شاهه لطيف ۽ سچل جو سنڌ جي وحدت لاءِ آفاقي پيغام
سنڌ جي وحدت جو تصور رڳو نقشي تي ٺهيل سرحدن يا انتظامي حدن جو نالو ناهي، پر اهو هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب، ٻولي، ثقافت، درياءَ، ڌرتي ۽ ماڻهن جي گڏيل شعور مان جنم وٺندڙ هڪ اهڙو احساس آهي، جيڪو وقت جي ڪيترن ئي طوفانن باوجود زنده رهيو آهي. سنڌ کي سمجهڻ لاءِ جيڪڏهن اسان سياسي تاريخ سان گڏ ان جي روحاني ۽ فڪري تاريخ ڏانهن نظر وجهون ٿا ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جون شخصيتون ٻن روشن مينارن وانگر نظر اچن ٿيون. انهن ٻنهي بزرگن پنهنجي زندگي دنياوي مفادن بدران عشق، علم، انسانيت، رواداري ۽ صوفي تعليم لاءِ وقف ڪئي. انهن سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي پنهنجي شاعريءَ جو مرڪز بڻايو ۽ اهڙو فڪر ڏنو، جنهن ۾ ڌرتيءَ سان محبت، پنهنجي ماڻهن سان وابستگي، جدوجهد، قرباني، رواداري ۽ انسان دوست ماحول پيدا ڪيو جنهن جي ڪري شاهه ۽ سچل کي رڳو شاعر سمجهڻ سندن فڪر جي وسعت کي محدود ڪرڻ برابر آهي؛ اهي سنڌ جي روحاني ۽ فڪري سڃاڻپ جا اهڙا علمبردار آهن، جن جو پيغام اڄ به سنڌ جي وحدت لاءِ اتساهه جو سرچشمو بڻيل آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ سنڌ ڪنهن هڪ شهر، علائقي يا طبقي جو نالو نه آهي، پر هڪ اهڙي وسيع ڌرتي آهي، جنهن ۾ ريگستان جي مارئي، جبلن جي سسئي، سنڌو درياءَ جي سهڻي، ڪينجهر جي نوري، مهاڻن، هارين، پنهوارن ۽ پورهيتن جا ڏک ۽ خواب هڪ ئي فڪري ڪائنات جو حصو بڻجن ٿا. شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ذريعي سنڌ جي جاگرافيءَ کي ماڻهن جي جذبن سان ڳنڍي ڇڏي ٿو. پوءِ اھو مارئيءَ جو ملير هجي يا نوريءَ جو ڪينجهر، سسئيءَ جو ڀنڀور هجي يا سهڻيءَ جو درياءَ، هر هنڌ سنڌ جي زندگيءَ جو ڪو نه ڪو رنگ موجود آهي. اهائي شاهه جي وڏي فڪري خوبي آهي جو پَاڻ مختلف علائقن ۽ سماجي ڪردارن کي هڪ ئي محبت جي ڌاڳي ۾ پوئي ڇڏي ٿو. سندس شاعري ٻڌائي ٿي ته سنڌ جي وحدت رڳو زمين جي گڏيل وجود سان قائم نٿي رهي، پر ان لاءِ ماڻهن جي وچ ۾ گڏيل احساس، هڪٻئي لاءِ احترام ۽ پنهنجي تاريخ سان وابستگي پڻ ضروري آهي. شاهه لطيف جي فڪر جو سڀ کان اهم پاسو اهو آهي ته وطن سان محبت کي انسانيت کان جدا نٿو ڪري سگهجي. سندس دعا ۾ صاف ظاهر لکيل آهي.
“سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.”
شاهه صاحب پنهنجي هن شاعري ۾ سنڌ جي محبت کي هڪ آفاقي انسان دوست سوچ سان ڳنڍي ٿو. سنڌ لاءِ سڪار گهري ٿو، پر ساڳئي وقت سڄي عالم جي آباد هجڻ جي دعا پڻ ڪري ٿو. هن مختصر دعا ۾ شاهه جو مڪمل فلسفو سمايل نظر اچي ٿو: پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت به آهي ۽ سموري انسانيت لاءِ دل ۾ خير خواهي به آهي. اهوئي سنڌ جي صوفي روايتن جو حسن آهي. هن ۾ سندس فڪري سوچ سنڌ سان پنهنجي تعلق کي مضبوط ڪري ٿي، جڏهن ته ان سان گڏ سندس دل دنيا لاءِ به کليل آهي. اڄ جي دور ۾، جڏهن اختلافن کي نفرت ۾ تبديل ڪرڻ آسان ٿي ويو آهي، اتي شاهه جو هي پيغام سماج لاءِ انتهائي قيمتي آهي. سچل سرمست به سنڌ جي صوفي فڪر جو اهو بيباڪ آواز آهي، جنهن عشق، انسانيت، رواداري ۽ فڪري آزاديءَ کي پنهنجي شاعريءَ جو بنياد بڻايو. سندس نظر ۾ انسان جي عظمت ذات، نسل، مذهب يا سماجي حيثيت سان نه، پر انسانيت ۽ ڪردار سان وابسته هئي. سچل پنهنجي دور جي فڪري جمود ۽ تنگ نظريءَ کي جرئت سان للڪاريندي انسان کي ظاهري فرقن کان مٿانهون ٿي باطن جي سچ کي سمجهڻ جو درس ڏنو. سندس شاعريءَ ۾ عشق اهڙي قوت بڻجي سامهون اچي ٿو، جيڪو نفرت ۽ تعصب جي ديوارن کي ڊاهي انسانن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ٿو. سنڌ جي وحدت جو بنياد به رڳو جاگرافيائي حدن ۾ نه، پر گڏيل تاريخ، ٻولي، ثقافت، روايتن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ اعتماد ۾ آهي. سچل جو فڪر پنهنجي ڌرتيءَ سان وابستگيءَ کي انسانيت جي وسيع تصور سان ڳنڍي ٿو. سندس پيغام اهو آهي ته پنهنجي سڃاڻپ سان محبت ڪندي به ٻين لاءِ دل ۾ احترام ۽ رواداري قائم رهي.
اڄ جڏهن سياسي، لساني ۽ سماجي اختلاف ماڻهن ۾ فاصلا پيدا ڪري رهيا آهن، تڏهن سچل جو فڪر وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ٿو. هو اسان کي سيکاري ٿو ته اختلافن کي نفرت نه، پر سمجهه ۽ برداشت سان منهن ڏيڻ گهرجي. سچل سرمست پنهنجي زندگي علم، عشق ۽ صوفي تعليم لاءِ وقف ڪئي ۽ عام انسان کي عزت ۽ محبت جو پيغام ڏنو. سندس فڪر مان سنڌ جي وحدت لاءِ اهو سبق ملي ٿو ته ماڻهن جون دليون متحد هجن ته اجتماعي شعور مضبوط ٿيندو. جيڪڏهن سچل جي تعليم کي رڳو شاعريءَ ۽ محفلن تائين محدود رکڻ بدران عملي زندگيءَ جو حصو بڻايو وڃي، ته محبت، رواداري ۽ باهمي احترام وسيلي سنڌ جي وحدت کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ٿو. سچل جو پيغام اڄ به اسان کي ياد ڏياري ٿو ته پنهنجي ڌرتيءَ سان وفاداري، انسانن سان محبت ۽ اختلافن ۾ برداشت ئي هڪ مضبوط، پرامن ۽ متحد سماج جي بنياد بڻجي سگهي ٿي.
آخر ۾ اھو چئي سگهجي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جو سنڌ لاءِ پيغام ڪنهن هڪ دور جو پيغام ناهي؛ اهو هر دور لاءِ زنده رهندڙ فڪر آهي. شاهه جي مارئي اسان کي پنهنجي مٽيءَ سان وفاداري سيکاري ٿي، سسئي جدوجهد ۽ ثابت قدميءَ جو حوصلو ڏئي ٿي، سهڻي خطرن باوجود پنهنجي مقصد ڏانهن وڌڻ جو درس ڏئي ٿي ۽ سندس دعا سنڌ جي سڪار سان گڏ “عالم سڀ آباد” ڪرڻ جي آفاقي سوچ پيش ڪري ٿي. سچل سرمست جو عشق اسان کي ٻڌائي ٿو ته انسانن کي نفرت جي دائرن ۾ قيد ڪرڻ بدران محبت ۽ وحدت جي رستي تي آڻڻ گهرجي. ٻنهي بزرگن جي فڪر کي گڏ ڏسجي ته هڪ اهڙو گڏيل تصور سامهون اچي ٿو، جنهن ۾ ڌرتيءَ سان محبت انسانيت لاءِ احترام ۽ پنهنجي سڃاڻپ جو شعور به آهي ته ٻين لاءِ رواداري جو درس به. اڄ اسان کي شاهه ۽ سچل کي رڳو پڙهڻ نه، پر سمجهڻ جي ضرورت آهي؛ رڳو سندن بيت ورجائڻ نه، پر انهن جي روح کي پنهنجي عمل ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سنڌ جو نئون نسل شاهه جي ڌرتيءَ سان محبت، سسئيءَ جي جدوجهد، مارئيءَ جي وفاداري ۽ سچل جي انسان دوست عشق کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائي وٺي ته سنڌ جي وحدت هڪ نعري کان اڳتي وڌي هڪ مضبوط اجتماعي شعور بڻجي سگهي ٿي. شاهه ۽ سچل جو اصل پيغام اهو ئي آهي ته سنڌ کي مضبوط رکڻ لاءِ پهرين سنڌ کي پنهنجي دلين ۾ زنده رکڻو پوندو، جيڪا سنڌ جي اصل وحدت آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟