مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سوالن تي پابندي، آزاديءَ تي قدغن ۽ مزاحمت جو آواز

Hazoor Bux Malik تعليمدان، ليکڪ، ڪالم نگار

بي.ايس (P.S)، سماجي مسئلن تي آواز اٿاريندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگردن کي خاموش ڪرڻ، سوالن کان روڪڻ ۽ اظهار جي آزادي محدود ڪرڻ جون ڪوششون ڪنهن به صورت ۾ علم، تعليم ۽ شعور جي روح سان مطابقت نٿيون رکن. يونيورسٽي رڳو ڊگريون حاصل ڪرڻ جو ادارو ناهي، پر اها سوچ، دليل، اختلاف، تنقيد ۽ شعور پيدا ڪرڻ جي جاءِ هوندي آهي.
گذريل ڏينهن ڊي جي آءِ ايس پي آر جي يونيورسٽي دوري ۽ ان موقعي تي شاگردن جي آزاديءَ، سوال ڪرڻ جي حق ۽ اظهار بابت پيدا ٿيل صورتحال ڪيترن ئي سنجيده سوالن کي جنم ڏئي ٿي. جيڪڏهن شاگردن کان موبائل فون کسي ورتا وڃن، سوال ڪرڻ تي پابنديون لڳايون وڃن ۽ کين صرف ٻڌڻ، قبول ڪرڻ ۽ خاموش رهڻ تائين محدود ڪيو وڃي ته پوءِ اهڙي ماحول ۾ علمي آزاديءَ جو تصور ڪٿي بچندو؟ شاگردن کي سوال ڪرڻ کان روڪڻ، سندن آواز دٻائڻ ۽ اظهار تي پابنديون لڳائڻ سان ڪنهن به نظريي کي مضبوط نٿو ڪري سگهجي. حقيقت ۾ سوالن کان خوفزده ٿيڻ پاڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان اختلاف کي برداشت ڪرڻ ۽ دليل سان جواب ڏيڻ جي ثقافت کان پري ٿيندا پيا وڃون. نوجوانن جي ذهنن تي تالا لڳائي قومن کي ترقيءَ جي منزل تائين نٿو پهچائي سگهجي. هاڻي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ پنجاب جي يونيورسٽين وانگر سنڌ جي ورهاڱي جي حمايت ۾ ڪانفرنسون ڪرائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، پر سنڌ جي ڌرتيءَ تي اهڙن منصوبن جي ڪاميابي ايتري سولي ناهي. سنڌ رڳو نقشي تي ٺهيل هڪ جاگرافيائي خطو ناهي. سنڌ پنهنجي تاريخ، ٻولي، ثقافت، سڃاڻپ ۽ اجتماعي شعور جو نالو آهي. هتي ڌرتيءَ سان محبت ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي ۽ پنهنجي وطن جي وحدت، سڃاڻپ ۽ حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي روايت به موجود رهي آهي. ڀلي شاگردن کان موبائل فون کسي وٺجن، ڀلي سوال ڪرڻ جا در بند ڪيا وڃن، ڀلي ڪانفرنسن ۾ هڪ طرفي ڳالهه ٻڌڻ تي مجبور ڪيو وڃي، پر سوچ کي قيد ڪرڻ ممڪن ناهي. جتي نوجوانن جي ذهنن ۾ سوال پيدا ٿين ٿا، اتي شعور جا در کلي وڃن ٿا. سنڌ جو نوجوان رڳو خاموش تماشائي بڻجي رهڻ لاءِ يونيورسٽي ۾ داخل نٿو ٿئي. هو علم حاصل ڪرڻ، حقيقت کي سمجهڻ ۽ پنهنجي مستقبل بابت راءِ قائم ڪرڻ جو حق رکي ٿو. سنڌ جي يونيورسٽين کي خوف جي فضا نه، آزاد بحث جي فضا گهرجي. هتي شاگردن کي هر موضوع تي سوال ڪرڻ، دليل ڏيڻ، اختلاف رکڻ ۽ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ جو حق ملڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن خيال کي درست سمجهيو وڃي ٿو ته ان کي دليلن سان ثابت ڪيو وڃي، نه ڪي شاگردن جي زبان بند ڪري.
سنڌ جي ڌرتيءَ سان محبت ڪنهن هڪ ڪانفرنس، ڪنهن هڪ تقرير يا ڪنهن انتظامي حڪم جي محتاج ناهي. اها محبت تاريخ، شعور ۽ عوامي احساس ۾ زنده آهي. سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي ڌرتي، پنهنجي سڃاڻپ ۽ پنهنجي حقن بابت سوچڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ان سوچ کي دٻائڻ بدران سمجهڻ ۽ احترام ڪرڻ گهرجي. يونيورسٽيءَ جي اصل سونهن آزاد ذهن، بي خوف سوال ۽ اختلاف جي احترام ۾ آهي. خاموش شاگرد نه، باشعور شاگرد ئي قومن جو مستقبل بڻجن ٿا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو