اسرائيل–حزب الله ويڙهه ڪٿي دنگ ڪندي؟
جنگبندي باوجود گذريل ڪجهه هفتن کان اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر وچ اوڀر ۾ امن بابت خدشن کي وڌائي ڇڏيو آهي. سرحدي جهيڙن، راڪيٽ حملن، فضائي ڪاررواين ۽ هڪ ٻئي خلاف سخت بيان بازي سبب خطي ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ جاري هي تڪرار نه رڳو لبنان ۽ اسرائيل جي سلامتي سان لاڳاپيل آهي، پر ان جا اثر سڄي علائقي جي سياسي استحڪام، معاشي صورتحال ۽ سفارتي لاڳاپن تي پڻ پئجي رهيا آهن. هي ڇڪتاڻ ايران، آمريڪا ۽ ٻين علائقائي قوتن جي مفادن سان به جڙيل آهي. اهڙي پسمنظر ۾ دنيا جي سفارتي حلقن، فوجي ماهرن ۽ سياسي تجزيه نگارن جي ذهنن ۾ هڪ ئي سوال گردش ڪري رهيو آهي: اسرائيل–حزب الله ويڙهه آخر ڪٿي دنگ ڪندي؟
اسان هن جنگي ڇڪتاڻ جي پسمنظر جي ڳالهه ڪيون ته هي جنگ اُن وقت شروع ٿي جڏهن ايران مٿان اسرائيل ۽ آمريڪا هوائي حملا ڪيا. ان وقت ايران جي حمايت يافته حزب الله اتر اسرائيل تي راڪيٽن ۽ ڊرونن جا حملا ڪيا. انهن حملن کان پوءِ اسرائيل لبنان جي مختلف علائقن تي شديد فضائي بمباري شروع ڪئي ۽ ڏکڻ لبنان ۾ زميني ڪارروايون پڻ تيز ڪري ڇڏيون. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ صورتحال اهڙي موڙ تي پهتي جو تڪرار صرف سرحدي جهيڙن تائين محدود نه رهيو، پر هڪ وسيع فوجي، انساني ۽ سفارتي بحران ۾ تبديل ٿي ويو. جنگ جي شدت سبب لبنان جا ڪيترائي علائقا متاثر ٿيا، جڏهن ته اسرائيل جي اترين سرحدي علائقن ۾ به خوف ۽ بيچيني جي فضا پيدا ٿي.
هاڻ اسرائيل جي نظر ۾ هي جنگ قومي سلامتي سان لاڳاپيل هڪ اهم مسئلو آهي. اسرائيلي قيادت جو موقف آهي ته حزب الله وٽ موجود راڪيٽن، ڊرونن ۽ ٻين جديد هٿيارن جي موجودگي مستقبل ۾ وڏي خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي. انهيءَ ڪري اسرائيل چاهي ٿو ته ڏکڻ لبنان ۾ اهڙو حفاظتي علائقو قائم ڪيو وڃي، جتان حزب الله جي فوجي سرگرمين کي محدود ڪري سگهجي. اسرائيلي حڪمت عملي جو مقصد صرف موجوده خطري کي گهٽائڻ نه، پر مستقبل ۾ اهڙي خطري جي ٻيهر اڀرڻ جا امڪان به گهٽ ڪرڻ آهي.
ٻئي طرف حزب الله هن جنگ کي پنهنجي وجود، اثر رسوخ ۽ مزاحمتي حيثيت سان ڳنڍي ٿي. تنظيم جو موقف آهي ته هو لبنان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي وقار جي حفاظت لاءِ وڙهي رهي آهي. حزب الله لاءِ هي صرف فوجي مقابلو نه، پر سياسي سڃاڻپ جو به سوال آهي. تنظيم لبنان جي سياسي منظرنامي ۾ هڪ اهم قوت آهي، تنهنڪري ان کي صرف فوجي زاويي سان ڏسڻ حقيقت جي مڪمل تصوير نه هوندي.
هن جنگ جو سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ پهلو انساني الميو آهي. لبنان اڳ ئي معاشي بحران، بيروزگاري، مهانگائي ۽ سياسي افراتفريءَ جو شڪار هو. جنگ انهن مسئلن کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. هزارين ماڻهو شهيد ٿيا آهن يا زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته لکين ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا آهن. ڪيترن ئي علائقن ۾ روزمرهه زندگي مفلوج ٿي وئي آهي. اسڪول، اسپتالون، رستا ۽ ٻيون بنيادي سهولتون متاثر ٿيون آهن. بي گهر خاندانن لاءِ رهائش، خوراڪ ۽ طبي سهولتن جي فراهمي به هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪي آهي.
اسرائيل کي به هن تڪرار جي قيمت ادا ڪرڻي پئي آهي. فوجي جاني نقصان کان علاوه اترين سرحدي علائقن ۾ رهندڙ هزارين ماڻهو عارضي طور محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيا آهن. مسلسل حفاظتي خدشن سبب معاشي سرگرميون به متاثر ٿيون آهن. جيتوڻيڪ اسرائيل جي فوجي ۽ اقتصادي طاقت لبنان جي ڀيٽ ۾ گهڻي مضبوط آهي، پر ڊگهي عرصي تائين جاري رهندڙ جنگ ڪنهن به ملڪ لاءِ سياسي، سماجي ۽ معاشي بار بڻجي ويندي آهي.
هن تڪرار ۾ آمريڪا جو ڪردار انتهائي اهم آهي. واشنگٽن جنگبندي ۽ سفارتي حل لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته يورپي ملڪ ۽ گڏيل قومون به ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سرگرم آهن. گذريل مهينن دوران عارضي جنگبنديون ضرور ٿيون آهن، پر اهي مستقل امن ۾ تبديل نه ٿي سگهيون آهن. ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته ٻنهي ڌرين جا مطالبا هڪ ٻئي کان ڪافي مختلف آهن. اسرائيل حفاظتي ضمانتون گهري ٿو، جڏهن ته حزب الله ۽ لبنان اسرائيلي فوج جي مڪمل واپسي تي زور ڏين ٿا.
گهڻا سياسي ۽ فوجي تجزيه نگار ان ڳالهه تي متفق آهن ته هن جنگ جو نتيجو ڪنهن هڪ ڌر جي مڪمل فوجي فتح جي صورت ۾ نڪرڻ جا امڪان گهٽ آهن. اسرائيل حزب الله کي فوجي نقصان پهچائي سگهي ٿو، ان جي صلاحيتن کي محدود ڪري سگهي ٿو ۽ ڪجهه حڪمت عملي وارا مقصد حاصل ڪري سگهي ٿو، پر تنظيم کي مڪمل طور ختم ڪرڻ ڏکيو نظر اچي ٿو. ساڳئي وقت حزب الله به اهڙي پوزيشن ۾ ناهي جو اسرائيل کي ڪا فيصلائتي شڪست ڏئي سگهي. اهڙي صورتحال ۾ جنگ جو حتمي نتيجو گهڻو ڪري سفارتي ۽ سياسي عمل ذريعي ئي نڪرندو.
ممڪن آهي ته ايندڙ مهينن ۾ هڪ اهڙو معاهدو سامهون اچي، جنهن تحت اسرائيل ڪجهه علائقن مان مرحليوار پوئتي هٽي، لبناني فوج ڏکڻ لبنان ۾ وڌيڪ ذميواريون سنڀالي ۽ اُن سان گڏ گڏيل قومن جي امن فوج جو ڪردار به اهم هجي. اهڙي معاهدي سان وڏي پيماني تي ٿيندڙ جنگ ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي، پر اهو ضروري ناهي ته تڪرار جا بنيادي سبب مڪمل طور ختم ٿي وڃن. وچ اوڀر جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪيترائي تڪرار عارضي جنگبندين ذريعي ماٺا ضرور ٿيا آهن، پر سياسي اختلاف برقرار رهڻ سبب وري نئين شڪل ۾ سامهون آيا آهن.
حقيقت ۾ اسرائيل–حزب الله تڪرار کي صرف ٻن ڌرين جي ويڙهه سمجهڻ مناسب نه هوندو. هي جنگ ايران، آمريڪا، عرب ملڪن ۽ ٻين عالمي قوتن جي مفادن سان به جڙيل آهي. جيڪڏهن علائقائي سطح تي ڇڪتاڻ گهٽجڻ بدران وڌي ٿي ته موجوده تڪرار وڌيڪ وسيع شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو. ان جي ابتڙ، جيڪڏهن سفارتي ڪوششون ڪامياب ٿين ٿيون ته هي بحران مستقبل ۾ ڪنهن نئين سياسي ترتيب جو بنياد پڻ بڻجي سگهي ٿو.
موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي لڳي ٿو ته اسرائيل–حزب الله ويڙهه نه ڪنهن واضح فوجي فتح تي دنگ ڪندي ۽ نه ئي ڪنهن هڪ ڌر جي مڪمل شڪست تي. وڌيڪ امڪان اهو آهي ته هي تڪرار هڪ نازڪ، غير يقيني ۽ مشروط جنگبندي تي پهچندو، جتي وقت بوقت ڇڪتاڻ برقرار رهندي، پر وڏي پيماني واري جنگ کان پاسو ڪيو ويندو. شايد ايندڙ مهينن ۾ بندوقن جي آواز ۾ ڪجهه گهٽتائي اچي وڃي، پر جيستائين اسرائيل، حزب الله ۽ ايران وچ ۾ موجود سلامتي جا خدشا، سياسي اختلاف ۽ علائقائي رقابتون ختم نٿيون ٿين، تيستائين هن ويڙهه جو اثر وچ اوڀر جي مستقبل تي ڇانيل رهندو. اهو ئي سبب آهي جو هن جنگ جو اصل انجام صرف جنگبندي نه، پر هڪ اهڙي سياسي حل سان جڙيل آهي، جيڪو خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو بنياد رکي سگهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟