رولو ڪتن جي ور چڙهيل ٽنڊوالهيار واسي!
ٽنڊوالهيار ضلعو سنڌ جي سر سبز ۽ شاد آباد شھرن مان ھڪ آھي، جتي قدرت جي طرفان ته ھر فطري حسناڪي جو مظھر موجود آهي، پر افسوس جو سڄي سنڌ جيان بدترين طرز حڪمراني، حڪومتي بي حسي ھن شھر جي رونقن کي پڻ ويرانين جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. ھن وقت ٽنڊوالهيار ضلعي سميت چمبڙ، مسڻ، جھنڊو مري ضلعي ھر علائقي ۾ ماڻھن کي رولو ڪتن جي ڏاڙھڻ وارن ڪيسن ۾ روزانو اضافو ٿي رھيو آھي. ٽنڊوالهيار ضلعي جي ھر ڳوٺ، علائقي ۾ رولو ڪتن جو آزار ايڏو ته وڌي ويو آهي جو ھاڻ ھر ھفتي پندرهن ڏينهن اندر ڪو نه ڪو ٽنڊوالهيار واسي رولو ڪتن جي ڏاڙھڻ سبب پنھنجي حياتيءَ تان ھٿ کڻي ويھي ٿو. گذريل ڪجهه مھينن ۾ لڳ ڀڳ 200 کان به مٿي ماڻھو رولو ڪتن جي ڏاڙھڻ جو شڪار ٿي چڪا آهن، جن مان ڪيترائي ماڻھو ته وقت سر ويڪسين نه ملڻ سبب ڪجهھ وقت کانپوءِ فوت ٿي چڪا آهن، پر انتھائي افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته ٽنڊوالهيار جي ضلعي انتظاميا ڪروڙين رپين جي بجيٽ ھئڻ باوجود ھن افسوسناڪ معاملي تي مڪمل تماشائي بڻيل آهي، ڄڻ ضلعي انتظاميا جي رولو ڪتن جي خاتمي، ويڪسين جي دستيابي وغيره اھي سڀ شيون شايد ٽنڊوالهيار جي ھن اگھور ننڊ پيل انتظاميا جي ذميواري ۾ نٿيون اچن جو ان ڏس ۾ ڪو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪن. ڪيڏي نه شرمناڪ ڳالهه آهي جو رولو ڪتن جي ڏاڙھڻ سبب ڪيتريون ئي انساني جانيون ھر روز موت جي منهن ۾ پيون وڃن، ٽنڊوالهيار ضلعي جي ھر ڳوٺ، واھڻ ۽ وستي ۾ رولو ڪتن ايڏو ته رڻ ٻاري ڏنو آهي جو ھاڻ ماڻھو پنھنجي گھرن تائين محدود ٿي چڪا آهن، صبح جي پھر ۾ معصوم ٻارڙا اسڪول نٿا وڃي سگهن. پورھيت ماڻھو موت جو رسڪ کڻي گھرن کان ٻاھر نڪري ڪم ڪار تي وڃن ٿا. ٽنڊوالهيار واسين جي دانھن، ڪوڪن ڪرڻ باوجود ڪو به ناھي جيڪو ھن معاملي ۾ اڳتي وڌي ٽنڊوالهيار واسين جي دانهن ورنائي. ھر طرف خوف ۽ حراس جي فضا پکڙيل آهي. ڇاڪاڻ ته ڪو ڏينهن خالي ناهي جنھن ڏينھن ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ رولو ڪتن جي ڏاڙھڻ جو ڪو ڪيس رپورٽ نه ٿئي، انھيءَ سڄي صورتحال ۾ ٽنڊوالهيار جي ضلعي انتظاميا جي لاوارثي، لاپرواهي سواليه نشان بڻيل آهي. ھي رولو ڪتن جي ڏاڙھڻ سبب ٿيندڙ جاني نقصان جي سڄي ذميواري ضلعي انتظاميا تي اچي ٿي ته آخر سنڌ حڪومت پاران اربين روپين جي رکيل ڪتن کي خصي ڪرڻ واري بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي؟ ڪتا مار مھم جو آغاز ڇو ناھي ٿي سگھيو؟ خدارا! ٽنڊوالهيار واسين جي ڪا سار لھو، آخر ڪيستائين ٽنڊوالهيار جا ماڻهو انھن رولو ڪتن، پيئڻ جي خراب ٿي ويل پاڻي، بدامني، منشيات جي سر عام واھپي وگھي پنھنجي پيارن جا لاش کڻندا رھندا؟
ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته سنڌ حڪومت سميت ٽنڊوالهيار جي ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل سمورين اختيارين کي ٽنڊوالهيار شھر سميت، تعلقي چمبڙ، جھنڊو مري، سلطان آباد، سنجر چانگ ھر ڳوٺ، علائقي ۾ ڪتا مار مھم جو آغاز ڪري ٽنڊوالهيار واسين کي رولو ڪتن جي آزار کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي. ان سان گڏوگڏ ٽنڊوالهيار ضلعي جي ھر سرڪاري صحت مرڪز ۾ ريبيبز کان بچاءُ جي ويڪسين جي موجودگي کي ھر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن وري ڪنھن رولو ڪتي جي چڪ پائڻ سبب ڪنھن جيجل جي جھولي خالي نه ٿئي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟