مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان ۾ آمريڪي سرمائيڪاريءَ جا امڪان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

            وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف سان آمريڪي سرمائيڪار وفد جي ملاقات  ٿي آهي، جنهن ۾ انهن پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سرمائيڪاري جي خواهش ڏيکاري آهي. آمريڪا جو اعليٰ سطحي سرمائيڪاري وفد ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ۾ آهي. وفد جي اڳواڻي ٽيڪساس بيچ فنڊ جو مئنيجر ۽ ٽرمپ خاندان جو ويجهو بزنس پارٽنر جينٽري بيچ ڪري رهيو آهي. ملڪ ۾ آمريڪا جي سرمائيڪاري جو امڪان خوشيءَ جهڙو آهي. جيئن ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا واپاري لاڳاپا گهڻا پراڻا آهن. واپار، امداد ۽ سرمائيڪاري اسانجي ملڪ جي پهرين اوليت آهي. آمريڪا واپار جي شعبي ۾ اسانجي برآمدات کي گهٽ ٽيڪس واري دائري ۾ رکيو آهي ۽ جيتري قدر آمريڪا جو پاڪستان لاءِ امداد جو سوال آهي ته آمريڪا پاڪستان کي سدائين اوليت ڏني آهي. انهيءَ ۾ آمريڪا جون پنهنجون ضرورتون به شامل هونديون آهن.

            پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت جي ڪري 1948 کان وٺي اڄ تائين آمريڪا ۽ پاڪستان جا تعلقات انتهائي قريب رهيا آهن. پاڪستان کي 1948 کان 2016 تائين 80 ارب آمريڪي ڊالر جي مالي ۽ فوجي امداد ملي آهي. انهيءَ کي جيڪڏهن سالن ۾ ورهائجي ته هر سال هڪ ارب ڊالر جي مدد آمريڪا اسانجي ملڪ لاءِ ڪندو رهيو آهي. 1948 ۾ ملڪ کي ڪجهه لک آمريڪي ڊالر جي امداد ملڻ سان جيڪو لاڳاپو شروع ٿيو اهو اڃا تائين جاري آهي. اسان جو ملڪ ٽيڪسٽائيل مصنوعات آمريڪا کي برآمد ڪندو رهيو آهي ۽ آمريڪي حڪومت به گهڻن شعبن ۾ پاڪستان سان گڏ ڪم ڪندي رهي آهي. آمريڪي امدادي پروگرام اسان جي معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا پئي ڪيو آهي ۽ ٻه طرفو واپار ٻنهي ملڪن جي حق ۾ آهي. گذريل 20 سالن دوران آمريڪا پاڪستان جي عوام کي سڌو سنئون 32 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي امداد فراهم ڪئي آهي، پر اهو عمل ملڪ جي وجود ۾ اچڻ واري وقت کان وٺي جاري آهي. زراعت جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جو تعاون تاريخي به آهي ۽ وقت جي ضرورت پڻ آهي. ڪڻڪ ۽ چانورن جهڙي اهم فصلن جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ نون ٻجن کي متعارف ڪرائڻ ۾ به آمريڪا اسانجي همت افزائي ڪئي آهي. پاڪستان جي بجلي جي شعبي ۾ آمريڪا جي سرمائيڪاري نوان پاڻي جا ذخيرا ۽ پاڻي تي بجلي پيدا ڪرڻ جو عمل اسان کي ترقي طرف وٺي ويو آهي. تربيلا ڊيم ۽ منگلا ڊيم ان جو مثال آهن ۽ پاڻيءَ مان پيدا ٿيل بجلي سستي به آهي ۽ 60 ۽ 70 جي ڏهاڪي ۾ انهيءَ عمل سان پاڪستان جا شهر ۽ ڳوٺ روشن ٿيا ۽ ملڪ جي ترقي جي رفتار تيز ٿي وئي. ملڪ جا 5 ڪروڙ ماڻهو پاڻي مان ٺهيل بجلي جي سهولت جو فائدو وٺي رهيا آهن. صحت جي شعبي ۾ به ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي سان تعاون ڪيو آهي. پاڪستاني ڊاڪٽرن جو آمريڪي صحت جي شعبي ۾ اهم ڪردار آهي ۽ پاڪستان ۾ وچڙندڙ بيمارين کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ به آمريڪا جي صحت جو شعبو ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل تنظيمون اسان سان تعاون ڪنديون رهيون آهن. صحت جي شعبي ۾ رڳو هڪ مثال وٺجي ته پاڪستان ۾ ڪووڊ-19 وبا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن سان گڏ پاڪستان جي به گهڻي مدد ڪئي.

            انهيءَ 7 ڪروڙ 80 لک ڊالر جون اعليٰ معيار جون موثر ويڪسين جون خوراڪون پاڪستان کي عطيو ڪيون. جنهن سان اسانجي ملڪ ۾ انهيءَ وبا کان متاثر ٿيل مريضن جو بهتر علاج ٿي سگهيو. ٻين وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ لاءِ به انهيءَ پاڪستان ۾ 8 ڪروڙ ڊالر جي سرمائيڪاري ڪئي آهي. انهيءَ تناظر ۾ آمريڪي سرمائيڪارن جي وفد جي وزيراعظم سان ملاقات اهميت واري آهي. انهن پاڪستان جي بي پناهه اقتصادي صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ سرمائيڪار دوست پاليسين کي ساراهيو. اسلام آباد ۾ سڌ سماءَ جي ذريعن سان گفتگو ڪندي وفد جي اڳواڻ جينٽري بيچ چيو ته پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت، معدنيات، توانائي ۽ ريئل اسٽيٽ ۾ اربين ڊالرن جي سرمائيڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. اهڙي تعميري ٽيڪنالاجي پاڪستان ۾ آڻڻ جا خواهشمند آهن جنهن سان هڪ مهيني اندر 30 منزلا عمارت جو ڍانچو ٺهي وڃي. جينٽري بيچ وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ به هڪ ڪاروباري شخصيت آهي ۽ اقتصادي سفارتڪاري تي يقين رکي ٿو. آمريڪا ۽ پاڪستان جي موجوده قيادت جي سوچ يڪسان آهي. موجوده ڏينهن ۾ جيئن ته آمريڪي پاليسين ۾ تڪڙي تبديلي ٿي رهي آهي، تڏهن انهيءَ موقعي تي مالياتي شعبي ۾ اهڙي تعاون جي آجيان ڪجي ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو