مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

قوم جي تعمير ۾ استاد جو ڪردار

Mansoor Nizamani تعليمدان، ڪالم نگار، ليکڪ

MSC (پاڪستان اسٽڊيز)، B.Ed

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪنهن به قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ پائيدار مستقبل جو بنياد معياري تعليم تي بيٺل هوندو آهي ۽ ان تعليم جو سڀ کان اهم محور استاد هوندو آهي. جيڪڏهن تعليم کي هڪ مضبوط عمارت سان تشبيهه ڏجي ته استاد ان جو بنياد آهي ۽ جيڪڏهن قوم کي هڪ سرسبز باغ سمجهجي ته استاد اهو باغبان آهي، جيڪو ايندڙ نسلن جي ذهنن، ڪردارن ۽ صلاحيتن جي آبياري ڪري ٿو. استاد رڳو علم منتقل نٿو ڪري، پر شاگردن ۾ اخلاقي قدر، قومي شعور، ذميواري ۽ مثبت سوچ پيدا ڪري کين مستقبل جي چئلينجن لاءِ تيار ڪري ٿو. ان ڪري اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته “استاد قوم جو معمار آهي” تاريخ شاهد آهي ته جن قومن پنهنجي استادن کي عزت، اعتماد، معياري تربيت ۽ بهترين سهولتون فراهم ڪيون، تن علم، معيشت، تحقيق، ٽيڪنالاجي ۽ سماجي ترقيءَ جي ميدان ۾ دنيا اندر نمايان مقام حاصل ڪيو. تاريخ تي نظر وجهنداسين ته معلوم ٿيندو ته دنيا جي عظيم تهذيبن ۽ ڪامياب قومن جي تعمير ۾ استادن جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. ڪيترن ئي مشهور اڳواڻن، سائنسدانن، مفڪرن ۽ موجدن پنهنجي ڪاميابين جو سهرو پنهنجن استادن جي رهنمائي ۽ تربيت کي ڏنو آهي. ارسطو، افلاطون، ڪنفيوشس، ابنِ سينا، امام غزالي، شاهه ولي الله ۽ ٻين ڪيترن ئي عظيم استادن ۽ مفڪرن پنهنجي علم، فڪر ۽ تدريس ذريعي نه رڳو پنهنجي شاگردن کي علم جي دولت سان مالا مال ڪيو، پر سماجن جي فڪري، اخلاقي ۽ علمي ارتقا ۾ به تاريخي ڪردار ادا ڪيو. انهن شخصيتن جي تعليم ۽ فڪر نسلن تائين اثرانداز ٿيندي رهي آهي، جيڪا ان حقيقت جو ثبوت آهي ته هڪ باصلاحيت استاد رڳو هڪ شاگرد نه، پر پوري قوم جي مستقبل کي سنواري سگهي ٿو. جديد دور ۾ دنيا جي ترقي يافته ملڪن استادن کي قومي ترقي ۽ تعليمي بهتري جو بنيادي محور بڻايو آهي. فنلينڊ، سنگاپور، جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ ڪئناڊا جهڙن ملڪن ۾ استاد ٿيڻ انتهائي باوقار ۽ ذميواري وارو پيشو سمجهيو ويندو آهي. انهن ملڪن ۾ استادن جي چونڊ سخت ميرٽ جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي، کين اعليٰ تعليم، معياري پيشاور تربيت، مناسب پگهارون، جديد تدريسي وسيلا ۽ مسلسل سکيا جا موقعا فراهم ڪيا ويندا آهن. استادن کي پاليسي سازي ۽ نصاب جي تياري ۾ به اهم حيثيت ڏني ويندي آهي، جنهن سبب انهن جي پيشاور صلاحيتن ۾ مسلسل واڌارو ايندو رهي ٿو. نتيجي طور انهن ملڪن جا تعليمي نظام عالمي سطح تي اعليٰ معيار، تحقيق، جدت ۽ شاندار ڪارڪردگي جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا. هي تجربو ثابت ڪري ٿو ته جڏهن استاد بااختيار، باصلاحيت ۽ باوقار هوندا آهن ته تعليم جو معيار بلند ٿيندو آهي ۽ قوم ترقي جي راهه تي تيزيءَ سان اڳتي وڌندي آهي.
استاد جو ڪردار رڳو ڪتابن جا سبق پڙهائڻ يا شاگردن کي امتحانن لاءِ تيار ڪرڻ تائين محدود ناهي، بلڪه هو سندن فڪر، شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير جو ذميوار هوندو آهي. هڪ باصلاحيت استاد شاگردن ۾ تجسس، تنقيدي سوچ، تحقيق جو جذبو، سوال ڪرڻ جي همت، دليل سان ڳالهائڻ ۽ صحيح فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿو. هو شاگردن کي صرف روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ نه، پر زندگيءَ جي هر ميدان ۾ذميواري، ايمانداري، برداشت ۽ خدمت جي جذبي سان اڳتي وڌڻ جي تربيت ڏئي ٿو. استاد جي حقيقي ڪاميابي سٺن امتحاني نتيجن ۾ نه، پر ان ڳالهه ۾ هوندي آهي ته سندس شاگرد بااخلاق، باشعور، ذميوار ۽ سماج لاءِ فائديمند شهري بڻجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن. بدقسمتي سان پاڪستان ۾ استادن جي حيثيت ۽ تعليمي سهولتن جي حوالي سان اڃان به ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ملڪ جي ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن، جهڙوڪ: صاف پيئڻ جي پاڻي، بجلي، فرنيچر، لائبريرين، سائنس ليبارٽرين، ڪمپيوٽر ليبن ۽ انٽرنيٽ جي کوٽ موجود آهي. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استادن جون خالي جايون سالن تائين نه ڀرجن ٿيون، جنهن سبب هڪ ئي استاد کي ڪيترائي ڪلاس ۽ مختلف مضمون پڙهائڻا پون ٿا. ان کان علاوه، استادن کي آدمشماري، چونڊن، پوليو مهم ۽ ٻين انتظامي ذميوارين ۾ به لڳايو ويندو آهي، جنهن سان سندن تدريسي وقت متاثر ٿئي ٿو. خاص طور تي ٻهراڙي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي استاد روزانو ڊگها فاصلا طئي ڪري اسڪول پهچن ٿا ۽ محدود وسيلن باوجود پنهنجي فرض کي ايمانداري، صبر ۽ لگن سان نڀائين ٿا. انهن سڀني مشڪلاتن جي باوجود هزارين استاد خاموشي سان قوم جي ايندڙ نسل جي تعليم ۽ تربيت ۾ مصروف آهن، جيڪي حقيقت ۾ قومي خدمت جو هڪ قابلِ قدر مثال آهن. استادن جي عزت رڳو استادن جي عالمي ڏهاڙي تي تقريبون منعقد ڪرڻ، تقريرون ڪرڻ يا تعريفي بيان جاري ڪرڻ سان نٿي ٿئي، پر ان لاءِ عملي ۽ پائيدار قدم کڻڻ ضروري آهن. حڪومت کي گهرجي ته استادن جي ڀرتي مڪمل ميرٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي يقيني بڻائي، سندن تربيت کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪري، جديد تدريسي وسيلا، ڊجيٽل سهولتون ۽ بهتر ڪم ڪندڙ ماحول فراهم ڪري، گڏوگڏ استادن کي غير تدريسي ذميوارين کان آجو ڪري ته جيئن هو پنهنجي سموري توجهه تعليم ۽ تربيت تي ڏئي سگهن. ان سان گڏ مناسب پگهارون، ترقي جا شفاف موقعا ۽ پيشاور احترام به يقيني بڻائڻ گهرجن. ٻئي طرف والدين، ميڊيا ۽ سماج جي به ذميواري آهي ته هو استادن کي عزت، اعتماد ۽ تعاون فراهم ڪن. ڇو ته معياري تعليم صرف اسڪول يا حڪومت جي ذميواري نه، پر سڄي سماج جي گڏيل ذميواري آهي. جڏهن استاد عزت، اعتماد ۽ سهولتن سان پنهنجو فرض ادا ڪندو، تڏهن ئي هڪ باشعور، بااخلاق ۽ ترقي يافته قوم جي تعمير ممڪن ٿيندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو