مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ادب ۽ سياست جو تاريخي لاڳاپو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ادب ۽ سياست جو پاڻ ۾ صديون پراڻو لاڳاپو آهي. تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به سماج ۾ سياسي تبديليون، انقلاب يا ظلم ۽ جبر جا دور آيا آهن، ادب انهن کان متاثر ٿي انهن تي اثر انداز ٿيو آهي. ڇو ته ادب ڪنهن شاعر، اديب ۽ مفڪر جي شعور ۽ ذميداريءَ جو سرجڻ آهي. دنيا جي وڏن وڏن انقلابن، جن ۾ فرانسيسي ۽ روسي انقلاب شامل آهن، انهن ۾ اديبن، مفڪرن پنهنجين تحريرن سان وڏو ڪردار ادا ڪيو، جن ۾ روسو، والٽيئر ۽ گورڪي جهڙا اديب شامل آهن. سنڌي ادب جي تاريخ سياسي جدوجهد سان ڀرپور آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام وطن دوستي، خودداري ۽ حڪمرانن جي ظلم خلاف مزاحمت جو شاندار مثال آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو دور سنڌ جي سياسي، معاشي ۽ اجتماعي تاريخ جو سخت ترين بيچيني، اقتدار جي تبديلي ۽ ٻاهرين سامراجي حملن جو دور هو. جنهن ۾ مرڪزي دهلي سلطنت ڊهي رهي هئي، سنڌ پنهنجي خود مختياريءَ لاءِ جهيڙي رهي هئي ۽ عام ماڻهو گهرو ويڙهه توڙي ٻاهرين لٽ جو شڪار هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دور ۾ مغل سلطنت جو زوال ۽ سنڌ ۾ بي سڪونيءَ وارو دور هو. مغل نواب نااهل ثابت ٿي چڪا هئا، مقامي زميندارن جي گهرو ويڙهه سنڌ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري ڇڏيو هو. ڪلهوڙن جي دور جو اڀار ۽ مذهبي سياسي ڇڪتاڻ وڌي رهي هئي. جيتوڻيڪ هي دور سنڌ جي خود مختياريءَ جو آغاز هو، پر هڪ ئي وقت مذهبي جنون به وڌي رهيو هو ۽ ترقي پسند تحريڪن خلاف شڪنجو سخت ٿي رهيو هو. جنهن ۾ شاهه عنايت شهيد صوفي تحريڪ کي ڪلهوڙن ۽ مغل نوابن گڏجي 1718ع ۾ شهيد ڪيو. 40-1739ع ڀٽائي جي حياتي ۾ نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪيو. ان جي قتل کانپوءِ افغانستان جي احمد شاهه ابدالي سنڌ تي حملا شروع ڪيا. اهڙي دور ۾ سر مارئي ذريعي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پنهنجي وسيلن مٽي ۽ ثقافت تي سمجهوتو نه ڪرڻ جو کليل سياسي انڪار آهي. عمر بادشاهه جون ڏنل لالچون حڪمرانن طرفان ڏنل مراعتن جو استعارو آهن. سر ڪيڏارو صرف هڪ مذهبي مرثيو ناهي، پر حق ۽ باطل جي سياسي ويڙهه جو داستان آهي. ڀٽائيءَ جي شاعري جيڪا هميشه هيٺئين طبقي هاري، ماهيگير، چوپايو مال پاليندڙ جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪا ان وقت جي سياسي حالتن جي اثر سان ڀرپور آهي. سُر گهاتو سمنڊ جي حڪمران سامراج کي مارڻ، اقتصادي خود مختياري لاءِ جدوجهد جو استعارو آهي. ڀٽائي جڏهن سر سارنگ ۾ عالمي ۽ مقامي آبادڪاريءَ جي دعا گهري ٿو تڏهن هو مالي عدم مساوات جي خاتمي ۽ وسيلن جي عام ماڻهو تائين رسائيءَ واري سياست جي ڳالهه ڪري ٿو. سر ليليٰ چنيسر ۾ اقتداري طبقي چنيسر ۽ مغل نوابن جي غرور، مصلحتن ۽ بيوفائي کي ننگو ڪري ٿو. اقتدار جي ناپاڪي ۽ لالچن تي تنقيد ڪندي هو ثابت ڪري ٿو ته اخلاقي بنيادن کان محروم حڪومتي ڍانچو گهڻي وقت تائين قائم نٿو رهي سگهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان گڏوگڏ محمود درويش ۽ پيبلو نرودا جيڪي مختلف صدين ۽ مختلف جاگرافيائي حدن ۾ پيدا ٿيا، پر انهن جي پيغام ۾ بنيادي حڪمت ۽ سياسي شعور جو رشتو حيرت انگيز حد تائين هڪ جهڙو آهي. هي ٽئي شاعر پنهنجي قومن جي بحرانن، بي انتها رياستي يا سامراجي جبر ۽ ڌرتيءَ جي نيلامي واري دور ۾ رڳو شاعر نه، پر اجتماعي ضمير جا اڳواڻ بڻجي اڀريا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ارڙهين صديءَ جو سنڌ ڌرتيءَ جو شاعر، جنهن جو فطرت سان گهرو رشتو هو جنهن سر مارئي ۽ سر سارنگ ذريعي ڌرتيءَ جي مٽي، لوئي ۽ ملير جي فطرت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳائي عمر جي ڪوٽ ۾ قابض طاقت کي ننگو ڪيو. محمود درويش ويهين ۽ ايڪيهين صديءَ جو فلسطين جو شاعر جنهن اسرائيلي قبضي جي خلاف پنهنجو قلم استعمال ڪيو. ويهين صديءَ جو لاطيني آمريڪا جو پيبلو نرودا جنهن “ڪينٽو جنرل” ذريعي جيڪا سندس هڪ رزميا مزاحمتي شاهڪار آهي لاطيني آمريڪا جي مٽي، پٿرن ۽ جبلن جي تاريخ لکي پرڏيهي ڪمپنين ۽ فاشسٽ آمريت جو انڪار ڪيو. ڀٽائي مارئي جي روپ ۾ عمر جي محلن، زيورن ۽ ريشمي لباسن جي بدلي بندياڻيءَ واري روپ کي ترجيح ڏني، جنهن جو فلسفو اهو آهي ته پرڏيهي حڪمرانن پاران ڏنل مراعتون قومي غلاميءَ جو طوق آهن. محمود درويش پنهنجي مشهور نظم “هتان نڪري وڃو” ۾ قابض طاقتن کي کلم کلا چئلينج ڏئي ٿو ۽ ڀٽائيءَ وانگر پنهنجي مٽيءَ جو حق ادا ڪري ٿو. پيبلو نرودا چلي جي عوام، پورهيتن کي سامراجي لٽ خلاف بيدار ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته اديب جو اصل امتحان آمريت جي درٻار ۾ قصيدو لکڻ نه، پر پنهنجن ماڻهن جو آواز بڻجڻ آهي. ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ علامت نگاري، مارئي، مهاڻا، آري، پنڌ ڪري چڙهندڙ سسئي جا ڪردار جدوجهد ڪندڙ ماڻهن جي سياسي مزاحمت جي تصوير آهن. جڏهن ته محمود درويش جو “زيتون جو وڻ”، “پاسپورٽ”، “ليمن جا وڻ” ۽ “پٿر اڇليندڙ ٻار” اهڙيون علامتون آهن جيڪي فلسطين جو بيانيو بڻجي ويون. نرودا سمنڊ، ٽامون، ٻيلا ۽ پورهيت جا هٿ علامتون بڻائي لاطيني آمريڪا جي وسيلن جي تحفظ جو منشور پيش ڪيو. انهن ٽنهي اديبن وٽ مايوسيءَ لاءِ ڪابه جاءِ ناهي. ڀٽائي سر سارنگ ذريعي دنيا جي خوشحالي جي بشارت ڏئي ٿو. جڏهن ته محمود درويش فلسطينين جي تباهيءَ جي باوجود نئين نسل جي نڪرڻ جي گواهي ڏئي ٿو ۽ پيبلو نرودا عوامي طاقت اڳيان آمرن جي پٺتي هٽڻ جو يقين فراهم ڪري ٿو. هن وقت سنڌ سان جيڪي ڏاڍايون ٿي رهيون آهن، اسان جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. کين شاهه جي فڪر مان پنهنجي فڪري چڻنگ ٻارڻ گهرجي. سنڌ جو فڪر ۽ تاريخي مزاحمت اڃان تائين موجود آهي. جڏهن سياسي فضا سخت ٿيندي آهي تڏهن فڪشن، علامتي شاعري ۽ ڊرامه نگاري هڪ اهڙو هٿيار بڻجي اڀرندا آهن جنهن سان اديب، شاعر انهن طاقتن سان مهاڏو اٽڪائيندا آهن جيڪي ملڪ ۾ ون يونٽ جهڙي آمراڻي دور جو آغاز ڪندا آهن يا مارشلائون لاڳو ڪندا آهن. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ تي جڏهن به ڏاڍ ٿي آهي ته اتان جي اديبن جو ڪردار تمام گهڻو مزاحمتي رهيو آهي. جن علامتي ڪهاڻين، نظمن ۽ شاعري ذريعي عوام کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جي عوام وٽ اها طاقت صرف موروثي نه، پر هن ڌرتيءَ جي فڪري ۽ شعوري ڊي اين اي جو روح آهي. جنهن جو مثال شاهه عنايت جي سوچ ۽ مزاحمت، حيدر بخش جتوئي جي هاري تحريڪ، سامي، سچل جو سامراج خلاف اجتماعي آزاديءَ جو احساس پنهنجي شاعري ذريعي ڏيارڻ، شيخ اياز، امداد حسيني جي شاعري ون يونٽ جهڙي آمراڻي سياسي ڍانچي خلاف عوام کي گهٽين ۽ ميدانن تائين آندو. ابراهيم جويو، جهڙن نثر نويسن فڪري اڳواڻن سنڌي شعور کي عالمي ترقي پسند تحريڪن سان جوڙيو. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪڏهن نئون ادب نه به لکيو پيو وڃي تڏهن به اسان جو تاريخي ادب وري سان پنهنجي نوجوان نسل کي پڙهايو وڃي، ڇپرايو وڃي، ورهايو وڃي. شيخ اياز جي ون يونٽ مخالف دور واري شاعري سنڌ جي سياسي، قومي ۽ ادبي تاريخ جو اهڙو موڙ آهي جنهن سنڌي شاعريءَ کي رڳو رومانيت ۽ جمال تائين محدود رکڻ بجاءِ سياسي شعور ۽ مزاحمت ۾ تبديل ڪيو. سندس ساهيوال جي ڊائري سنڌي ادبي تاريخ جو اهو شاهڪار ۽ مزاحمتي نان فڪشن پورهيو آهي، جڏهن ايوب جي آمريتي دور ۾ ڊي پي او جي قانون تحت کيس گرفتار ڪري ساهيوال جيل ۾ رکيو ويو، جتي هن ڊائري تحرير ڪئي. اها ڊائري سنڌ جي سجاڳي، قومي غيرت ۽ فڪري پختگيءَ جو منشور آهي. هن وقت اسان کي ڪوبه اهڙو ليکڪ، ايڏو وڏو شاعر يا اهڙو ڪو ڪهاڻيڪار نظر نٿو اچي، پر خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت عوام پنهنجي ماضيءَ جي اديبن، شاعرن ۽ سورهين جي ڏنل شعور جو استعمال ڪري پنهنجي فڪري گهرائيءَ سان جيڪا سندن ڊي اين اي جو حصو آهي پنهنجي جنگ پاڻ وڙهي رهيو آهي، پر ضروري آهي ته ادب جي ذريعي اديب پنهنجو تاريخي ڪردار ضرور ادا ڪري.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو