مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سعودي ولي عهد ۽ آمريڪي صدر جي وچ ۾ رابطو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

            سعودي عرب وچ اوڀر جو اهم ملڪ آهي، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي. وچ اوڀر جي تازي صورتحال جي ڪري اهو رابطو تمام اهم آهي ۽ ڪجهه ڏينهن پهرين غزا ۾ ٿيل جنگبندي جي سلسلي ۾ به انهيءَ جي اهميت آهي. آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا ۾ جنگون نه ٿو چاهي ۽ دنيا جا امن پسند عوام هن جي جنگ مخالف بيانن ۽ خيالن جي حمايت ڪن ٿا. اڳتي هلي جيڪڏهن دنيا ۾ جنگون ختم ٿي وڃن ٿيون ته انهيءَ جو داد موجوده صدر آمريڪا ڏانهن ويندو. سعودي عرب ۽ آمريڪا جا تعلقات هميشه بهتر رهيا آهن.

            سعودي عرب ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو آغاز 1933 ۾ ٿيو. تڏهن مڪمل سفارتي تعلقات قائم ٿيا. انهن تعلقاتن کي هڪ وڏو سياسي ۽ مالياتي پسمنظر آهي. 1951 ۾ باهمي دفاعي تعاون جي معاهدي کي باقاعده شڪل ڏني وئي. سعودي عرب جي دفاع ۾ آمريڪا جو اهم ڪردار رهيو آهي. آمريڪا دنيا جو اهم جمهوري ملڪ آهي ۽ سعودي عرب ۾ بادشاهت آهي. ٻئي ملڪ انهيءَ فرق جي باوجود هڪٻئي جا اتحادي آهن. تعلقات جو بنيادي منطق واپار آهي ۽ ٻنهي ملڪن جون معيشتون آهن. يونائٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا تيل جي قابل اعتماد ترسيل جي بدلي سعودي عرب کي هر قسم جو تحفظ فراهم ڪري ٿو. عالمي مارڪيٽ ۾ سعودي تيل جون قيمتون ڊالر ۾ رکيون وڃن ٿيون. انهن معاشي ۽ مالياتي تعلقات جي ڪري ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي ويجهو آهن. آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي گذريل صدارتي دور ۾ مئي 2017 ۾ سعودي عرب جو دورو ڪيو جنهن سان تعلقات مضبوط ٿيا. سرد جنگ جي دوران جڏهن روس ۽ آمريڪا هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هئا، تڏهن سعودي عرب آمريڪي اتحاد ۾ هو ۽ افغانستان ۾ روس جي حمايت يافته حڪومت ۽ اتي موجود روسي فوجين جي خلاف آمريڪا هڪ طرح سان اعلان جنگ ڪيو ۽ اسانجي ملڪ پاڪستان به انهيءَ سرد جنگ ۾ آمريڪا ۽ سعودي عرب جي پاليسين جو ساٿ ڏنو. نتيجي ۾ سرد جنگ ڄڻ افغانستان ۾ ختم ٿي ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ يو ايس ايس آر به ٽٽي ويو. آمريڪا وچ اوڀر جي ملڪن ۽ پاڪستان سان گڏ خطي ۾ اهم پيش قدميون ڪيون آهن. جڏهن کان سعودي عرب ۾ محمد بن سلمان بادشاهه جو ولي عهد ٿيو آهي. تڏهن سعودي حڪومت ان جي اڳواڻي ۾ هلي رهي آهي. سعودي عرب ۽ آمريڪي تعلقات کي سعودي عرب جو عوام پسند ڪري ٿو. جولاءِ 2022 جي هڪ سروي ۾ 92 سيڪڙو سعودي نوجوانن آمريڪا کي پنهنجي قوم جي اتحادي طور ڏٺو آهي. 1933 کان هلندڙ تعلقات اڄ سال 2025 تائين به گرم جوش آهن. آمريڪا ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ واپاري تعلقات طويل عرصي کان ٻن مرڪزي تصورن جي چوڌاري گهمي رهيا آهن سلامتي ۽ تيل. سعودي عرب کي تيل جي دريافت کان وٺي پيداواري عمل تائين آمريڪي تعاون هميشه کان حاصل رهيو آهي. 1951 کان سعودي عرب کي آمريڪي تعاون حاصل رهيو آهي. انهيءَ ۾ آمريڪي هٿيارن جي خريد ۽ سعودي فوجين جي آمريڪي فوجين جي رهنمائيءَ ۾ تربيت پڻ شامل آهي. تازو اسرائيل ۽ غزا جنگ جي ڪري سعودي عرب ڄڻ امتحان ۾ رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو جنگ يمن کان وٺي لبنان ۽ ايران تائين پکڙجي وئي هئي. 7 آڪٽوبر 2023 کان ائين محسوس ٿي رهيو هو ته وچ اوڀر ۾ امن جو سج اڀري رهيو آهي، پر 7 آڪٽوبر کانپوءِ غزا ۽ اسرائيل تعلقات جنگ ۾ تبديل ٿي ويا آهن. انهيءَ ڪري خطي جا ملڪ جنگ جي ڪري متاثر ٿي رهيا هئا. وچ اوڀر جا ملڪ جيڪي جنگ ۾ شامل نه به هئا ته به انهن جو واپار ۽ ترقي متاثر ٿي رهي هئي. آمريڪا جيئن ته دنيا جي سڀني کان وڏي معيشت آهي. انهيءَ ڪري اهو چاهي ٿو ته دنيا ۾ آزاد واپار ٿئي. آزاد واپار جو فائدو تڏهن ٿيندو جڏهن ملڪن جي وچ ۾ امن قائم هوندو.

            غزا ۽ اسرائيلي جنگ بندي کانپوءِ لڳي ٿو ته سعودي عرب ۽ آمريڪي تعلقات اڃا وڌيڪ بهتر ٿيندا. سڌ سماءَ جي ذريعن اهو ٻڌايو آهي ته سعودي ولي عهد ۽ آمريڪي صدر جي وچ ۾ ٿيل ٽيليفونڪ گفتگو ۾ ٻن طرفن تعلقات ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته شهزادا محمد بن سلمان صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ آمريڪي قيادت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي رهنمائن سرمائيڪاري ۽ تجارت جي واڌ جي ڳالهه ڪئي آهي. ولي عهد محمد بن سلمان چيو آهي ته سعودي عرب ايندڙ چئن سالن ۾ آمريڪا ۾ 600 ارب ڊالرن جي سرمائيڪاري ڪندو. ڊونلڊ ٽرمپ سعودي ولي عهد کي چيو ته آمريڪا سعودي عرب سان تمام شعبن ۾ تعلقات کي فروغ ڏيندو. هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته جنگن کان بغير دنيا ئي اسان جي اميد آهي. پاڪستان کان وٺي وچ اوڀر، يورپ ۽ آمريڪا تائين سڄي دنيا جا عوام بهتر تجارتي تعلقات چاهين ٿا. ملڪن جي وچ ۾ تعلق جو بنياد امن آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو