ڳوٺ ڪبير فقير زبون حال اسڪول، تعليم کان محروم ٻار
Sufi Rahman Ali
ڪالم نگار
تعليم ڪنهن به سماج لاءِ رڳو روزگار حاصل ڪرڻ جو ذريعو ناهي، پر اها انسان جي شعور، فڪري سجاڳي، سماجي تبديلي ۽ روشن مستقبل جي اڏاوت جو بنيادي ٿنڀ آهي. تعليم ئي اها قوت آهي، جيڪا فرد کي پنهنجي حقن جي سڃاڻپ، سماج کي ترقيءَ جي راهه ۽ قومن کي تاريخ جي اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ڏانهن وڌڻ جو حوصلو ڏئي ٿي. ڳوٺ ڪبير فقير، تعلقو جوهي ۾ قائم گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت 1987ع ۾ تعمير مڪمل ٿي، پر افسوس جو ان کان پوءِ اڄ تائين عمارت جي مرمت، سارسنڀال يا نئين سر تعمير لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نه کنيا ويا آهن. لڳ ڀڳ 39 سالن جو ڊگهو عرصو گذرڻ ۽ ڪيترين ئي موسمياتي تبديلين سبب ٿيندڙ برساتن جي باوجود سرڪاري سطح تي عمارت جي بحاليءَ تي گهربل ڌيان نه ڏنو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ اسڪول جي عمارت هن وقت انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي ۽ زبون حال بڻجي چڪي آهي. هڪ اهڙو تعليمي ادارو، جيڪو ڪيترن ئي نسلن جي تعليمي بنياد جو مرڪز رهيو، اڄ پنهنجي ئي وجود جي بقا لاءِ انتظامي ڌيان جو منتظر آهي. سوال اهو آهي ته آخر 39 سالن تائين هن اسڪول جي مرمت ۽ نئين سر تعمير کي نظرانداز ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي؟
گذريل 15 سالن کان زبون حال اسڪول جي عمارت جي نئين سر تعمير ۽ انتظامي ذميواريءَ جو سوال ۽ معصوم ٻارڙا زندگيءَ جي ابتدائي سبق سکڻ لاءِ اسڪول ايندا هئا، پر اسڪول جي عمارت جي زبون حال عمارت سبب سندن تعليمي سفر اوچتو رڪجي ويو آهي. هيءَ صورتحال رڳو هڪ عمارت جي زبون حاليءَ جو معاملو ناهي، پر 120 ٻارن جي تعليمي مستقبل سان جڙيل هڪ سنجيده انساني الميو آهي، ٻار جو ننڍپڻ سندس تعليم جي بنياد رکڻ جو اهم دور هوندو آهي. جيڪڏهن ان عمر ۾ ٻار جو اسڪول سان رابطو ٽٽي وڃي ته سندس سکڻ جي صلاحيت، تعليمي دلچسپي ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا مستقبل ۾ متاثر ٿين ٿا. خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙيءَ انهن علائقن ۾، جتي تعليم تائين پهچ اڳ ئي محدود هجي، اتي اسڪول جي بندش ٻارن کي مستقل تعليمي محروميءَ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿي. هڪ طرف اسان سنڌ جي ترقي، جديد تعليم ۽ روشن مستقبل جون ڳالهيون ڪريون ٿا ته ٻئي طرف جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ جا 120 ٻار پنهنجي بنيادي تعليمي حق کان محروم رهن ٿا ته پوءِ اسان جي ترقيءَ جي دعوائن تي سوال اٿڻ فطري آهي. هن ڏکئي وقت ۾ ڳوٺ ڪبير فقير تعلقو جوھي جي رهواسين پنهنجي اجتماعي ذميواري، علم دوستي ۽ سماجي شعور جو تعريف جوڳو مظاهرو ڪيو آهي. ڳوٺاڻن گڏيل طور هڪ “حلف نامو” جمع ڪرايو، جنهن ۾ پنهنجي ذاتي اوطاق ۾ رضاڪاراڻي طور اسڪول هلائڻ لاءِ پلاٽ فراهم ڪيو آهي جيئن ٻارن جي تعليم جو سلسلو ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿئي. هيءُ عمل پنهنجي نوعيت ۾ هڪ اهم سماجي مثال آهي. جڏهن سرڪاري عمارت تعليمي عمل جي قابل نه رهي ته ڳوٺاڻن پنهنجي ذاتي اوطاق جا دروازا علم جي روشنيءَ لاءِ کولڻ جي آڇ ڪئي. اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته ڳوٺاڻا پنهنجا ٻار پڙهائڻ لاءِ سنجيده ۽ ذميوار آهن، پر افسوس جو ڳوٺاڻن جي هن مثبت تجويز تي اڃان تائين TEO صاحب طرفان منظوري نه ڏني وئي آهي، جڏهن ته اسڪول کي ڳوٺ کان لڳ ڀڳ چار ڪلو ميٽر پري ڪوڪڙ هورو منتقل ڪيو ويو آهي. هتي هڪ بنيادي سوال پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن ڳوٺ جا رهواسي پنهنجي اوطاق ۾ قائم قديم زبون حال اسڪول جي بلڊنگ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيا آهن ته پوءِ ان تجويز تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟ ڇا انتظامي سهولت ٻارن جي تعليمي سهولت کان وڌيڪ اهم آهي؟ ڇا سرڪاري ادارن جي ذميواري رڳو اسڪول کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ تائين محدود آهي يا سندن اصل فرض اهو به آهي ته هر ٻار کي تعليم تائين محفوظ ۽ آسان رسائي فراهم ڪئي وڃي؟ چار ڪلو ميٽرن جو مفاصلو وڏن ماڻهن لاءِ شايد معمولي هجي، پر پرائمري درجي جي ننڍڙن ٻارن لاءِ اهو روزانو هڪ وڏو مسئلو آهي. خاص طور تي ٻهراڙيءَ جي رستن، گرميءَ، برساتن ۽ ٻين موسمي حالتن ۾ ننڍڙن ٻارن جو ايترو پري اچڻ وڃڻ نه رڳو ڏکيو، پر سندن حفاظت جي حوالي سان به ڳڻتيءَ جوڳو آهي. ان کانسواءِ نياڻين لاءِ اهڙو فاصلو وڌيڪ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو، جنهن سان سندن تعليم متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي پيو آھي. نتيجي طور ڳوٺ ڪبير فقير جا ڪيترائي ٻار پري اسڪول وڃڻ جي سگهه نه رکڻ سبب تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اسڪول جي منتقلي کي مسئلي جو مڪمل حل قرار نٿو ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اسڪول جي اصل مقصد ٻارن تائين تعليم پهچائڻ آهي، نه ڪي ٻارن کي تعليم کان پري ڪرڻ، پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25-A تحت پنجن کان سورهن سالن جي عمر تائين هر ٻار کي مفت ۽ لازمي تعليم فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. ان آئيني ضمانت جي روشنيءَ ۾ تعليم تائين رسائي رڳو انتظامي سهولت يا اختياري فيصلو نه، پر ٻارن جو بنيادي حق آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ لاڳاپيل اختيارين تي لازم آهي ته اهي انهيءَ حق جي عملي تحفظ کي يقيني بڻائين. ساڳئي وقت هي سوال به اهم آهي ته اسڪول جي عمارت آخر اهڙي خطرناڪ حالت تائين ڪيئن پهتي؟ ان جي بروقت مرمت ڇو نه ڪرائي وئي؟ جيڪڏهن عمارت ڊگهي عرصي کان زبون حال هئي ته ان جي بحاليءَ لاءِ اڳواٽ قدم ڇو نه کنيا ويا؟ انهن سوالن جا جواب ڳولهڻ به ضروري آهن، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن ٻئي اسڪول ۽ ڪنهن ٻئي ڳوٺ جا ٻار اهڙي صورتحال جو شڪار نه ٿين، سنڌ حڪومت، تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيس دادو ۽ تعلقه جوهي جي لاڳاپيل تعليمي عملدارن کي گهرجي ته اهي هن معاملي کي رڳو فائيلن، رپورٽن ۽ دفتري ڪارروائين تائين محدود نه رکن، پر زميني حقيقتن کي سامهون رکي فوري قدم کڻن. سڀ کان پهرين ڳوٺاڻن پاران پيش ڪيل حلف نامي ۽ ذاتي اوطاق ۾ عارضي اسڪول هلائڻ جي تجويز جو قانوني ۽ انتظامي جائزو وٺي، ضروري حفاظتي ۽ تعليمي سهولتون مهيا ڪري، ڳوٺ اندر ئي تدريس جو سلسلو بحال ڪيو وڃي. ان سان گڏ اسڪول جي موجوده عمارت جو فني معائنو ڪرائي، ان جي نئين سر تعمير يا ضروري بحاليءَ لاءِ بجيٽ ۽ وقت مقرر ڪيو وڃي. عمارت جي تعمير تائين ٻارن جي تعليم جو متبادل بندوبست برقرار رکڻ پڻ لاڳاپيل اختيارين جي اولين ذميواري هجڻ گهرجي، انهيءَ سان گڏ اسڪول جي استادن جي حاضري، ٻارن جي داخلا ۽ حاضريءَ جي تسلسل ۽ تعليمي سرگرمين جي نگرانيءَ لاءِ به واضح انتظام ڪيا وڃن، جيئن عارضي بندوبست مستقل تعليمي نقصان جو سبب نه بڻجي. اسڪول جي عمارت جي هر ديوار ۾ ٻارن جا خواب، هر ڪلاس روم ۾ مستقبل جا امڪان ۽ هر ڪتاب ۾ هڪ بهتر سماج جي اڏاوت لڪل هوندي آهي.
ڳوٺ ڪبير فقير جا اهي 120 ٻار به رياست جي مستقبل جو حصو آهن. انهن مان ڪي ٻار استاد، ڊاڪٽر، وڪيل، انجنيئر، سائنسدان يا سماج جي تبديليءَ جو علمبردار بڻجڻ جو سفر جاري رکي سگهن، سندن خوابن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ کين اڄ ئي تعليم جا محفوظ ۽ سازگار موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آهن، جيڪو ٻارن جو بنيادي حق ۽ رياست جي آئيني ذميواري آهي. جيڪڏهن اڄ ڳوٺ ڪبير فقير جي انهن 120 ٻارن جي تعليم بچائڻ لاءِ سنجيده قدم کنيو ويو ته سڀاڻي هڪ باشعور، خود اعتماد ۽ باعزت نسل جي اڏاوت ٿي سگهندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟