مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نون صوبن جي سياست ۽ پنجاب جي اشرافيه جا مفاد

Tufail Magsi

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان ۾ نون صوبن جي بحث کي جنهن انداز ۾ سنڌي مهاجر ٽڪراءُ بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي، اصل مسئلو انهيءَ کان وڌيڪ ڳوڙهو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو صرف ٻولي، سڃاڻپ يا انتظامي ورهاست جو معاملو ناهي، بلڪه حقيقت ۾ انهيءَ جي پٺيان زمين، سرمائي، وسيلن ۽ سياسي اقتدار جي سياست موجود آهي. ٿورڙو سنڌ جي زمينن تي نظر وجهجي ٿي، بحريه ٽائون ڪراچي، ڊي ايڇ اي، ڊي ايڇ اي سٽي، گڏاپ، ڄامشورو ۽ ٺٽو ۾ وڏن واپاري ۽ رهائشي منصوبن وارا مامرا ڏسو. ڪٿي ٻهراڙي جي زمينن جا جهڳڙا آهن، ڪٿي سرڪاري ايراضي جي الاٽمينٽ تي سوال آهن ۽ ڪٿي مقامي آبادي پنهنجي زمين ۽ ملڪيتي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن. اهو اربين رپين جي زمين جو ڪاروبار آهي. نيون رهائشي وسنديون، واپاري منصوبا ۽ سامونڊي علائقن جي وڌندڙ معاشي اهميت سرمائيدارن جي لاءِ وڏا موقعا پيدا ڪري ٿي. اهڙي صورتحال ۾ نون صوبن جي بحث کي زمين ۽ وسيلن جي ڪاروباري مفادن کان الڳ ڪري نٿو ڏسي سگهجي. ڳالھه صرف زمينن ۽ هائوسنگ سوسائٽين تائين محدود ناهي. ڪراچيءَ جا بندرگاھ، سنڌ جي ڊگهي سامونڊي پٽي ۽ ڪراچيءَ جا ٻيٽ به ان معاشي ۽ سياسي ڇڪتاڻ جو حصو آهن. انهن علائقن تي اختيار ۽ ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جون ڪوششون، زمينن جي ورهاست ۽ وڏن واپاري منصوبن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. انهن قيمتي علائقن جو مستقبل ڪير طئي ڪندو، هتان جو عوام يا طاقتور سرمائيدار ۽ بااثر سياسي ڌريون؟ انهيءَ سموري مامري ۾ پنجاب جي نام نهاد سياسي ۽ ڪاروباري اشرافيه جي مفادن کي به سمجهڻ ضروري آهي. جنهن کي سنڌ جي ملڪيت 1947ع کان وٺي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀندي رهي آهي. پاڪستان ۾ اقتدار ۽ وسيلن جي ورهاست واري تاريخ ٻڌائي ٿي ته نام نهاد مرڪزيت جي سياست صوبن جي اختيارن ۽ وسيلن جي توازن کي متاثر ڪندي رهي آهي. نون صوبن جي مطالبن جي پٺيان ڪهڙا سياسي ۽ معاشي مفاد آهن، انهن جي سنجيده تحقيق ٿيڻ گهرجي. آمريڪا پنهنجي مختلف دورن ۾ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ سان گڏ پنهنجي علاقائي مفادن تحت ڪم ڪيو آهي. ٻئي پاسي چين جي دلچسپي بندرگاهن، سامونڊي علائقن ۽ واپاري رستن ۾ آهي. ٻنهي طاقتن جا پنهنجا پنهنجا معاشي مفاد آهن، پر سنڌ جي مستقبل جو فيصلو هتان جي عوام جي حقن ۽ آئيني اختيار کي سامهون رکي ٿيڻ گهرجي. سڀ کان اهم ڳالھه اها آهي ته نون صوبن جو معاملو سنڌي مهاجر ٽڪراءُ نه، پر انهن چند ايم ڪيو ايم جي اسٽيبلشمينٽ وارن واٺن جو آهي جن کي اهو ڪم سونپيو ويو آهي.
سنڌي ۽ مهاجر ٻئي سنڌ جا مستقل رهواسي آهن، ٻئي هتي رهن ٿا، ڪاروبار ڪن ٿا، روزگار ڪمائين ٿا ۽ پنهنجن نسلن جو مستقبل انهيءَ زمين سان لاڳاپيل رکن ٿا. سياسي اختلاف پنهنجي جڳھه تي، پر ٻنهي آبادين جا معاشي مفاد هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. جيتوڻيڪ اردو آباديءَ جي اڪثريت سندن مداري سياسي اڳواڻن جي پرڪارن کان چڱي ريت واقفيت رکي ٿي. پوءِ انهن کي هڪٻئي جي سامهون بيهارڻ جي ضرورت ڇو پيش اچي رهي آهي؟ ڇا زمين ۽ وسيلن تي اختيار واري بحث کي لساني اختلافن ۾ تبديل ڪرڻ وارو بغض معاويه سياسي ۽ ڪاروباري ڌرين جي لاءِ وڌيڪ آسان آهي؟
سنڌ جي عوام کي اهو سمجهڻو پوندو ته زمين جي سياست ۾ اصل طاقت ڪنهن وٽ آهي. هڪ پاسي عام ماڻهو پنهنجي ڇت لاءِ پريشان آهي ته ٻئي پاسي وڏا سرمائيدار هزارين ايڪڙ زمين جي منصوبن ۾ سرمائيڪاري ڪري رهيا آهن. سنڌ جي زمين، سمنڊ، بندرگاهون ۽ ٻيٽ ڪو واپاري مال ناهي جو عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا انهن جا فيصلا ڪيا وڃن. ڇاڪاڻ ته هي دور ڪو بيٺڪيتي دور ناهي ۽ نه ئي سنڌ وفاق جي ڪا ڪالوني آهي. سنڌين ۽ مهاجرن کي هڪٻئي سان ويڙهائڻ بجاءِ زمين، وسيلن، روزگار، صوبائي خود مختياري ۽ پنهنجي گڏيل مستقبل جي تحفظ تي ڳالهائڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سڃاڻپ جي ويڙھ ۾ عوام ورهائبو آهن، ليڪن زمين ۽ اقتدار جي سياست ۾ فائدو اڪثر طاقتور طبقا کڻندا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو