مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

همسريءَ جا 11 سال: فڪري آزاديءَ کان سبسڪرپشن ماڊل جي نئين سفر ڏانهن وک

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

همسري جي پڙهندڙن کي مئگزين جا يارنهن سال پورا ٿيڻ جي مبارڪ هجي. همسريءَ جو خيال جيڪو يارنهن سال اڳ منهنجي ذهن ۾ هڪ فڪر وانگر ڦٽو هو، انهن يارنهن سالن جو سفر ڏکيائين ۽ چئلينجن کان خالي نه رهيو. اسان جڏهن هي ڪم شروع ڪيو ته ان وقت لکڻ ۽ پڙهڻ جي عادت مرڻ جي ويجهو هئي ۽ اسان جو مقصد انهن ٻنهي عادتن کي وري جيئارڻ هو. ايئن کڻي چئجي ته سماج ۾ سنجيده ادب جو دائرو گهٽجي چڪو هو. جڏهن اسان ان مئگزين کي هارڊ ڪاپي ۾ آندو ته سڀني کان وڌيڪ مشڪلاتون اسان کي سٺن ليکڪن جي تعاون ۽ ان کان علاوه ڪاپيءَ کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ رهيو. جنهن جي لاءِ اسان پورو هڪ نيٽ ورڪ تيار ڪيو ۽ نون ليکڪن تائين جنهن ۾ خاص طور تي نوجوان طبقو شامل هو پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان علاوه مئگزين کي مالي مشڪلاتن کي به منهن ڏيڻو پيو، جيڪي اڃان تائين جاري آهن. همسري کي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائڻ لاءِ اسان جيڪو نيٽ ورڪ جوڙيو ان ۾ ڪوشش ڪئي وئي ته سڄي سنڌ ۾ هڪ ئي وقت مئگزين پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي سگهي ۽ پوءِ اسان ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ان سڄي عمل ۾ ناڪامي اها هئي ته اسٽالن تان پئسن جو ملڻ مشڪل هو، ان ڳالهه کي به نظر انداز ڪري اسان اڳتي وڌندا رهياسين. جڏهن 2019ع ۾ ڪورونا جي وبا سڄي دنيا جي مارڪيٽ کي بند ڪري ڇڏيو ته اتي سنڌ جي مارڪيٽ به بند ٿي وئي. اهو ئي سبب آهي جو همسري جو مارچ 2019ع وارو پرچو جيڪو هارڊ ڪاپي ۾ شايع ٿيو، هارڊ ڪاپي ۾ آخري پرچو ثابت ٿيو. جنهن کانپوءِ همسري مئگزين پنهنجو سفر مڪمل طور تي ڊجيٽل دنيا ۾ همسري ڊاٽ ڪام تي جاري رکيو ۽ بنا ڪنهن ناغي جي اسان همسريءَ جو پرچو پنهنجن پڙهندڙن تائين وقت تي پهچائڻ جي روايت جاري رکي. ان سڄي سفر ۾ سنڌ جو نوجوان ليکڪ جيڪو همسريءَ جو مستقل پڙهندڙ رهيو ۽ انهن مان ئي ڪيترا نوجوان اسان جي لاءِ ليکڪ جي طور تي اسان جا ساٿي بڻيا، جن اسان جي هن اوکي سفر کي سوکو بڻايو. اسين انهن نوجوان ليکڪن ۽ پڙهندڙن جا دل جي گهرائين سان شڪرگذار آهيون جن اسان جي هن اداري کي روان دوان رکڻ لاءِ مواد فراهم ڪيو ۽ شايع ٿيندڙ مواد کي پڙهي پنهنجن قيمتي راين سان نوازيو. وقت جي تبديلي سان گڏ اسان کي پنهنجن طور طريقن ۾ به تبديلي آڻڻ جي ضرورت پوي ٿي ۽ همسريءَ جي ٽيم هميشه ان ڳالهه تي يقين رکيو آهي ته وقت سان گڏ تبديلي کي ڪڏهن به پٺي نه ڏبي، بلڪه تبديليءَ کي هميشه ڀليڪار ڪري ان سان هم آهنگي پيدا ڪري پنهنجو سفر جاري ۽ ساري رکڻو آهي. سڄي دنيا مان هن وقت رسالن ۽ اخبارن جي اشاعت هارڊ ڪاپي ۾ يا ته بند ٿي چڪي آهي يا محدود ٿي چڪي آهي. هاڻي لکڻ، پڙهڻ جا طور طريقا تبديل ٿي چڪا آهن، ڪتاب جيڪي پهرين لائبريرين ۾ سوين ايڪڙن جي اسپيس ۾ رکيل هوندا هئا، هاڻي اهي ڊجيٽل پليٽ فارم تي رکيل آهن. سڄي دنيا جي ڪتابن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي ۽ ماڻهن جي هٿ ۾ جيڪا موبائل فون آهي اها هڪ اهڙي ڊوائيس بڻجي وئي آهي جنهن ۾ فرد رابطي کان علاوه ڪتاب پڙهي سگهي ٿو ۽ مختلف تفريح جون شيون به ان ۾ موجود آهن. اسان شڪرگذار آهيون انهن سڀني نوجوان اديبن ۽ اديبائن جا جيڪي پنهنجو ٽائيم ڪڍي همسريءَ جي هن نئين روپ کي قبول ڪندي اسان سان گڏ هلي رهيا آهن. لکڻ ڪو سولو عمل ناهي، پنهنجن خيالن کي سهيڙي انهن کي قلم جي نوڪ سان ڪاغذ تي آڻي اسان ڏانهن اهو مواد موڪلڻ ۽ همسريءَ جو آواز بڻجي دنيا تائين پهچڻ ڪا سولي ڳالهه نه هئي. سڀني کان وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ اسان جي لاءِ همسري کي ڪمرشلز جو نه ملڻ هو، جيتوڻيڪ اهو مئگزين پي آءِ ڊي مان رجسٽرڊ ٿيل ۽ ميڊيا لسٽ تي هجڻ جي باوجود به اسان کي اشتهار نه ملي سگهيا. ڇو جو اسان انهن سڀني جبري طريقن جو حصو نه بڻجي سگهياسين، جنهن جي ڪري اسان جو حصو اسان کي نه ملي سگهيو. جڏهن ڪابه اخبار يا ڪوبه مئگزين ان سڄي نظام جو حصو بڻجي وڃي ٿو ته ان جو آواز به ڪمزور ٿي وڃي ٿو. پوءِ ان کي پنهنجي زير زبر پيش به ٻين جي مرضيءَ سان ڏيڻي پوي ٿي ۽ اسان ان ڏاڍ ۽ جبر کان انڪار ڪندي پنهنجي عوام جي ڀروسي تي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي. وسيلن جي کوٽ جي باوجود پنهنجن ئي وسيلن تي ڀروسو ڪندي بنا ڪنهن امداد وٺڻ جي هميشه پنهنجي پليٽ فارم کي پنهنجي مدد پاڻ واري اصول تي هلايو. هن وقت همسري نه صرف سنڌ، پر ڀارت، يو اي اِي، آمريڪا، برطانيه ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي شوق سان پڙهي رهيا آهن. ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته هن سڄي ڏکئي سفر ۾ اسان جا ليک اسان جو وڏو سهارو رهيا ۽ اسان جو پڙهندڙ اسان جو اتساهه رهيو، پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي مئگزين کي هڪ نئين ماڊل ۾ تبديل ڪريون. ان کان اڳ اها ڳالهه ٻڌائڻ ضروري آهي ته هن پليٽ فارم جو اصل مقصد پئسو ڪمائڻ هرگز ناهي. اسان جي پهرين ترجيح اها آهي ته عوام کي شعور ۽ آگاهي ڏني وڃي، هڪ اهڙو پليٽ فارم ڏنو وڃي جنهن تي هو پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪري پنهنجن خيالن جو سچائي ۽ بهادري سان اظهار ڪري سگهي ۽ اهڙو ادب تخليق ڪري سگهجي جيڪو سماج لاءِ هڪ تحرڪ بڻجي وڃي، پر ان سان گڏوگڏ ٻئي نمبر تي اسان جي ترجيح اها به آهي ته هن پليٽ فارم کي هاڻي مالي امداد ملڻ گهرجي ته جيئن هي پنهنجن پيرن تي بيهي سگهي. ان لاءِ يارهين سالگره جو هي ايڊيٽوريل توهان سان پنهنجن خيالن ونڊڻ جو سڀ کان بهترين موقعو آهي. همسري پنهنجي فڪري آزادي ۽ معيار کي برقرار رکڻ لاءِ سرڪار جي ڏنل مالي مدد طرف وڃڻ بجاءِ پنهنجن پڙهندڙن کي مالي سهڪار لاءِ درخواست ڪري ۽ سبسڪرپشن ماڊل طرف وڃڻ چاهي ٿو. جنهن ۾ ماهوار تمام ٿوري قيمت ادا ڪري توهان هي مئگزين پڙهي سگهندا ۽ اهو توهان جو پئسو هن اداري جي مالي امداد هوندو جيڪو اڳتي هلي ليکڪن جي لاءِ اعزازيي ۾ تبديل ڪيو ويندو. اها سڀني جي گڏيل ذميداري هوندي ته اسان هن اداري کي تمام معمولي مالي امداد سان پنهنجن پيرن تي بيهاريون، جيڪو پنهنجن معاشي، سماجي، سياسي ۽ صنفي مسئلن تي هميشه سچائيءَ سان آواز بلند ڪندو رهيو آهي ۽ ادب جي ميدان ۾ هن نوان گس ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان يارنهن سال بغير ڪنهن سوديبازي جي پنهنجو سفر جاري رکيو آهي ۽ اسان جي پڙهندڙن کي اسان جي مٿان مڪمل اعتماد آهي ته اسان جو مقصد ۽ اسان جي ترجيح پئسو ڪمائڻ هرگز ناهي، بلڪه هن اداري کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ مقصود آهي. بحران ڪيترا به گهرا هجن قلم جي روشني اونداهيءَ کي چيري اڳتي نڪرندي آهي. اسان پئسي جي انڌي ڊوڙ کان هٽي ڪري لکڻ ۽ پڙهڻ جي هن فڪري رستي تي گڏجي هلي ڏيکارينداسين ۽ اميد ٿا ڪريون ته توهان همسري جي هن نئين ماڊل کي قبول ڪندا ۽ پنهنجو مالي سهڪار جيڪا هڪ معمولي رقم هوندي ان سان همسري جي ريڊرشپ جاري رکندا ۽ همسري کي سبسڪرائب ڪري ان کي هڪ طاقتور پنهنجي پيرن تي بيٺل اداري ۾ تبديل ٿيڻ ۾ مدد ڪندا. جنهن جو مقصد سماج جي لاءِ شاندار فڪري واٽ جوڙڻ آهي.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو