سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن جي کوٽ
دنيا جي ڪيترن ئي سائنسدانن اعتراف ڪيو آهي ته کين نيون ايجادون ڪرڻ جو خيال سائنس فڪشن ڪتاب پڙهي آيو. موبائل فون جو خيال پهرين اسٽارٽريڪ فڪشن سيريز ۾ ڏيکاريو ويو هو. روبوٽڪس جا تصور پهرين فڪشن ۾ آيا. سائنس فڪشن سماج کي ايندڙ خطرن کان خبردار ڪري ٿو. ڇو ته هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي سماج تي اثرن ۽ تباهين بابت لکي سماج کي اڳواٽ قانون سازي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو. اهو سماج کي پراڻين سوچن، وهمن ۽ وسوسن کان به ٻاهر ڪڍي ٿو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي اسان جي اخلاقيات ۽ رشتن کي بدلائي رهي آهي. سوشل ميڊيا ان جو سڀ کان وڏو مثال آهي. جنهن به سماج ۾ سائنس فڪشن لکيو ۽ پڙهيو ويندو آهي اهو ڄڻ پاڻ کي مستقبل لاءِ تيار ڪندو آهي. سنڌي ادب ۾ هيستائين جيڪو ڪجهه به لکيو ويو آهي تمام تخليقي ۽ اعليٰ معيار جو آهي، پر ان ۾ اسان کي سائنس فڪشن جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي. شروعاتي دور ۾ ڪجهه ترجما سنڌي ڪتابن ۾ شامل ڪيا ويا، پر سائنس فڪشن کي باقائده هڪ صنف طور اڃان تائين ليکڪن اختيار ناهي ڪيو. جڏهن ته اسان وٽ هن وقت سڀني کان وڌيڪ پسنديده ڪئمپس ناول آهن، جيڪي سنڌ يونيورسٽي جي ڪاريڊورن اندر پلجندڙ لو اسٽورين تي لکيا ويا آهن يا اهي ڪهاڻيون جن جو پسمنظر ڪئمپس جو آهي. جنهن ۾ سڀني کان وڌيڪ ناول طارق عالم ابڙو جو “رهجي ويل منظر” لاجواب مثال آهي. جيتوڻيڪ هي فائن آرٽس جي فيڪلٽي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي، پر ان جي سڄي ڪهاڻي انساني نفسيات، اندروني ڀڃ ڊاهه ۽ وجودي بحران تي ٻڌل آهي. اهو ناول اڄ به سنڌ جي نوجوانن جو سڀ کان وڌيڪ پسنديده ناول آهي، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌي ادب کي ڇا هاڻي وڌيڪ ڪئمپس ناولن جي ضرورت آهي يا هاڻي اسان کي وقت سان گڏ ارتقا جو سفر ڪندي ٿورو اڳتي وڌي پنهنجي ادب ۾ اهڙي سوچ شامل ڪرڻ گهرجي جيڪا اسان جي نوجوانن جي مستقبل جو تعين به ڪري سگهي، انهن جي اندر مختلف سائنسي مضمونن جي چونڊ ڪرڻ لاءِ انهن جي رهنمائي ڪري سگهي. ڇو ته وقت سان گڏوگڏ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ نفسيات ۾ ايتريون ته ايجادون، تحقيقون ۽ گڏوگڏ ٻين ملڪن مان لکيل ناول اسان جي اڳيان ايندا رهن ٿا، جن جو اثر اسان جي ڪجهه ليکڪن تي به نظر اچي ٿو، جن مان ڊاڪٽر رسول ميمڻ هڪ آهي. ڊاڪٽر رسول ميمڻ هڪ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هو ۽ گڏوگڏ هڪ فڪشن رائيٽر به. ان شيءِ سندس لکڻين کي هڪ نئون رخ ڏنو جنهن ڪري سندس فڪشن منفرد نظر اچي ٿو. هن روايتي فڪشن کان بغاوت ڪندي پنهنجو پاڻ کي محدود ڪرڻ بجاءِ شهري زندگي، ٽيڪنالاجي جي اثرن ۽ سائنسي دور جي انسان جي اندروني ڀڃ ڊاهه کي پنهنجي لکڻين جو موضوع بڻايو. سندس ناول “سائيڪو” جيڪو جديد دور جا انسان تي پوندڙ دٻاءُ، بيماريون، سائنسي تناظر ۾ ڏيکاريل آهن. ان کان علاوه سندس ناول “پيراڊائيز” ۽ سندس ڪهاڻين جي مجموعن مان هڪ “کلندڙ لاش” بليڪ هيومر جو اعليٰ نمونو آهي. هن مجموعي جي ڪهاڻين ۾ ميڊيڪل سائنس جي پسمنظر، اسپتال جي دنيا، ليبارٽرين، بيمارين ۽ انسان جو پنهنجي ئي جسم ۽ ٽيڪنالاجي سان جيڪو هڪ عجيب رشتو جڙي ٿو اهڙن موضوعن کي ڪهاڻين جو مرڪز بڻايو ويو آهي. اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته سندس پڙهندڙن جو هڪ مخصوص هلڪو آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان وٽ سنڌي فڪشن نگارن هن طرف نه اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ وڌيڪ لو اسٽوريون، رومانوي ناول لکيا وڃن ٿا يا وري ايئن چئجي ته سماجي مسئلن تي لکيو وڃي ٿو. سنڌي پڙهندڙن جي وڏي اڪثريت تاريخي، سياسي، رومانوي ۽ سماجي حقيقت پسندي واري ادب کي پسند ڪري ٿي. جنهن ۾ امر جليل، نسيم کرل، طارق اشرف، نجم عباسي جهڙن ليکڪن کي پسند ڪيو وڃي ٿو. وقت جي تبديلي کي اختيار نه ڪرڻ سان تبديلي رڪجي نه ويندي، بلڪه ماڻهو پٺتي رهجي ويندو، اسان کي به تبديل ٿيڻو پوندو. ڇو ته هن وقت نه صرف ٽيڪنالاجي جي تبديلي سان انسان جي زندگيءَ تي اثر پئجي رهيا آهن، بلڪه انسان جي صديون پهريون ٺاهيل ٽيڪنالاجي خود هڪ تاريخ بڻجي انسان جي اڳيان اي آءِ جي صورت ۾ هڪ مد مقابل دنيا بڻجي اڀري آئي آهي. جنهن کي اسان جيڪڏهن فڪشن ۾ استعمال نٿا ڪريون ته ادب جي دنيا ۾ هڪ وڏو خال رهجي ويندو. حقيقت اها آهي ته سنڌي سماج ۾ سائنس جو لاڙو قومي سطح تي موجود ناهي، پر انفرادي طور فردن جي دلچسپيءَ جو باعث ضرور رهيو آهي. ان جو سبب اهو به آهي ته اسان جو ٻار جيڪو اسڪولن مان پڙهي نڪري ٿو اهو ادب جو قاري به آهي، ان کي ننڍي هوندي کان وٺي سائنس سان دلچسپي پيدا نٿي ڪرائي وڃي. ڇو ته ان جي اسڪولن ۾ سائنس جو مضمون ڪنهن عام مضمون وانگر ئي پڙهايو وڃي ٿو، ان جا سائنسي تصور واضح نٿا ڪيا وڃن، ان کي اسڪولن ۽ ڪاليجن اندر ليبارٽرين جي سهولت نه هجڻ ڪري نه سائنس جا تجربا ڪري ٿو ۽ نه ئي سائنسي انداز ۾ سوچي ۽ سمجهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو اسان جو قومي مزاج سائنس جي بنيادن تي اسري نه سگهيو آهي. جڏهن ته مغرب ۾ ان جي ابتڙ آهي. جيڪڏهن سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن تي ڪي ڪتاب هوندا ته اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا. ڇو ته سائنس فڪشن لکڻ لاءِ صرف خيال نه، بلڪه سائنسي تصورن ۽ نظرين جي گهري ڄاڻ ۽ معلومات بابت گهرائي ۽ تحقيق جي ضرورت پوي ٿي. جنهن جو تعلق وري به ليکڪ جي اسڪول ۽ ڪاليج واري زندگيءَ سان ئي جڙي ٿو. جيڪو اسان پنهنجي ڪمزور تعليمي نظام ڪري جوڙي نه سگهيا آهيون. ان جي مقابلي ۾ اردو فڪشن ۾ سائنس فڪشن جي صورتحال سنڌي ادب کان ٿوري بهتر نظر اچي ٿي. اصل ۾ ليکڪ گهڻو ڪري انهن مسئلن تي لکن ٿا جن کي سماج ۾ هر ماڻهو جو مسئلو سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سائنس فڪشن جا پڙهندڙ تمام محدود هوندا، پر جيڪڏهن اهو مسلسل تخليق ٿيندو رهيو ته پڙهندڙن جو حلقو وڌي سگهي ٿو. اسان جو ليکڪ نون موضوعن تي لکڻ کان گهٻرائي ٿو، ڇو ته ان وٽ بنيادي سائنسي معلومات گهٽ آهي، جنهن جا پيرا وري به اسڪولن ۽ ڪاليجن ڏانهن ئي وڃن ٿا. بليڪ مرر ۽ ڊارڪ جهڙيون ڊرامه سيريلز جيڪي نيٽفلڪس تي نوجوانن ۾ تمام مقبول آهن، جن ۾ سائنسي ۽ نفسياتي گهرائي رکندڙ ڪهاڻيون ڏيکاريل آهن جيڪي نوجوانن کي وقت جي حقيقت سان ڳنڍين ٿيون ۽ کين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي غلط ۽ صحيح استعمال جي باري ۾ آگاهي ڏين ٿيون. ليکڪ حقيقت ۾ سماج جو آئينيدار هوندو آهي. سماج ۾ جيڪي به تبديليون اينديون آهن چاهي اهي سائنس جي ميدان ۾ اچن يا سماجي طور اچن انهن سڀني تي ان جي نظر هجڻ گهرجي ته جيئن هو انهن کي فڪشن سان ڳنڍي نوان تجربا ڪندو رهي ۽ پڙهندڙ کي نيون شيون ملنديون رهن. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي فڪشن ۾ سائنسي موضوعن کي جاءِ ڏيون. سائنس فڪشن پڙهڻ ۽ لکڻ وارن کي تيار ڪرڻ لاءِ اسين پنهنجن اسڪولن ۽ ڪاليجن کي سائنس جي سبجيڪٽن پڙهائڻ لاءِ ميرٽ تي سٺا استاد مهيا ڪريون ته جيئن اهي هڪ شاگرد جا سائنسي نظريا ۽ تصور واضح ۽ چٽا ڪري سگهن، جيڪي اڳتي هلي سائنس فڪشن لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ مددگار ثابت ٿين.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟