ عقلي حقيقتن کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو ڪيئن بڻايون. اسان جو قلمڪار به انهن مسئلن تي قلم کڻڻ بجاءِ اهڙن مسئلن تي لکي رهيو آهي، جنهن جو ڪو کڙ تيل نه پيو نڪري. تاريخ شاهد آهي ته فڪشن کي ليکڪن هٿيار بڻائي سماج کي سجاڳ ڪيو. خاص طور تي آمريڪا ۾ لکيل ناول “The Jungle Upton Sinclair” هي صنعتي غربت پورهيتن جو استحصال ۽ نظام جي تباهيءَ تي لکيل ناول آهي. جنهن آمريڪي صدر ٿيوڊور روزويلٽ جي پاليسي ۽ پاليسي سازن ۾ اهڙو تحرڪ پيدا ڪيو، جو آمريڪا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو باقائدي گوشت ۽ کاڌي جي لاءِ قانون پاس ٿيا ۽ سوين پورهيتن جي زندگي بدلائي ڇڏي. ان کان علاوه روس جي چيخوف جي افساني جهڙوڪ: Peasants ۽ ٽالسٽاءِ جي فڪشن اوڻيهين صديءَ جي روس ۾ ٻهراڙي جي ماڻهن جي ذهنن جون زنجيرون ٽوڙيون ۽ کين غلاميءَ کان آزادي حاصل ڪرڻ جو جنون بخشيو. مصر جي نجيب محفوظ ۽ نوال السعداوي مذهبي تعصب، انتها پسندي، غربت ۽ عورتن جي تباهيءَ تي “Cairo Trilogy” ۽ نوال جو “Woman at Point Zero” ذريعي فڪري تحريڪون اڀريون. ننڍي کنڊ ۾ به هٿرادو مذهب ۽ ملائيت خلاف لکندڙن ۾ عصمت چغتائي ۽ سعادت حسن منٽو اهڙو فڪشن لکيو، جن هڪ طبقي جا پگهر ڪڍي ڇڏيا. سنڌي ادب ۾ امر جليل “سرد خاني ۾ رکيل لاش”، “اروڙ جو مست” جهڙيون ڪهاڻيون لکي هن سماج جي منافقت جا پول پڌرا ڪيا. ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب ۾ ڄامشوري جي پسمنظر ۾ لکڻ جو رومانس اڃان ختم ناهي ٿيو، جنهن سان سماج تبديل نٿو ٿي سگهي. جڏهن ته موضوع تمام گهڻا آهن، جن تي لکي سگهجي ٿو. ساڳئي وقت اها به هڪ حقيقت آهي ته پڙهڻ جو رجحان به گهٽجي رهيو آهي. ڇو ته اسڪولن مان اهي نرسريون ختم ٿي چڪيون آهن، جتي نصاب کانسواءِ استاد فڪشن پڙهڻ لاءِ ٻارن کي اتساهه ڏيندا هئا. اسان کي پنهنجن ٻارن لاءِ ادبي ويهڪون ٺاهڻيون پونديون، اسڪولن ۾ ٻارن کي نصاب جي ڪتابن سان گڏوگڏ سائنسي، شاعراڻا ۽ لوڪ ڪهاڻين جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ همٿائڻو پوندو، ٻارن لاءِ اِي مئگزين آڻڻا پوندا ته جيئن ٻار سياسي، سماجي شعور حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي عمر مطابق فلسفي، سائنسي شعور ۽ ترقي پسند فڪشن لاءِ مستقل پليٽ فارم ڳولهي سگهن. اسان کي پنهنجين لکڻين ۾ جدت پيدا ڪرڻي پوندي. جڏهن پنهنجيون نرسريون قائم ڪنداسين، ٻارن جا مطالعاتي سرڪل بحال ٿيندا، ٻارن کي تنقيدي سوچ ملندي، سندن سوچ کي لکڻ جي صورت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سندن رهنمائي ڪئي ويندي تڏهن اسان جون لکڻيون پڙهڻ وارو طبقو پيدا ٿيندو، جيڪو فڪري سجاڳي سان سرشار هوندو ۽ سماج ۾ تبديلي آڻڻ لائق هوندو.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو