سنڌي ادبي سنگت جو شاندار ماضي ۽ بي حال مستقبل
جڏهن به ڪنهن قوم يا سماج اندر روايتي ادبي تنظيمون پنهنجي فڪري ذميداري وڃائي ويهنديون آهن ۽ اتي مفاد پرست ماڻهو جمع ٿيندا آهن، جنهن سبب انهن جو اصل روح وڃائجي ويندو آهي. دنيا جو سچو ادب ڪڏهن به سرڪاري عمارتن يا سرڪاري گرانٽن تي پلجندڙن تنظيمن مان نٿو نڪري سگهي، اهو هميشه آزاد ذهنن، گهراڻن ۽ بي باڪ پليٽ فارمن تي پلجندو آهي. لاطيني آمريڪا ۾ سياسي آمريت ۽ درٻاري ڪلچر ادبي ادارن کي قيد ڪيو ته اتي گارشيا مارڪيز پيدا ٿيو. روس ۾ زار شاهي جي ظلمن ۽ درٻاري ادبي تنظيمن جي جبر خلاف ليو ٽالسٽاءِ، ميڪسم گورڪي ۽ لينن جهڙا مفڪر پيدا ٿيا. ارڙهين صديءَ ۾ پيرس جي ڪافي خانن ۽ ادبي لڏن مان والٽيئر ۽ روسو جهڙا مفڪر پيدا ٿيا، جن انقلاب لاءِ راهه هموار ڪئي. 1952ع ۾ نور الدين سرڪي ۽ سندس ساٿي عبدالغفور انصاري سنڌي ادبي سنگت جو ٻيهر بنياد وجهي تنظيم سازي ڪئي. هنن ٻن سنڌ جي مخلص ۽ فڪرمند فرزندن هن پليٽ فارم کي ٻولي ۽ ادب جي خدمت لاءِ تعمير ڪيو. نور الدين سرڪي جيڪو هڪ باصلاحيت قانوندان هو ۽ عبدالغفور انصاري جنهن هلال پاڪستان اخبار ۾ ٻاراڻي محفل جي سري سان باقائدي ڪالم ۽ تحريرون لکي نئين نسل ۾ ٻارن جي علمي ۽ ادبي رجحان جي اوسر ڪئي. اهو پليٽ فارم جيڪو ٻن باغي ڏاهن جي فڪر سان تعمير ٿيو، اڄ زوال جو شڪار آهي. جنهن ادبي سنگت جا ميمبر شيخ اياز، گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ابراهيم جويو جهڙا ڏاها ۽ مفڪر هئا، جن جي قلم سان سنڌي معاشري اندر شعور بيدار ٿيو ان اندر 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ضياءُ الحق جي سخت سياسي ۽ فڪري سينسرشپ جڏهن باغي تنظيمن ۽ سياسي فورمن تي پابنديون لڳايون ته ادبي سنگت ئي سنڌ جي فڪري سجاڳيءَ جو واحد سهارو بڻجي اڀري. ساڳئي وقت ڪجهه حلقن ۾ مصلحت پسندي پڻ داخل ٿي، جيڪا اڳتي هلي هن پليٽ فارم جي زوال جو سبب بڻي. جنهن ۾ شاعري ۽ ادبي تنقيدن بدران ووٽن جي سياست، پينلن جي جوڙ ٽوڙ شروع ٿي وئي. جتان کان هن اهم ادبي پليٽ فارم جي اڳواڻن جي ادبي قد بت بدران سياسي پارٽين سان واسطو ٺاهي پنهنجو قد بت اوچو ڪرڻ جي ڪوشش وارو سلسلو شروع ٿيو. 2000ع کانپوءِ سنگت اندر حڪومتي گرانٽس، ادبي فنڊ ۽ سنگت جا خرچ ثقافت کاتي جي رحم و ڪرم تي اچي ويا ۽ پوءِ باغي قلم خاموش ٿي ويا. جنهن کانپوءِ گڏجاڻيون ادب لاءِ نه، وزيرن، بيوروڪريٽن کي گهرائي هار پارائڻ لاءِ ٿيڻ لڳيون. ان دور ۾ لکڻين تي سخت ادبي تنقيد ٿيندي هئي ۽ پوءِ تنقيد جو سلسلو به رڪجي ويو، پوءِ “تون حاجي مان گاجي” وارو سلسلو شروع ٿيو. جڏهن قوم جو فڪري پليٽ فارم ڦرجي وڃي ته اتان کان ان قوم جو زوال شروع ٿيندو آهي ۽ ان قوم جون لکڻيون اثر وڃائي ويهنديون آهن. جنهن سان سڄي قوم جو سماجي ۽ فڪري ڍانچو بحرانن جي ور چڙهي ويندو آهي. ڇو ته قوم جو فڪري ضمير ۽ باغي آواز خاموش هوندا آهن جڏهن سرڪاري گرانٽون ملنديون آهن يا عهدا ملندا آهن ته اهڙي وقت ۾ آواز اٿاريندڙ قوم جي بحرانن لاءِ حقيقي آواز اٿي ناهن سگهندا. جڏهن ته نئين نسل کي اهڙن رهبرن جي ضرورت هوندي آهي جيڪي سندن رهنمائي ڪري تربيت ڪري سگهن. ان وقت قوم هڪ يتيم ٻار وانگر نظر ايندي آهي، پر تاريخ اهو به ثابت ڪيو آهي ته جڏهن اهڙا پليٽ فارم ڪمزور ٿيندا آهن ته ٻيا وري نوان آزاد پليٽ فارم پاڻمرادو جنم وٺندا آهن. شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ جو مڃيل عظيم شاعر ۽ دانشور جنهن سنڌي ادبي سنگت جي ترقي پسند، فڪر ۽ ساهت کي شاعريءَ ذريعي نئين روشني ڏني. محمد ابراهيم جويو جنهن ترجمن ۽ پنهنجن لکيل ڪتابن سان اسان جي سرواڻي ڪئي. مولانا غلام محمد گرامي جيڪو ادبي سنگت جو تحقيقي ۽ فڪري اثاثو رهيو، سراج الحق ميمڻ ناميارو اديب، محقق، روزاني هلال پاڪستان جو سينيئر ايڊيٽر جنهن سنگت کي تنظيم سازي ۽ فڪري هٿي ڏني. ان پليٽ فارم تان امر جليل، جمال ابڙو، سميرا زرين، تنوير عباسي، نياز همايوني، امداد حسيني، شمشيرالحيدري، رشيد ڀٽي جهڙا قدآور ماڻهو پيدا ٿيا، جن پنهنجي باغي قلم سان قوم اندر ولولو پيدا ڪيو، ادبي سنگت سندن ڏاهپ سان هڪ اسٽڊي سرڪل بڻجي وئي، جتي سڄي سماج ۾ تحريرون پڙهيون ۽ انهن تي کليون تنقيدون ٿينديون رهيون، جنهن سان علمي ۽ تنقيدي ماحول مضبوط ٿيو. جنهن علمي ۽ ادبي شعور لاءِ تحرڪ پيدا ڪيو. 1955ع ۾ جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پاش پاش ڪرڻ جا جتن ڪيا ويا، تڏهن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان قلمي ۽ فڪري آواز بلند ٿيو. جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري دفترن مان ختم ڪرڻ جون ڪوششون ٿيون تڏهن به سنڌي ادبي سنگت ان خلاف مزاحمت ڪئي. 1962ع ۾ ايوب خان جي دور ۾ تعليمي ڪميشن جي رپورٽ خلاف تحريڪ هلائي وئي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي نئين سيٽ اپ ۾ تعليمي ترجيح تان هٽايو پئي ويو، سنگت ان جي بحالي لاءِ راهه هموار ڪئي. ان وقت سنگت تفريح نه، پر سماج جي سجاڳيءَ جو حقيقي هٿيار بڻجي ڪم ڪيو. جديد شاعري جنهن ۾ غزل، آزاد نظم، هائيڪو، ترائيلي ۽ نيون صنفون متعارف ٿيون. جن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ امداد حسيني جي سِرن تي ان جو سهرو آهي. واقعاتي ڪهاڻين بدران انسان جي اندروني ڪشمڪش، سماجي ناانصافين ۽ سياسي شعور تي ڪهاڻيون لکيون ويون، جن ۾ جمال ابڙو، امر جليل ۽ علي بابا جا نالا سر فهرست آهن. قلمڪارن مارشلائي دور ۾ ادبي تحريڪون هلائي پنهنجي قلم جي حرمت جو دفاع ڪيو. جنهن کانپوءِ سنگت ۾ ڌڙي بندي شروع ٿي وئي ۽ اها فڪري جمود جي هٿ ور چڙهي وئي. هن وقت اها تنظيم پنهنجي فڪري ۽ معياري ساک وڃائي چڪي آهي. تنظيم اندر مرداڻي تسلط عورت ليکڪائن کي صنفي تعصب سان ڏسڻ شروع ڪيو ۽ انهن کي ادبي سنگت جو ڌار پليٽ فارم ٺاهڻ جي ضرورت پئجي وئي. جيڪا عورتن کي تحفظ ۽ خود اعتمادي فراهم ڪري ٿي. ٻئي پاسي ڏٺو وڃي ته عورت کي سوين سال پراڻي ريتن ۽ رسمن جي حوالي ڪري ڌار ڪيو ويو يا ايئن چئجي ته ثانوي حيثيت ڏئي کين سماج ۾ پنهنجو ڌار حلقو قائم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي. وقت جي تبديلين ۽ ڌڙا بندي ڪلچر اسان جي نوجوان کي ادبي سرگرمين کان پري ڪري بيهاريو آهي، پوري قوم ان جو نقصان ڀوڳي رهي آهي. جڏهن نوجوان اهڙن طبقن مان غائب هجي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اتي فڪري خالي پڻو پيدا ٿي چڪو آهي. اڄ جو نوجوان سنڌي ادبي سنگت سان ڳنڍيل ناهي، مطلب ته اهو نوجوانن لاءِ ڪابه ڪشش نٿو رکي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته نوجوان خاموش ٿي وڃن، اهي پنهنجا آزاد ادبي پليٽ فارم پاڻ اڏي پنهنجي مدد سان پاڻ پنهنجون فڪري راهون ڳولهي سگهن ٿا.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟