مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ جو تعليمي بحران، ڪامورا شاهي ۽ سياسي مداخلت

Mansoor Nizamani تعليمدان، ڪالم نگار، ليکڪ

MSC (پاڪستان اسٽڊيز)، B.Ed

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

تعليم ڪنهن به قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ روشن مستقبل جو بنياد هوندي آهي. تاريخ شاهد آهي ته جن قومن پنهنجي تعليمي نظام کي مضبوط، جديد ۽ پنهنجي عوام لاءِ عام بڻايو، انهن معاشي، سماجي ۽ سياسي ميدانن ۾ شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون. افسوس جو پاڪستان جو ٻيو وڏو ۽ تاريخي طور علم، ادب ۽ تهذيب جو مرڪز سمجهيو ويندڙ صوبو سنڌ اڄ هڪ سنگين تعليمي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن بحران جا ڪيترائي سبب آهن، پر انهن سڀني مسئلن جي پاڙ هڪ اهڙي پراڻي، پيچيده ۽ ناڪاره ڪامورا شاهي نظام ۾ لڪل آهي، جيڪا تعليم کاتي جي سڌارن ۽ ترقيءَ جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. غير ضروري دفتري ڪارروائين، فائيلن جي ڊگهي چڪر، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ سياسي مداخلت تعليم کاتي جي ڪارڪردگي کي سخت متاثر ڪيو آهي، جنهن جا ناڪاري اثر سڌي ريت لکين ٻارن جي تعليم ۽ مستقبل تي پئجي رهيا آهن.
يونيسيف پاڪستان جي تازن انگن اکرن موجب سنڌ ۾ پنجن کان سورنهن سالن جي عمر وارا لڳ ڀڳ 74 کان 78 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيڪي هن عمر جي ڪل آبادي جو 44 کان 46 سيڪڙو بڻجن ٿا. هي انگ اکر نه رڳو سنڌ، پر سڄي ملڪ لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال جي عڪاسي ڪن ٿا. لکين ٻارن جو تعليم جي بنيادي حق کان محروم رهجي وڃڻ ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته تعليمي پاليسين، حڪومتي دعوائن ۽ انهن جي عملي نفاذ جي وچ ۾ هڪ وڏو خال موجود آهي. اهي ٻار جيڪڏهن اڄ اسڪولن کان پري آهن ته سڀاڻي روزگار، مهارتن ۽ سماجي ترقيءَ جي موقعن کان به محروم رهجي ويندا. تعليم کان محرومي غربت، بيروزگاري ۽ سماجي اڻبرابريءَ کي وڌيڪ هٿي ڏئي ٿي. جيڪڏهن هن بحران تي فوري ڌيان نه ڏنو ويو ته ايندڙ نسلن لاءِ ان جا اثر اڃان به وڌيڪ سنگين ٿي سگهن ٿا.
پاڪستان اڪنامڪ سروي، شماريات ۽ آدمشماري رپورٽن موجب سنڌ ۾ مجموعي خواندگي جي شرح لڳ ڀڳ 58 سيڪڙو آهي، پر هن انگ جي پويان هڪ گهري اڻبرابري لڪل آهي. شهري علائقن ۾ خواندگي جي شرح تقريبن 72 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ اها گهٽجي صرف 39 سيڪڙو رهجي وڃي ٿي. عورتن، خاص طور تي ڳوٺاڻين ڇوڪرين، جي خواندگي جي شرح اڃا به وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي آهي، جيڪا صنفي ۽ سماجي فرق جي عڪاسي ڪري ٿي. اهي انگ اکر واضح ڪن ٿا ته تعليم تائين رسائي اڃان تائين سڀني شهرين لاءِ هڪ جهڙي ۽ برابريءَ جي بنياد تي يقيني نه بڻائي وئي آهي، جنهن سبب سماجي ترقيءَ جو سفر به متاثر ٿي رهيو آهي.
تعليمي معيار جي حوالي سان صورتحال پڻ مايوس ڪندڙ آهي. اينيوئل اسٽيٽس آف ايجوڪيشن رپورٽ (ASER) جي رپورٽن موجب سنڌ ۾ رڳو 21 سيڪڙو ٻار هڪ سادي سنڌي ڪهاڻي پڙهي سگهن ٿا، 20 سيڪڙو ٻار هڪ سادو انگريزي جملو پڙهڻ جي صلاحيت رکن ٿا، جڏهن ته صرف 17 سيڪڙو ٻار ٻه عددي ورهاست ڪري سگهن ٿا. اهي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته اسڪولن ۾ داخلا وٺڻ باوجود ٻارن جو وڏو انگ بنيادي سکيا جي مهارتن کان محروم آهي. جڏهن پڙهڻ، لکڻ ۽ حساب ڪرڻ جون بنيادي صلاحيتون ئي ڪمزور هجن، تڏهن اعليٰ تعليم، جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي مقابلي ۾ ڪاميابي جا خواب حقيقت بدران خواهشون بڻجي وڃن ٿا. سنڌ جي ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن ۾ اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻي، واش رومز، بليڪ بورڊ، بجلي ۽ چارديواري جهڙيون بنيادي سهولتون موجود ناهن. ڪيترين ئي اسڪول عمارتن جي حالت انتهائي زبون آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي شاگرد اڃان تائين وڻن جي ڇانوَ هيٺ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. اهڙين حالتن ۾ نه رڳو معياري تعليم جي فراهمي هڪ وڏو چئلينج بڻجي وئي آهي، پر والدين جو سرڪاري تعليمي نظام تي اعتماد به متاثر ٿيو آهي. نتيجي طور اسڪولن ۾ داخلا، حاضري ۽ خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم جي شرح وڌائڻ جا هدف حاصل ڪرڻ ڏکيا بڻجي ويا آهن.
سوال اهو آهي ته اربين رپين جي تعليمي بجيٽ، هزارين استادن ۽ ڪيترين ئي سڌارن ۽ پاليسين جي باوجود سنڌ جي تعليمي صورتحال ۾ گهربل بهتري ڇو نٿي اچي؟ ان جو هڪ وڏو سبب تعليم کاتي جي پيچيده ۽ پراڻي ڪامورا شاهي نظام آهي. معمولي نوعيت جي معاملن لاءِ به ڪيترين ئي انتظامي سطحن تان منظوري حاصل ڪرڻي پوي ٿي، جنهن سبب فيصلا ۽ ڪم غير ضروري دير جو شڪار ٿين ٿا. استادن جون مقرريون ۽ بدليون، اسڪولن جي مرمت، فرنيچر ۽ تدريسي سامان جي فراهمي سميت ڪيترائي انتظامي معاملا مهينن، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن سالن تائين رولڙي جو شڪار رهندا آهن. ضلعي آفيسرن ۽ اسڪولن جي سربراهن وٽ محدود اختيار هجڻ ڪري هو پنهنجي سطح تي مسئلا حل ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت نٿا رکن ۽ هر ننڍي وڏي معاملي لاءِ اعليٰ آفيسن جي منظوريءَ جا منتظر رهندا آهن. سياسي مداخلت به سنڌ جي تعليمي بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. استادن ۽ آفيسرن جي ڪيترين ئي مقررين ۽ بدلين ۾ ميرٽ، صلاحيت ۽ ضرورت بدران سياسي اثر ۽ سفارش کي ترجيح ڏني ويندي آهي. ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته قابل، ايماندار ۽ محنتي ماڻهن جي نه صرف حوصلو ٽٽي ٿو، پر ادارن ۾ پيشاوراڻي ماحول ۽ احتساب جو نظام پڻ ڪمزور ٿي وڃي ٿو. بار بار ٿيندڙ بدلين ۽ انتظامي ڪمزوري ڪنهن به اداري کي ڊگهي مدي واري منصوبابندي، پاليسين جي تسلسل ۽ موثر ڪارڪردگي کان محروم ڪري ڇڏين ٿا.
سنڌ کي هن تعليمي بحران مان ڪڍڻ لاءِ رڳو نيون پاليسيون جوڙڻ ڪافي نه هوندو، پر بنيادي ۽ جرئتمند انتظامي سڌارن جي ضرورت آهي. اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ، استادن جي مقررين ۽ بدلين ۾ مڪمل ميرٽ کي يقيني بڻائڻ، جديد ٽيڪنالاجي جو شفاف استعمال، اداري اندر سخت احتسابي نظام، اسڪولن جي باقاعده نگراني ۽ مقامي برادرين جي فعال شموليت وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي. تعليم کي رڳو فائيلن، گڏجاڻين، انگن اکرن ۽ سرڪاري دعوائن تائين محدود ڪرڻ بدران ان جا عملي نتيجا ٻارن جي سکيا، استادن جي ڪارڪردگي ۽ اسڪولن جي مجموعي بهتريءَ ۾ نظر اچڻ گهرجن. جيڪڏهن تعليمي سڌارن جو مرڪز ٻار ۽ سکيا جو معيار نه بڻيو ته اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود گهربل تبديلي آڻڻ ممڪن نه ٿيندي. جڏهن ته سنڌ جو مستقبل ان جي اسڪولن، استادن ۽ لکين ٻارن جي تعليم سان ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن تعليم کاتي کي ڪامورا شاهي جي غير ضروري پيچيدگين، سياسي مداخلت ۽ انتظامي ناڪامين جي ڄار مان نه ڪڍيو ويو ته نه رڳو لکين ٻارن جا خواب اڌورا رهجي ويندا، پر صوبي جي سماجي ۽ معاشي ترقي پڻ سخت متاثر ٿيندي. وقت اچي ويو آهي ته تعليم کي محض تقريرن، دعوائن ۽ سرڪاري فائيلن جو موضوع بڻائڻ بدران ان کي واقعي قومي ۽ صوبائي ترجيح بڻايو وڃي. اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي، شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل انتظام، استادن جي حوصلا افزائي ۽ سکيا جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ جرئتمند ۽ ڊگهي مدي وارا قدم کنيا وڃن، ڇو ته اڄ جي ٻارن جي تعليم ئي سڀاڻي جي خوشحال، ترقي يافته ۽ بااختيار سنڌ جي ضمانت آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو