مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ جو سگهارو سرجڻهار ميمڻ منظور پرواز به پرواز ڪري ويو!

Azhar Azad Mughal

استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

18 نومبر اھڙو اڀاڳو ڏينهن ھو جنھن سنڌ جي ٻن نامور اديبن ۽ شاعرن ميمڻ منظور پرواز ۽ فياض چنڊ ڪليري کي ھميشه ھميشه جي لاءِ اسان کان کسي ورتو. شاعريءَ جي دنيا کي شاھوڪار ۽ شاندار بڻائيندڙ ھي شخص اتساھيندڙ، من موهيندڙ ۽ ڪمال جي تخليقن سان سدائين زنده ۽ امر رھندا. شڪارپور جي شانائتي ۽ مانائتي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ سنڌ جو ناليوارو نثر نويس ۽ خوبصورت خيالن جو سندر سرجڻهار منظور پرواز به ساھ جي سڳي جي بيوفائي باعث ڪيترن کي ئي وڇوڙي جا وڍ ڏئي ويو. منظور پرواز ميمڻ سان منهنجي پھرين ملاقات مرحوم سائين خليل مورياڻي جي جاءِ تي ٿي جنهن مجلس ۾ مرحوم ارشاد ڪاغذي، ضياءُ شاھ، آغا سعيد، عبدالجبار “عاجز” منگي به شريڪ ھئا. سياست، ادب ۽ شاعريءَ کان وٺي زندگيءَ جي مختلف موضوعن تي بحث ۽ قرب ڪچھري اسان جي ناقص علم ۾ اضافي جو سبب بڻي. سائين منظور پرواز، سائين خليل مورياڻي ۽ سائين ارشاد ڪاغذي ۾ سياست جي حوالي سان پنهنجي موقف جي حق ۾ دليلن جي ڀرپور ڏي وٺ ٿي. مرحوم منظور پرواز کي پنهنجي شاعريءَ جي ڊائري به پاڻ سان گڏ ھئي ۽ آخر ۾ ھن اسان کي پنھنجا ٻه ٽي غزل ٻڌائي ڀرپور داد وصول ڪيو، ائين محفل پنهنجي پڄاڻيءَ تي پھتي. ائين سوشل ميڊيا تي پاڻ لڳاتار رابطي ۾ رھياسين. سائين منظور پرواز فيس بُڪ تي نه رڳو پنهنجي شاعري رکندو ھو، پر پنهنجي عمر، مشاهدي ۽ تجربي جي بنياد تي اصلاحي ۽ نصيحت آموز نقطن کان پڻ وقت بوقت آگاهي ڏيندو رھندو ھو. اسان آزاديءَ سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا رھندا ھئاسين. سياسي حوالي سان سندن پوسٽن تي اڪثر نااتفاقي ھوندي ھئي. ڇاڪاڻ جو ھو پڪو جيالو ھو ۽ اسان وري ڪامريڊ لڏي جا راھي هوندا ھئاسين. ھن جي سماجي پوسٽن تي ڪڏهن ھن جي ڳالھين سان اتفاق ڪندا ھئاسين ته ڪڏهن وري اختلاف. ائين ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل رھندا ھئاسين. دلچسپ ۽ مزي جي ڳالھه اھا آھي ته ھو سدائين پنهنجي پوسٽ ۾ پرين جو لفظ اڪثر ڪري استعمال ڪندو ھو. منظور پرواز جي اھا وڏي خوبي ھوندي ھئي جو ھو مختلف وقتن تي نه فقط مون کي، پر سڀني ساٿين کي فون ڪري ياد ڪندو ھو، سارسنڀال لھندو ھو، خير خيريت معلوم ڪندو ھو، سٺيون صلاحون، مفيد مشورا، نصيحتون ۽ ڀلائيءَ جون ڳالهيون ڪندو هو. منظور پرواز پنهنجي دور جو غزل، نظم ۽ وائي جو سگهارو شاعر ھو. ھن نه رڳو پنهنجي اندر جي احساسن ۽ ڪومل جذبن جو اظهار ڪيو، پر شاعريءَ ذريعي سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين، ظلم، زياديتن، ڀوڳنائن ۽ محرومين خلاف ڀرپور آواز پڻ بلند ڪيو. ھن وڏن سان گڏ ٻارن جي روشن ۽ محفوظ مستقبل لاءِ به سگهاري شاعري سرجي. منظور پرواز ھڪ زنده دل انسان ھو ۽ پنهنجي سموري حياتي ڀرپور نموني سان جيئي ويو. مارڪ ٽوين سان منسوب مون کي لفظ ياد ٿا اچن ته: A man who lives fully is prepared to die at any time.
جڳ مشهور مصور ليو نارڊو ڊي ونسي شايد سائين منظور پرواز لاءِ ئي چئي ويو هو ته: “As a well-spent day brings happy sleep, so a life well spent brings happy death.”
منظور پرواز ته بيحد شاندار انداز ۾ زندگي گذاري سرھائيءَ سان موت جي آجيان ڪئي. موت جي حوالي سان سائين منظور پرواز جو ھڪ نطم آهي ته
موت به بس
ھڪڙي خبر آھي
ڪنھن کي ڪو پتو ناھي
ڪٿي ڪنھن جي قبر آھي
رات آ يا ڏينھن آ
ھرڪو پاڻکي ڳولھي پيو
وقت واندو آ سڀ کي رولي پيو
ھي شينھن آ يا ڪو نينھن آ
ڪوئي پتو ڪونھي پيو
اٿ ته آڌرڀاءُ ان جو ڪريون
جُڳن کان ڪنھن جاء تي جا ھئي سُتل
جاڳ جي ڪا مھل ٿيندي ته ناھ
ھي اوچتو ئي اوچتو آئي ڪٿان؟
ھنجي ڪري ئي آ اڄ ھرڪو ڌار ٿيل
ھانءُ اڳ ۾ ايترو ڪٿ ھو جُھريل
مان ته اڳ ۾ به آھيان جوڳي رھيو
جوء پنهنجي ۾ آھيان ڦرندو رھيو
پر ڪڏھن ناھيان ٺوڳي رھيو
ھاڻي لڳي ٿو ڪا
موڪلاڻي ڪرڻي پوي
زندگي جي راھ نئين ڳولھڻي پوي
پنھنجي مٽي پاڻ ٻيھر ڳوھڻي پوي
ھي ڪورونا ڪاڄ ۾ ڪٿ ڍوئڻي پوي
ھي روڄ مان ۽ روڳ مان
شل نڪري پوي
چنڊ جيئن چنڊ سان وڇڙي ملي
ھڪ نئين عيد سان جندڙي جُڙي.
موت به بس
ھڪڙي خبر آھي
ڪنھن کي ڪو پتو ناھي
ڪٿي ڪنھن جي قبر آھي.
شاھ عبداللطيف ڀٽائي اھڙن ئي املهھ ماڻڪ موتين لاءِ فرمايو آهي ته:
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
ھوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا
جيڪڏهن اسان منظور پرواز کي ياد ڪندا رھنداسين ته ھو ڪڏهن به نه مرندو. انگريزي ادب جي عظيم ۽ قدآور جڳ مشهور اديب ميٿيو آرنلڊ بلڪل صحيح چيو ھو ته، “اسان جا مري ويل ايستائين نٿا مري سگهن جيستائين اسين انهن کي وساري نٿا ڇڏيون.”

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو