ماڻهو ڇا سوچيندا؟ معاشري جو هڪ چئليج ڏيندڙ سوال
“ماڻهو ڇا سوچيندا؟” هي رڳو هڪ سوال نه، پر اهڙو ذهني خوف آهي، جيڪو ڪيترن ئي ماڻهن جي سوچ، همت ۽ فيصلن کي محدود ڪري ڇڏي ٿو. نه ڄاڻ ڪيترا خواب، صلاحيتون ۽ ارادا صرف ان وهم جي ڪري اڌ ۾ رهجي وڃن ٿا ته متان ماڻهو غلط سمجهن يا غلط سوچين. ڪيترائي ماڻهو پنهنجي قابليت هوندي به اڳتي وڌڻ کان ڪيٻائين ٿا، ڇاڪاڻ ته هو ناڪاميءَ کان وڌيڪ ماڻهن جي راءِ کان ڊڄن ٿا. ڪيترائي نوجوان پنهنجي دل جي خواهشن کي دٻائي سماج جي اميدن آڏو جهڪي پون ٿا. ڪيترائي باصلاحيت ماڻهو نوان خيال پيش ڪرڻ کان لنوائين ٿا، ۽ ڪيترائي پنهنجي زندگيءَ جا اهم فيصلا پنهنجي مرضيءَ بدران ٻين جي راءِ کي سامهون رکي ڪن ٿا. وقت سان گڏ اها ذهني پابندي انسان جي خود اعتمادي، تخليقي صلاحيتن ۽ آزاد فيصلن ڪرڻ جي همت کي ڪمزور ڪري ڇڏي ٿي. جڏهن ماڻهو پنهنجي اندر جي آواز کان وڌيڪ ٻين جي راين کي اهميت ڏيڻ لڳي ٿو، تڏهن هو آهستي آهستي پنهنجي اصل سڃاڻپ کان پري ٿيندو وڃي ٿو. پوءِ زندگي پنهنجي خوابن ۽ خواهشن موجب نه، پر ٻين جي امڪاني راءِ ۽ تنقيد جي خوف هيٺ گذرڻ لڳي ٿي. نفسيات موجب انسان فطري طور هڪ سماجي مخلوق آهي، جنهن جي شخصيت ٻين ماڻهن سان لاڳاپن، قبوليت ۽ سماجي سڃاڻپ سان جڙيل هوندي آهي. هر انسان جي اها خواهش هوندي آهي ته کيس عزت ملي، سندس راءِ کي اهميت ڏني وڃي ۽ سماج ۾ سندس وجود کي مڃتا حاصل ٿئي. اها خواهش نفسياتي واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي، پر جڏهن انسان پنهنجي قدر ۽ سڃاڻپ جو دارومدار مڪمل طور ٻين جي راءِ تي رکڻ لڳي، تڏهن هو ذهني دٻاءُ، پاڻ تي بي يقيني ۽ اندروني ڪشمڪش جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
آمريڪي نفسيات دان ابراهام ميسلو پنهنجي مشهور نظريي “ميسلو جي ضرورتن جو سلسلو” ۾ محبت، وابستگي، عزت ۽ خودشناسي کي انسان جي بنيادي نفسياتي ضرورتن ۾ شامل ڪري ٿو. سندس خيال موجب جڏهن اهي ضرورتون متوازن نموني پوريون ٿين ٿيون ته انسان اعتماد سان پنهنجي صلاحيتن کي نکاريندو ۽ زندگيءَ ۾ اڳتي وڌندو آهي، پر جيڪڏهن قبوليت جي خواهش حد کان وڌي وڃي ۽ هر فيصلو ٻين جي منظوري سان مشروط ٿي وڃي، ته انسان جي خود اعتمادي، شخصي آزادي ۽ آزاد فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿيڻ لڳي ٿي. آمريڪي سماجياتدان چارلس هارٽن ڪولي پنهنجي مشهور نظريي “آئيني جهڙي خودشناسي” ۾ بيان ڪري ٿو ته انسان پنهنجي شخصيت ۽ پنهنجي تصور جو وڏو حصو ان بنياد تي تشڪيل ڏئي ٿو ته هو سمجهي ٿو ته ٻيا ماڻهو سندس باري ۾ ڇا سوچين ٿا. ٻين لفظن ۾، انسان پاڻ کي ٻين جي نظرن جي هڪ خيالي آئيني ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جيڪڏهن کيس محسوس ٿئي ته ماڻهو کيس قابل ۽ باوقار سمجهن ٿا ته سندس خود اعتمادي وڌي ٿي، پر جيڪڏهن هو اهو گمان ڪرڻ لڳي ته ماڻهو مٿس تنقيد ڪري رهيا آهن يا کيس گهٽ سمجهن ٿا ته سندس اعتماد ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪيترين ئي حالتن ۾ اهي خيال حقيقت تي نه، پر ذهن جي ٺاهيل گمانن ۽ مفروضن تي ٻڌل هوندا آهن. نفسيات ۾ “اسپاٽ لائيٽ اِفيڪٽ” هڪ اهم تصور آهي، جنهن کي آمريڪي نفسياتدان ٿامس گيلووچ ۽ سندس ساٿين پنهنجي تحقيق ذريعي واضح ڪيو. هن نظريي موجب ماڻهو اڪثر اهو سمجهن ٿا ته ڄڻ هر وقت سڀني جون نظرون مٿن آهن ۽ هرڪو سندن لباس، ڳالهائڻ جي انداز، حرڪتن يا غلطين تي غير معمولي ڌيان ڏئي رهيو آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ گهڻا ماڻهو پنهنجي ئي معاملن ۽ مسئلن ۾ ايترا مصروف هوندا آهن، جو ٻين تي ايترو ڌيان ئي نه ڏيندا آهن. اهو نفسياتي وهم غير ضروري شرمندگي، ذهني پريشاني ۽ سماجي خوف کي وڌائي سگهي ٿو، جنهن سبب ماڻهو پنهنجن صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ ۽ نوان قدم کڻڻ کان به ڪيٻائڻ لڳن ٿا. انهيءَ حوالي سان ڪينيڊين سماجيات دان ايروِنگ گوفمين پنهنجي مشهور ڪتاب The Presentation of Self in Everyday Life ۾ سماجي زندگيءَ کي هڪ اسٽيج سان تشبيهه ڏئي ٿو. سندس خيال موجب ماڻهو روزمره جي زندگيءَ ۾ مختلف حالتن مطابق مختلف سماجي ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ ٻين تي سٺو تاثر ڇڏڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪو سماجي زندگيءَ جو فطري حصو آهي، پر جڏهن انسان جي هر ڳالهه، هر فيصلو ۽ هر عمل رڳو ٻين کي متاثر ڪرڻ يا سندن منظوري حاصل ڪرڻ لاءِ ٿيڻ لڳي، تڏهن هو پنهنجي اصل شخصيت، فڪري آزادي ۽ سچائيءَ کان پري ٿيڻ لڳي ٿو.
حقيقت اها آهي ته دنيا ۾ گهڻا ماڻهو پنهنجي زندگي، روزگار، خاندان، معاشي مسئلن ۽ ذاتي پريشانين ۾ ايترا ته مصروف هوندا آهن، جو هو اسان بابت ايترو نه سوچيندا آهن، جيترو اسان پنهنجي ذهن ۾ تصور ڪري ويهندا آهيون. اسان اڪثر ٻين جي ممڪن راءِ کي حقيقت سمجهي ويهندا آهيون ۽ ان وهم جي بنياد تي پنهنجا ڪيترائي اهم فيصلا ملتوي يا رد ڪري ڇڏيندا آهيون. نتيجي ۾ نه رڳو سونهري موقعا هٿن مان نڪري ويندا آهن، پر شخصي واڌ ويجهه، تخليقي صلاحيتن ۽ خوداعتمادي تي به منفي اثر پوندو آهي. زندگيءَ جي وڏي ستم ظريفي اها آهي ته جن ماڻهن جي تنقيد کان اسين ڊڄندا رهون ٿا، انهن مان گهڻن کي شايد اسان جي فيصلن جي خبر به نه هوندي ۽ جيڪڏهن هوندي به، ته هو ٿوري ئي وقت ۾ انهن کي وساري ڇڏيندا آهن. يقينن تعميري تنقيد انسان جي شخصي ۽ پيشاوراڻي واڌ ويجهه لاءِ انتهائي اهم هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته اها اسان کي پنهنجين ڪمزورين کي سڃاڻڻ، غلطين کي سڌارڻ ۽ بهتر انسان بڻجڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي، پر هر تنقيد تعميري نه هوندي آهي، ۽ نه ئي هر راءِ کي پنهنجي زندگيءَ جو آخري فيصلو بڻائڻ عقلمندي آهي. ڪيترائي رايا ذاتي پسند، تعصب، اڻپوري ڄاڻ يا لمحي جي تاثر تي ٻڌل هوندا آهن. هڪ باشعور ۽ بااعتماد انسان تعميري تنقيد مان ضرور سکندو آهي، پر پنهنجي زندگيءَ جو رخ هميشه پنهنجن اصولن، شعور ۽ مقصدن جي روشنيءَ ۾ طئي ڪندو آهي، نه ڪي ماڻهن جي بدلجندڙ راين جي بنياد تي. تاريخ گواهه آهي ته هر وڏي تبديلي، هر نئين سوچ ۽ هر غير معمولي ڪاميابي جي شروعات تنقيد ۽ مخالفت سان ئي ٿي آهي، جن ماڻهن پنهنجي دور کان اڳتي ڏٺو، نوان خيال پيش ڪيا يا روايتي سوچ کي چئلينج ڪيو، تن کي شروعاتي مرحلن ۾ اڪثر غلط سمجهيو ويو، سندن مخالفت ڪئي وئي ۽ ڪڏهن ته سندن مذاق به اڏايو ويو، پر انهن ماڻهن ٻين جي عارضي راين کي پنهنجي مستقل قسمت نه بڻايو. جيڪڏهن هو به صرف اهو سوچين ها ته “ماڻهو ڇا سوچيندا؟” ته شايد ڪيترائي علمي، سماجي ۽ سائنسي انقلاب ڪڏهن جنم ئي نه وٺن ها. آخر ۾ سوال اهو ناهي ته ماڻهو اسان بابت ڇا سوچين ٿا، پر اصل سوال اهو آهي ته اسان پنهنجي باري ۾ ڇاٿا سوچيون ۽ پنهنجي صلاحيتن تي ڪيترو يقين ۽ ڀروسو رکون ٿا. نفسيات ۽ سماجيات جا مختلف نظريا به اهوئي سبق ڏين ٿا ته انسان جي حقيقي قوت سندس اندروني اعتماد، شعوري فيصلن ۽ مقصد سان وابستگيءَ ۾ لڪل هوندي آهي، نه ماڻهن جي بدلجندڙ راين ۾. تنهنڪري تعميري تنقيد مان ضرور سکڻ گهرجي، پر پنهنجي زندگيءَ جو رخ خوف، وهم يا سماجي دٻاءُ جي بنياد تي نه، پر عقل، شعور، اخلاقي قدرن ۽ پنهنجي ضمير جي آواز جي روشنيءَ ۾ طئي ڪرڻ گهرجي. تاريخ هميشه انهن ماڻهن کي ياد رکندي آهي، جن پنهنجي وقت جي مخالفت باوجود پنهنجي سچائي، اصولن ۽ مقصدن تي ثابت قدم رهي دنيا ۾ مثبت تبديلي آندي، نه انهن کي، جيڪي سڄي عمر رڳو اهو سوچيندا رهيا ته “ماڻهو ڇا سوچيندا؟”
هي مضمون ڪيئن رهيو؟