بروسلي: جنهن جي ڦڙتيلي مُڪ کي ڪيمرا به فلمبند نه ڪري سگهندي هئي!
هن ڌرتيءَ جي وشال ڪينواس تي صدين کان وٺي ڪيترائي منفردِ، نرالا، بيمثال ۽ پنهنجي نوعيت جا اڪيلا ماڻهو پيدا ٿيندا رهندا آهن. هڪ انچ جي مفاصلي تي مُڪ هڻي سِرَ/ڪاٺي ڀڃڻ، چاقوءَ سان ٽيبل ٽينس کيڏڻ، تيلي هواءِ ۾ اُڏائي چاقوءَ سان ٻارڻ، ٻنِ آڱرين ۽ پيرن جي آڱوٺن سان پُش اَپسِ (Push ups) هڻڻ، دنيا جي عظيم باڪسر محمد عليءَ کان قد، بت ۽ وزن ۾ گهٽ هئڻ جي باوجود مُڪ ان جي طاقت ۽ زور جيڏُي هڻڻ ۽ وڏي ڳالهه ته ڪِڪ ۽ مُڪ ايڏي تڪڙي هڻڻ جو ڪيمرا به رڪارڊ نه ڪري سگهي. هي سڀ غير معمولي رڪارڊ ۽ غير معمولي صلاحيتون صرف بروسلي وٽ هيون. هو ايڏو ته ڦڙتيلو هو جو ڪِڪِ ۽ مُڪ اک ڇنڀ واري پلن ۾ هڻي ويندو هو.
بروسلي جنهن جو اصل نالو لي جون فن هو. اهو 27 نومبر 1940 تي آمريڪا جي شهر سان فرانسسڪو جي علائقي چائنا ٽائون ۾ ڄائو. هو ڄائو ته آمريڪا ۾ پر نِپيو هانگ ڪانگ ۾ ھو. سندس پرورش ننڍي هوندي ان هانگ ڪانگ ۾ ٿي جيڪو ٻي جنگِ عظيم کانپوءِ اسٽريٽ ڪرائيم جو ڳڙهه هو. اسٽريٽ ڪرائيم ۽ نوجوانن ۾ ٿوري ٿوري ڳالهه تي منهن ماريءَ هن کي چيني مارشل آرٽ ڪَنگ فُو Kung Fu ڏانهن راغب ڪيو. هو ڪُنگ فُو جو ايترو ته ماهر ٿي ويو جو ڪوبه هن کي ڪيرائي نه پئي سگهيو. هو هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ هر ٻئي ڏينهن ڪنهن لُچَ لوفر سان اٽڪيو پيو هوندو هو. جنهن جي ڪري بروسليءَ جي پيءُ کي ماڻهن ۽ پوليس وارن سندس اهڙين حرڪتن تي دانهون ڏنيون. بروسليءَ جي والد اهي دانهون ٻُڌي ٻُڌي تنگ ٿي نيٺ هن کي وڌيڪ تعليم لاءِ آمريڪا موڪلي ڇڏيو.
آمريڪا ۾ واشنگٽن يونيورسٽيءَ ۾ هن جي داخلا فلسفي جهڙي ڳوڙهي سبجيڪٽ ۾ ٿي. هن فلسفي جو مطالعو گهرائيءَ سان ڪيو. فلسفي جي مطالعي هن جي شخصيت ۽ مارشل آرٽ تي وڌيڪ گهرو اثر ڇڏيو. هن يونيورسٽيءَ ۾ مطالعي سان گڏ مارشل آرٽ جي تربيت ڏيڻ به شروع ڪئي. بروسليءَ مارشل آرٽ جي پَنچَن ۽ ڪِڪِن کي نئين انداز ۾ آندو. بعد ۾ هن پنهنجي مارشل آرٽ جي فلسفي کي Jeet Kune Do سان وابسته ڪيو. جنهن جو بنيادي خَيال اهو هو ته انسان ڪنهن هڪ مقرر طريقي جو غلام نه بڻجي، پر ضرورت مطابق مختلف طريقن مان مفيد شين کي اختيار ڪري. بروسليءَ جڏهن آمريڪا ۾ مارشل آرٽ Kung Fu جي تربيت ڏيڻ شروع ڪئي ته چائنا جي ماڻهن هن تي ڇِتي تنقيد ڪئي ته اهو چائنا جي روايتن جي خلاف آهي ته ڪنگ فو جي تربيت چينين کانسواءِ ٻين کي ڏني وڃي. ڪَنگ فُو مارشل آرٽ جو اهو خاص ۽ ڳجهو طريقو آهي جنهن سان چيني پنهنجو دفاع ۽ بچاءُ ڪندا آهن. بروسلي چينين جي تنقيد جو ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ آمريڪين کي ڪَنگ فُو جي تربيت ڏيندو رهيو. نيٺ تنقيد نگارن چيني روايتن جي پاسداري ڪندي بروسليءَ کي چئلينج ڪيو ته هو چائنا جي ڪنگو فو مارشل آرٽ جي وڏي رانديگر وانگ جيڪ مين Wong Jack Man سان مقابلو ڪري. جيڪڏھن ھو وانگ جيڪ مين کي راند ۾ ماري وڃي ته پوءِ ڀلي پنهنجا آمريڪي شاگرد پيدا ڪري. بروسليءَ هي چئلينج قبول ڪيو ۽ 1965ع ۾ وانگ جيڪ مين سان مقابلو ڪيو. بروسليءَ وانگ جيڪ مين کي ٽِن منٽن ۾ ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. بروسلي جڏهن چين جي ڪنگ فو جي وڏي رانديگر کي ماري ويو ته خوش ٿيڻ بدران کيس ان ڳالهه جو افسوس هو ته هن ايڏي وڏي رانديگر ڪجهه سيڪنڊن ۾ ڇو هارايو…!
بروسلي رڳو ڪنگ فو ۽ مارشل آرٽ جو بادشاهه ڪونه هو، پر اداڪاريءَ جي دنيا ۾ به سندس وڏو نالو هو. اداڪاريءَ جو ڏانءُ کيس پيءُ کان وِرثي ۾ مليو هو. سندس پيءُ اوپيرا جو مشهور اداڪار هو. پيءُ جي انهيءَ فنڪاريءَ واري ماحول ۾ پلجڻ ڪري بروسليءَ کي به ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ جو شوق جاڳيو هو. اڃان ننڍڙو ٻار ئي هو ته فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ ڪيترين ئي فلمن ۾ چائلڊ اسٽار طور ڪردار نِڀايائين، پر جنهن فلم بروسليءَ کي اصل ۾ شهرت جي آسمان تي پهچايو، سا هئي دي بگ باس (The Big Boss)، جيڪا 1971ع ۾ رليز ٿي. انهيءَ فلم کانپوءِ هانگ ڪانگ ۾ سندس نالو هر ماڻهوءَ جي وات تي اچي ويو. ماڻهو سندس ڪنگ فو، ڦڙتي ۽ اداڪاريءَ جا ديوانا ٿي پيا. ان کانپوءِ فسٽ آف فيوري (Fist of Fury) ۽ دي وي آف دي ڊريگن (The Way of the Dragon) جهڙين فلمن سندس شهرت کي اڃان به چوٽ چاڙهي ڇڏيو. اُن زماني ۾ هالي ووڊ وارا ايشيائي ماڻهن کي فلمن ۾ مکيه هيرو بڻائڻ کان ڪيٻائيندا هئا. سندن خيال هو ته ايشيائي اداڪار وڏن ڪردارن لاءِ موزون ناهن، پر بروسليءَ اچي سندن اها سوچ ئي بدلائي ڇڏي. هن هالي ووڊ جي فلم اينٽر دي ڊريگن (Enter the Dragon) ۾ مُکُ هيرو جو ڪردار ادا ڪري دُنيا کي ڏيکاري ڇڏيو ته ڏات جو ڪنهن رنگ، نسل يا ملڪ سان واسطو ناهي، پر قسمت جا لقاءَ به عجيب آهن اها فلم سندس حياتيءَ ۾ رليز ٿي نه سگهي. سندس وڇوڙي کانپوءِ جڏهن فلم پردي تي آئي ته سڄي دنيا جي نوجوانن ۾ ڪنگ فو جو اهڙو ته شوق پيدا ٿيو، جو ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ ماڻهو سندس چالِ، ڦڙتي ۽ وڙهڻ واري انداز جا نقل ڪرڻ لڳا. اهڙو ماڻهو، جنهن پنهنجي ننڍڙي حياتيءَ ۾ سڄي دنيا تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو، سو اوچتو موت جي منهن ۾ هليو ويو. 20 جولاءِ 1973ع تي، رڳو 32 ورهين جي ڄمار ۾، بروسلي هانگ ڪانگ ۾ اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو. سندس موت جي خبر ٻڌي سڄي دنيا ۾ ڏک جي لهر ڊوڙي وئي. ماڻهو حيران هئا ته آخر ايترو صحتمند، ڦڙتيلو ۽ طاقتور ماڻهو ايترو جلد ڪيئن هليو ويو؟
سندس موت بابت ان وقت اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترائي قصا ۽ ڳالهيون ڇپيون. ڪنهن چيو ته کيس زهر ڏنو ويو ته ڪنهن وري ٻيون ڳالهيون ٻڌايون، پر سرڪاري جاچ موجب سندس موت جو ڪارڻ دماغ ۾ سوڄ (Cerebral Edema) ڄاڻايو ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته فلم ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ اداڪاره بيٽي ٽنگ جي گهر ۾ کيس مٿي ۾ سور پيو، جنهن لاءِ هن Equagesic نالي دوا کاڌي. ان دوا ۾ موجود هڪ جزو Meprobamate بابت چيو ويو ته شايد سندس جسم ان کي برداشت نه ڪري سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ دماغ ۾ سوڄ پيدا ٿي ۽ هو ڪوما ۾ هليو ويو، پر ڳالهه اتي به ختم نٿي ٿئي. بروسليءَ جي موت جا اصل سبب اڄ ڏينهن تائين ماڻهن جي ذهنن ۾ سوال بڻيل آهن. سندس اوچتي وڇوڙي کانپوءِ به سندس باري ۾ قصا، بحث ۽ نظريا هلندا رهيا. قدرت جو هڪ ٻيو عجيب اتفاق ڏسو ته بروسليءَ جو پٽ برانڊن لي به پيءُ وانگر جوانيءَ ۾ ئي دنيا مان هليو ويو. سال 1993ع ۾ هڪ فلم جي شوٽنگ دوران پيش آيل افسوسناڪ حادثي ۾ هو پنهنجي جان وڃائي ويٺو. فلم جي هڪ منظر جي شوٽنگ وقت استعمال ٿيندڙ بندوق مان نڪتل گولي کيس لڳي وئي، جنهن سبب هو حياتي وڃائي ويٺو. اهڙيءَ ريت پيءُ ۽ پٽ ٻئي فلمي دنيا جا روشن ستارا، جوانيءَ ۾ ئي هميشه لاءِ وسامي ويا. فرق رڳو ايترو هو ته هڪ جو موت بيماريءَ سبب ٿيو، جڏهن ته ٻيو فلم جي شوٽنگ دوران هڪ افسوسناڪ حادثي جو شڪار ٿيو. بروسليءَ جو نالو اڄ به ڪنگ فو مارشل آرٽ ۽ فنڪاريءَ جي ڪري دنيا ۾ زنده آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟