سنڌو درياءَ: زندگيءَ جو ذريعو ۽ بقا جو سوال
سنڌو درياءَ رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو نه، پر پاڪستان جي تاريخ، تهذيب، معيشت ۽ زرعي زندگيءَ جي شهه رڳ پڻ آهي. هزارين سالن کان هي عظيم درياءَ انساني آبادين، شهرن، فصلن ۽ تهذيبن کي زندگي بخشي رهيو آهي. دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ، “سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب” هن ئي درياءَ جي ڪنارن تي جنم ورتو، جتي موهن جو دڙو ۽ هڙپا جهڙا عظيم شهر انسان جي علم، واپار ۽ شهري تمدن جا روشن مرڪز بڻيا. اڄ به پاڪستان جي زرعي معيشت جو بنياد سنڌو درياءَ آهي ۽ ملڪ جي لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو زرعي پيداوار ۽ آبپاشي جو دارومدار هن ئي درياءَ جي پاڻيءَ تي آهي، جنهن جي ذريعي ڪڻڪ، چانور، ڪپهه، ڪمند ۽ ٻيا ڪيترائي اهم فصل پوکيا وڃن ٿا. سنڌو درياءَ رڳو زمينن کي سيراب نٿو ڪري، پر لکين ماڻهن جي روزگار، خوراڪ، ثقافت، صنعت، توانائي ۽ ماحولياتي نظام جو به بنيادي سهارو آهي. هن جي وهڪري سان ڳنڍيل ٻيلا، ڍنڍون، آبي جيوت ۽ سنڌ ڊيلٽا جو قدرتي نظام ملڪ جي ماحولياتي توازن کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سنڌو درياءَ تبت جي بلند پهاڙي علائقي، منساروور ڍنڍ ۽ جبل ڪيلاش جي ويجهو، لڳ ڀڳ 5,000 ميٽرن جي اوچائيءَ تان نڪري ٿو. اتان اهو لداخ مان گذرندي گلگت بلتستان وسيلي پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿو. پوءِ خيبر پختونخواهه، پنجاب ۽ سنڌ جي وسيع ميدانن مان وهي آخرڪار سنڌ ڊيلٽا مان گذرندي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن درياءَ جي ڪل ڊيگهه لڳ ڀڳ 3,180 ڪلو ميٽر آهي، جنهن مان وڏو حصو پاڪستان ۾ وهي ٿو. هن جا اهم معاون درياءَ جهلم، چناب، راوي، ستلج ۽ ڪابل آهن، جيڪي گڏجي دنيا جي سڀ کان وڏي گڏيل آبپاشي نظام،Indus Basin Irrigation System IBIS، کي پاڻي فراهم ڪن ٿا. هي وسيع آبپاشي نظام پاڪستان جي زرعي ترقي ۽ پاڻيءَ جي انتظام جو بنيادي ڍانچو آهي. برطانوي دور ۾ سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ جديد آبپاشي نظام جو بنياد وڌو ويو. ان دور ۾ ڪيترائي وڏا ڪئنال، بيراج ۽ آبپاشي منصوبا تعمير ڪيا ويا، جن جي نتيجي ۾ لکين ايڪڙ بنجر زمين آباد ٿي ۽ زرعي پيداوار ۾ نمايان واڌ آئي. پاڪستان جي قيام کانپوءِ هن نظام کي وڌيڪ وسيع ۽ جديد بڻايو ويو ۽ اڄ پاڪستان وٽ دنيا جو سڀ کان وڏو گڏيل آبپاشي جو نظام موجود آهي، جنهن ۾ هزارين ڪلو ميٽر ڊگها ڪئنال، سوين شاخون، بيراج، بند ۽ پاڻيءَ جي ورهاست جا مختلف ڍانچا شامل آهن. سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ کي منظم نموني استعمال ڪرڻ ۽ زرعي زمينن تائين پهچائڻ لاءِ پاڪستان ۾ ڪيترائي اهم بيراج تعمير ڪيا ويا آهن. سنڌو درياءَ تي ملڪ جا ڇهه اهم بيراج آهن، جن ۾ جناح، چشما، تونسه، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج شامل آهن. انهن کان علاوه تربيلا ڊيم، غازي بروٿا، چشما ريزروائر ۽ ٻيا ڪيترائي آبي منصوبا پڻ هن نظام جو حصو آهن. خاص طور سکر بيراج کي پاڪستان جي زرعي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي سڏيو وڃي ٿو، جتان نڪرندڙ ست وڏا ڪئنال سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمينن کي آباد ڪن ٿا. اھي آبي منصوبا پاڪستان جي زرعي ترقي، خوراڪي سلامتي ۽ اقتصادي استحڪام ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
پاڻيءَ جي انتظام جي حوالي سان پاڪستان جي تاريخ ۾ 1960ع جو “سنڌ طاس معاهدو” هڪ اهم سنگ ميل سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ عالمي بينڪ جي نگرانيءَ هيٺ طئي ٿيو. هن معاهدي موجب پاڪستان کي سنڌو، جهلم ۽ چناب جي پاڻيءَ تي بنيادي حق مليو، جڏهن ته راوي، بياس ۽ ستلج جا پاڻي ڀارت جي حوالي ڪيا ويا. هي دنيا جي ڪامياب ترين بين الاقوامي پاڻي معاهدن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. ان کانپوءِ پاڪستان اندر مغربي دريائن جي پاڻيءَ جي بهتر انتظام، آبپاشي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ زرعي نظام کي مستحڪم رکڻ لاءِ مختلف آبي منصوبا شروع ڪيا ويا. سنڌ طاس معاهدي کانپوءِ پنجاب ۾ ڪيترائي “انٽر ريور لنڪ ڪئنال” تعمير ڪيا ويا، جن جو مقصد هڪ درياءَ جو پاڻي ٻئي درياءَ ڏانهن منتقل ڪري آبپاشي نظام کي متوازن رکڻ هو. انهن ۾ چشما، جهلم، تونسه، پنجند، رسول قادرآباد، قادرآباد بلوڪي ۽ بلوڪي سليمانڪي لنڪ ڪئنال نمايان آهن. بهرحال انهن لنڪ ڪئنالن ذريعي سنڌو درياءَ جو پاڻي مٿين علائقن ڏانهن وڌيڪ وهڻ لڳو. جنهن جي ڪري هيٺيون وهڪرو، خاص طور ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ، پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي، جنهن جا اثر سنڌ جي زرعي زمينن، سنڌ ڊيلٽا، مينگروز جي ٻيلن ۽ سامونڊي پٽي تي پئجي رهيا آهن. ٻئي طرف پنجاب جو اھو موقف رهيو آهي ته اسان 1991 واري پاڻي ورڇ تحت سنڌوءَ درياءَ مان پاڻي کڻي رهيا آهيون. پاڻي جي ورهاست بابت پاڪستان جي چئن صوبن وچ ۾ “1991ع جو پاڻي ورهاست وارو معاهدو” طئي ڪيو ويو، جنهن تحت هر صوبي لاءِ پاڻيءَ جو حصو مقرر ڪيو ويو آهي. هن معاهدي موجب سنڌ کي سراسري طور تقريبن 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ (MAF) پاڻي ملڻ گهرجي، جيڪو نه پيو ملي. بهرحال سنڌ جو اھو واضح موقف رهيو آهي ته کوٽ دوران مٿين علائقن ۾ ته پاڻي جو مقرر مقدار ڇڏيو وڃي ٿو، پر سنڌ ڏانهن عملي طور معاهدي موجب گهربل مقدار ۾ پاڻي نه پيو ڇڏيو وڃي جنهن سبب خاص طور پچڙيءَ وارا علائقا شديد پاڻي کوٽ جو شڪار ٿي رهيا آهن. سنڌو درياءَ جي پوڇڙ وارو علائقو، جيڪو ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ وهي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، جنهن کي سنڌ ڊيلٽا سڏجي ٿو. هي پاڪستان جي اهم ماحولياتي علائقن مان هڪ آهي، جتي درياءَ جي قدرتي وهڪري کي انتهائي اهميت حاصل آهي. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ 1991 جي پاڻي ورڇ جي تحت مقرر مقدار وارو وهڪرو نه پيو ڇڏيو وڃي، جنهن سبب “سمنڊ جي اڳڀرائي” ۾ واڌ ٿي رهي آهي. نتيجي ۾ ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي علائقن ۾ هزارين ايڪڙ زرعي زمينون لوڻياٺ جي ڪري غير آباد ٿي رهيون آهن، مينگرووز جا ٻيلا متاثر ٿي رهيا آهن، مڇيءَ جي پيداوار گهٽجي وئي آهي ۽ هزارين خاندان زرعي زمينن جي تباهي، سمنڊ جي اڳڀرائي ۽ روزگار جي محدود موقعن سبب پنهنجا اباڻا ڳوٺ ڇڏي ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا پيا آهن. ماحولياتي ۽ آبپاشي جي ماهرن جو خيال آهي ته سنڌ ڊيلٽا جي ماحولياتي بقا لاءِ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ “ماحولياتي وهڪري” لاءِ مقرر مقدار ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو وڃي. جيئن سامونڊي ماحول، زرعي زمينن ۽ مقامي آباديءَ کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي.
ان کان علاوه “موسمي تبديلي” تيزي سان وڌندڙ آبادي، پاڻيءَ جي وڌندڙ گهرج، آلودگي ۽ پاڻيءَ جي غير موثر استعمال جهڙا عنصر پڻ سنڌو درياءَ تي دٻاءُ وڌائي رهيا آهن. ماهرن موجب هماليه جي گليشيئرن ۾ تيزي سان ايندڙ تبديليون مستقبل ۾ سنڌو درياءَ جي وهڪري تي به اثرانداز ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن پاڻيءَ جي انتظام بابت وقت سر موثر پاليسيون اختيار نه ڪيون ويون ته پاڪستان کي مستقبل ۾ وڌيڪ سنگين پاڻيءَ جو بحران، خوراڪي کوٽ ۽ ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ ورڇ تي صوبن ۾ پيدا ٿيل اختلافن جو حل رڳو سياسي بيانن يا الزام تراشين ۾ نه، پر سائنسي بنيادن، قانوني اصولن ۽ گڏيل قومي حڪمت عملي ۾ لڪل آهي. ان مقصد لاءِ هيٺيان قدم انتهائي اهم آهن:
1. 1991ع جي پاڻي ورهاست واري معاهدي تي مڪمل شفافيت سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.
2. سنڌو درياءَ مٿان بيراجن ۽ ڪئنالن تي جديد “ٽيلي ميٽري” نظام کي مڪمل طور لاڳو ڪيو وڃي، جيئن پاڻيءَ جي وهڪري ۽ ورهاست بابت صحيح، شفاف ۽ حقيقي معلومات دستياب ٿي سگهي.
3. پاڻي بچائيندڙ جديد آبپاشي طريقن، جهڙوڪ: ڊرپ ۽ اسپرنڪلر سسٽم، کي وڏي پيماني تي فروغ ڏيڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قدم کنيا وڃن.
4. ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ سنڌ ڊيلٽا جي ماحولياتي بقا لاءِ گهربل “ماحولياتي وهڪرو” هر حال ۾ برقرار رکيو وڃي.
5. سنڌ ڊيلٽا جي بحالي، سامونڊي پٽي جي تحفظ ۽ متاثر علائقن جي ترقي لاءِ ڊگهي مدي وارا قومي منصوبا تيار ڪري موثر نموني عملدرآمد ڪيو وڃي.
6. ارسا کي کپي پاڻيءَ بابت ڊيٽا جي شفافيت ۽ گڏيل فيصلا سازي کي هٿي ڏئي ته جيئن پاڻيءَ جي انتظام کي وڌيڪ منصفاڻو، سائنسي ۽ موثر بڻايو وڃي. جنهن سان صوبن وِچ ۾ اعتماد بحال ٿيندو.
سنڌو درياءَ پاڪستان جي قومي وحدت، اقتصادي خوشحالي ۽ ماحولياتي بقا سان سڌيءَ طرح ڳنڍيل آهي. هي رڳو پاڻيءَ جو ذريعو نه، پر ملڪ جي زرعي معيشت، خوراڪي سلامتي، ماحولياتي توازن ۽ لکين ماڻهن جي زندگيءَ جي بقا جو سوال آهي. ان ڪري سنڌو درياءَ بابت هر فيصلو قومي مفاد، سائنسي حقيقتن ۽ صوبن وِچ ۾ اعتماد جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي. صدين کان هي عظيم درياءَ هن ڌرتيءَ کي زندگي، خوشحالي ۽ سڃاڻپ ڏيندو آيو آهي، ان ڪري سنڌوءَ درياءَ جي پاڻيءَ جي منصفاڻي ورهاست ۽ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اُن جي قدرتي وهڪري کي جاري رهڻ ڏنو وڃي. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ هي عظيم درياءَ ايندڙ نسلن لاءِ به زندگي، خوشحالي ۽ اميد جو سرچشمو رهندو؛ پر جيڪڏهن ان کي سياسي اختلافن ۽ غلط پاليسين جي ور چاڙهيو ويو ته ان جا ناڪاري اثر ڪنهن هڪ صوبي تائين محدود نه رهندا، پر سڄي پاڪستان کي ڀوڳڻا پوندا.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟