ادبي ميدان ۾ همسريءَ جو ڪردار
همسري مئگزين جو ايڊيٽوريل پنهنجن پڙهندڙن سان پنهنجي سفر، ان جي چئلينجن، ڪاميابين ۽ ناڪامين جو سلڻ هوندو آهي. همسري پنهنجي يارنهن سالن جي سفر کانپوءِ جڏهن اهو محسوس ڪيو ته اخبار جي ذريعي اسان سماجي ۽ سياسي سجاڳي جو ڪم ڪري رهيا آهيون ته همسري مئگزين کي مڪمل طور تي ادبي مئگزين بنائڻ وقت جي ضرورت آهي. ڇو ته ادب جي ماٺار سماج ۾ مختلف بيمارين جو سبب بڻجي وڃي ٿي. ان ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو هرگز ناهي ته سنڌيءَ ۾ ادب نه پيو لکيو وڃي يا نه پيو پڙهيو وڃي، پر جيئن ته مئگزين هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪندا آهن، جتي نوان ليکڪ پنهنجا قدم رکي آهستي آهستي لکڻ جي شروعات ڪندا آهن ۽ مختلف ادبي صنفون پڙهي پوءِ انهن ۾ لکڻ جا تجربا ڪندا آهن ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ڪنهن وڏي مقام تي پهچي پنهنجو نالو ٺاهيندا آهن. نه صرف ايترو بلڪه اهي پنهنجي لکڻين ذريعي عوام اندر مسلسل شعور جي آبياري ڪندا آهن. ڪنهن به مئگزين جي مسلسل اشاعت سان عوام انهن مئگزينن کي پڙهڻ شروع ڪندو آهي، جنهن سان لکڻ ۽ پڙهڻ جو رجحان جنم وٺندو آهي، مسئلن تي بحث مباحثا ٿيندا آهن، تنقيد جنم وٺندي آهي ۽ سماج ۾ قائم ماٺار آهستي آهستي ٽٽڻ شروع ٿيندي آهي ۽ پوءِ هڪ متحرڪ سماج جنم وٺندو آهي.
همسري ان تحرڪ جو مقصد کڻي پنهنجو سفر شروع ڪيو هو ۽ اڄ ان ڳالهه جو اظهار ڪري خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اڄ اسان جو مئگزين لڳ ڀڳ يارنهن سالن جي ڪوشش کانپوءِ هاڻي 90 سيڪڙو ادبي مئگزين بڻجي چڪو آهي. ان جا ايڊيٽوريل ادب جي حوالي سان لکجي رهيا آهن، جيڪا سنئون سڌو ليکڪن سان، پڙهندڙن سان اسان جي ڳالهه ٻولهه جو ذريعو آهن. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هن مئگزين ۾ نون ۽ نوجوان ليکڪن پنهنجي سوچ ۽ پنهنجي لکڻين جي سگهه جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ اهي مسلسل پنهنجين لکڻين ۾ نواڻ آڻي اهڙن موضوعن تي لکي رهيا آهن جيڪي سماج جا جيئرا جاڳندا مسئلا آهن. لفظ صرف ڪاغذ تي پاتل ليڪا ناهن هوندا، بلڪه اهي روح جي تنهائيءَ جو آواز ۽ سماج جو آئينو هوندا آهن. اهي لفظ جيڪي پني تي اڪرجي لفظ بڻجن ٿا، ڪهاڻيون بڻجن ٿيون يا ڪنهن احساس سان ڀرپور ڪو ادبي شهپارو بڻجي وڃي ٿو ان جي پٺيان ڪو نه ڪو تجربو يا ڪو نه ڪو احساس ضرور ڳنڍيل هوندو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي ان ليکڪ جي ادبي سفر يا ان جي احساس سان ڳنڍيندو آهي ۽ اتان سکڻ جو موقعو فراهم ڪندو آهي. ڪيترن ئي ماڻهن جو اهو خيال آهي ته سياست ئي سماج ۾ تبديلي پيدا ڪري سگهي ٿي، پر اصل ۾ سياست ۾ روح ادب جي طاقت سان ئي پيدا ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته ادب اها سگهه آهي، اهو آواز آهي، جيڪو بنا ڪنهن تشدد يا بنا ڪنهن گولي هلائڻ جي انسانن جي ذهنن ۽ احساسن کي تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. لفظن کان وڌيڪ وڏو ڪوبه هٿيار ناهي ۽ جڏهن اهي ڪنهن ڪهاڻيءَ جو روپ اختيار ڪندا آهن يا ڪنهن نظم ۽ شعر جو حصو بڻجي ويندا آهن ته اهي ڪنهن طاقتور هٿيار کان به وڌيڪ طاقتور بڻجي دلين تي طلسماتي اثر ڇڏيندا آهن ۽ معاشرن ۾ هلچل ۽ تحرڪ پيدا ڪندا آهن. جن سماجن ۾ گهڻو لکيو ۽ پڙهيو ويندو آهي، اهي سماج تمام خاموشيءَ سان پنهنجو پاڻ کي ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ مهذب بڻائيندي تبديل ڪندا ويندا آهن. اسان کي خوشي آهي ته همسري هڪ خوبصورت ٽرينڊ سيٽ ڪندڙ مئگزين بڻجي هن وقت سنڌي سماج جي ماٺار کي هڪ خوبصورت انداز سان تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ اسان وٽ تمام سٺا ليکڪ تمام خوبصورت ۽ ڏکين موضوعن تي ڪهاڻيون لکي رهيا آهن، جنهن سان ليکڪ پنهنجي سماج جي انهن اونداهن ۽ بدبودار پاسن ڏانهن نظر وجهڻ لاءِ پنهنجين ڪهاڻين ذريعي عام ماڻهو کي مجبور ڪن ٿا ته سماج جي منافقت، ٻٽي معيار ۽ گندگي کي ڏسي سگهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ليکڪ جي هٿان ڪا اهڙي ڪهاڻي به لکجي وڃي ٿي، جيڪا ٿوري دير لاءِ پڙهندڙ کي ناگوار لڳي ٿي، پر اها ناگواري ئي حقيقت ۾ اهو سچ هوندو آهي، جيڪو سماج ۾ ڪٿي نه ڪٿي موجود هوندو آهي ۽ اسان ان کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون هوندا. هڪ سچو اديب سماج جو جراح هوندو آهي، اهو زخم تان جڏهن پردو هٽائي ٿو ته ان جي بدبوءِ سڄي سماج کي پنهنجي علاج ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي.
ان کان علاوه خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هر شماري ۾ هڪ يا ٻه ڪتابي تبصرا به شامل هوندا آهن، جيڪي پڙهندڙن کي مختلف ڪتابن جي باري ۾ معلومات فراهم ڪري انهن کي نوان ڪتاب پڙهڻ لاءِ اتساهيندا آهن. اهو ڪتاب چاهي ماضيءَ ۾ لکيو ويو هجي يا حال ۾، پر ڪتابن تي لکيل تبصرا اسان کي اهو ياد ڏياريندا آهن ته اسان کي اهو ڪتاب پڙهڻ گهرجي، ڪتاب سان چاهه رکڻ گهرجي، ڪنهن به قوم جو بچاءُ ان جو ادبي ورثو ئي ٿي سگهي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن حملا آور ڪنهن به قوم جي مٿان حملو ڪندا هئا ته سڀ کان پهرين انهن جون لائبريريون تباهه ڪيون وينديون هيون، انهن جي عالمن کي موت جون سزائون ڏنيون وينديون هيون ته جيئن علم جا دروازا بند ٿي وڃن. علم جو حصول صرف اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ذريعي نٿو ٿي سگهي، بلڪه ادب پنهنجي ۽ دنيا جي سماج کي پڙهڻ جو هڪ خوبصورت ذريعو آهي. همسريءَ جو پليٽ فارم انهن سڀني ڪهاڻيڪارن کي هميشه ڀليڪار چوي ٿو، جيڪي معاشري جي گندگيءَ تان پردو کڻن ٿا، صرف ان ڪري ته جيئن ان گندگيءَ کي صاف ڪري سگهجي. همسري جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته پنهنجن انهن نون لکندڙن کي هي پليٽ فارم مهيا ڪري، جن جي لکڻين ۾ سگهه آهي. سماج کي مثبت طريقي سان تبديل ڪرڻ اسان سڀني جي ذميداري آهي. جنهن ۾ سڀ کان وڏي ذميداري هڪ ليکڪ جي آهي ۽ اسان ان ليکڪ کي هميشه پنهنجي پليٽ فارم تي دعوت ڏيندا رهون ٿا ۽ جيڪي ليکڪ اسان جي پليٽ فارم تي پنهنجون لکڻيون کڻي اچن ٿا اهي توهان جي اڳيان رکون ٿا. هن اونداهيءَ رات ۾ اسان هڪ ننڍي ڏيئي وانگر پنهنجي هلڪي روشنيءَ سان ادبي سفر جو تسلسل جاري رکيو آهي. جنهن ۾ ڪيترائي نوان ساٿي اسان سان گڏ شامل ٿي هن معاشري کي روشني مهيا ڪري رهيا آهن. اميد آهي ته اسان جا نوجوان وڌ کان وڌ پنهنجو مقامي ۽ عالمي ادب پڙهندا ۽ لکڻ لاءِ هن پليٽ فارم کي به ضرور چونڊيندا ته جيئن سندن احساس ۽ فڪر جي طاقت سان اسان سڀ گڏجي پنهنجي سماج کي مثبت رخ ڏئي تبديل ڪري سگهون.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟