سَرُو پائو: سياڻن جي بازار ۾ هڪ چريو!
منهنجو ڳوٺ “غلام محمد بليدي”، لاڙڪاڻي ضلعي جي قديمي شهر ڳيريلو جي بلڪل ڀرسان آباد آهي. جيڪڏهن توهان نقشي تي اسان جي ڳوٺ جو وجود ڏسندئو ته اهو هڪ عجيب ۽ ملوڪ پٽيءَ وانگر نظر ايندو. هڪ پاسي کان ڪاري رنگ جو پڪو روڊ لنگهي ٿو ۽ ٻئي پاسي کان سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ مٺي پاڻيءَ جو اھو وهڪرو ڀٽائيءَ جي بيتن وانگر لهرون کائيندو وهي ٿو، جيڪو اسان جي زمينن جي رڳن ۾ زندگي ڊوڙائي ٿو. ڳوٺ جي چوڌاري جيسين نظر ويندي، توهان کي سائي چادر وانگر وڇايل ٻنيون ۽ ٻيرن جا جهونا وڻ نظر ايندا. اونهاري جي تيز اس هجي يا سياري جو پارو ڪندڙ سردي، درياءَ جي پاڻيءَ تان ايندڙ ٿڌي هير اسان جي اڱڻن کي سدائين روحاني راحت ڏيندي هئي. پاڻي ۽ مٽيءَ جو هي توازن اسان کي سيکاريندو هو ته زندگي روانيءَ جو نالو آهي، پر اسان انسان اڪثر هڪ ئي هنڌ بيهي دلين کي گدلو تلاءُ بڻائي ڇڏيندا آهيون، جتي نفرت جو سينور تيار ٿيندو آهي.
هيءُ ڳوٺ رڳو ڪجهه گهرن جو مجموعو ناهي، پر ان جي پٺيان ٻاهران کان لڏي ايندڙن جي هڪ سچي ۽ دردناڪ تاريخ آهي. ورهاڱي کان اڳ، جڏهن اسان جي بزرگن ايران جي سختين ۽ بدامنيءَ کان تنگ ٿي سنڌ ڏانهن پنڌ ڪيو هو ته هن مٽيءَ کين ماءُ وانگر پناهه ڏني. ان دور ۾ اسان جي تر جي سڀ کان وڏي روحاني شخصيت، سيد شاهه محمد شاهه هئي. سيد سائينءَ اسان جي بزرگن جي اڳيان پنهنجون ٻانهون ائين ڪشاديون ڪيون، جو کين هميشه لاءِ هن ڌرتيءَ جو همدرد ۽ حلالي پٽ بڻائي ڇڏيو. وقت گذرندو ويو ۽ اسان ايراني مٽيءَ جي خوشبوءِ وساري، سنڌوءَ جي پاڻيءَ جهڙا سچا سنڌي بڻجي وياسين. سڄو ڳوٺ پاڻ ۾ ائين ڳنڍجي ويو، جو ڪو گهر ڪنهن کان ڌار نه هو. سڀئي پاڻ ۾ مٽ، مائٽ، ننهن ۽ ڏوهٽو هئا. اسان رشتن جي ان سونهري دور ۾ رهندا هئاسين، جتي چائنٺون رڳو گهرن جي حد طئي ڪنديون هيون، دلين جي نه. جيڪڏهن هڪ گهر ۾ ماني نه پچندي هئي ته پاڙي جي تندور مان چار مانيون ائين ئي هليون اينديون هيون، ڇاڪاڻ ته تڏهن بک رڳو هڪ پيٽ جي ناهي هوندي، سڄي پاڙي جي غيرت هوندي هئي.
اسان جي ئي ڳوٺ جي اولهه پاسي، روڊ جي ڪناري “ڪُلي” نالي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. ان ڳوٺ جي گهٽين ۾ هڪ اهڙو مڙس رهي ٿو، جنهن جي سڄي زندگي هڪ وڏو فڪري سواليا نشان آهي. سندس پورو نالو “سرور ڦلپوٽو” آهي، پر سڄو تر کيس “سرو پائو” ڪري چيڙائيندو آهي. عام ماڻهن جي سطحي نظرن ۾ هو ڀلي چريو، يگانو يا مستانو هجي، پر پنهنجي ذات ۾ هو هڪ عظيم انسان آهي. هو هڪ سچو پورهيت ۽ غيرتمند محنت ڪش آهي، جنهن ڪڏهن ڪنهن جي اڳيان پنڻ لاءِ هٿ ناهي ڦهلايو. هو اڄ تائين هڪ جهونو ڪنوارو مڙس آهي، جنهن کي وقت جي زنجيرن ۽ ماڻهن جي طعنن ائين اڪيلو ڪري ڇڏيو، جو هو دنيا جي چالن کي سمجهڻ کان انڪار ڪري بيٺو. سماج اڪثر ان ماڻهوءَ کي چريو قرار ڏئي ڇڏيندو آهي، جيڪو ان جي منافقت جي بازار ۾ پنهنجو سودو نٿو ڪري سگهي. سرو پائو جي چريائپ دراصل دنيا جي ڪوڙي سياڻپ تان کنيو ويل هڪ پردو هو. سندس خاموشيءَ ۾ هڪ سڄو فلسفو دفن ٿيل هو، جنهن کي پڙهڻ لاءِ اک نه، پر دل گهربل هئي.
پيٽ جي بي رحم باهه اجهائڻ لاءِ هو سڄو ڏينهن جاکوڙ ڪندو آهي. ڪڏهن هو تر جي وڏيرن جا ڍور ڍڳا چاري پنهنجي حلال روزي ڪمائيندو آهي ته ڪڏهن وري ڪُلي شهر جي دڪانن تان گرم پڪوڙا ۽ سمبوسا ٿالهه ۾ وجهي، مٿي تي رکي، گهر گهر جو چڪر ڪاٽيندو آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ ڪجهه گهر ته ان مسڪين لاءِ ائين هئا، ڄڻ سندس پنهنجو اڱڻ هجي. هو جڏهن گهر جي چائنٺ پار ڪندو هو، ته ڪابه مائي پردو نه ڪندي هئي. ڇاڪاڻ ته سماج جنهن کي چريو چوندو آهي، فطرت ان جي پاڪائيءَ تي گواهي ڏيندي آهي. هو سڌو اندر هليو ايندو هو، کٽ تي ويهي پنهنجو ٿڪ لاهيندو هو. سندس پڪوڙا به وڪامي ويندا هئا ۽ گهر ۾ جيڪا به ماني هوندي هئي، اها کائي سندس اندر جي بک اجهامي ويندي هئي. ماني کائيندي هو اڪثر هڪ گهري ۽ صوفياڻي ڳالهه چوندو هو:
“ادا! ماني سڀڪو ڏئي ٿو، پر پيار سان ڏنل اڌ ماني پوري پيٽ کي ڀري ڇڏيندي آهي. انسان تڏهن بکيو ناهي ٿيندو جڏهن ان وٽ ماني ناهي هوندي، هو تڏهن بکيو ٿيندو آهي جڏهن هن کي سڏڻ وارو ۽ مٿس محبت جو هٿ رکندڙ ڪو ناهي هوندو.”
پر هن سماج جو هڪ ڪڙو سچ اهو به آهي ته هتي ڪمزور جي معصوميت جو تماشو بنايو ويندو آهي. جڏهن به هو پڪوڙن جو ٿالهه مٿي تي رکي گهٽيءَ مان لنگهندو هو ته ٻارڙا سندس پٺيان لڳي ويندا هئا. ٻار کيس چيڙائڻ لاءِ سندس گهر جي عورتن جا نالا وٺي رڙيون ڪندا هئا. جڏهن ٻار حد کان وڌي ويندا هئا ته سرو پائو پنهنجا پير روڪي ڇڏيندو هو. هو ڪاوڙ ۾ لال ٿي، مٿي تان ٿالهه لاهي، هٿ ۾ لٺ کڻي آسمان ڏانهن ڏسندو هو ۽ گاريون ڏيندو هو. اتفاق ائين ٿيندو هو، جو جوش ۾ اچي هو جيڪي نالا کڻندو هو، تنهن مان ڪو نه ڪو نالو گهٽيءَ جي ئي ڪنهن مائيءَ جو نڪري ايندو هو. اوطاقن تي ويٺل وڏا ماڻهو اها ڳالهه ٻڌي ٽهڪ ڏئي کلندا هئا. اهي سياڻا ماڻهو ناهن ڄاڻندا ته هڪ بيوس انسان جي زبان مان نڪتل ڪاوڙ اڪثر غيب جو آواز بڻجي ويندي آهي. هو جنهن گار تي کلندا هئا، سا دراصل سندن پنهنجي اخلاقي پستي هئي. سرو پائو پنهنجي لٺ لاهي، وري ٿالهه مٿي تي رکي، پير گهليندو اڳتي هليو ويندو هو. سندس پيرن مان اٿندڙ مٽي انهن کلندڙ چهرن تي ملامت بڻجي ڪري پوندي هئي.
پر، درياءَ جو پاڻي سدائين هڪ جهڙو نٿو وهي، ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ ڪاري اوٿر به اچي ويندي آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ جيڪا محبت ۽ مخلصي هئي، سا هڪ ڏينهن اوچتو ختم ٿي وئي. ڪنهن معمولي ڳالهه تان ڳوٺ جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ تڪرار ٿي پيو، لٺيون ۽ هٿيار نڪري آيا. نتيجو اهو نڪتو جو اسان جي ئي رت جا ٻه بيگناهه خون ٿي ويا. اهي ماڻهو، جيڪي هڪ ئي صف ۾ بيهي خدا کي سجدو ڪندا هئا، اهي هڪٻئي جي جان جا دشمن بڻجي ويا. انا جي هڪ ننڍڙي چڻنگ صدين جي خلوص کي کائي وئي. انسان ڪيڏو نه عجيب آهي، هو مٽيءَ جي ملڪيت لاءِ ان انسان کي ماري ڇڏيندو آهي، جيڪو پاڻ مٽيءَ جو هڪ عارضي لڏو آهي.
ان واقعي پوري ڳوٺ جو چهرو بگاڙي ڇڏيو، جيڪو ڳوٺ کلندو ۽ خوش نظر ايندو هو، سو اوچتو نفرتن جو هڪ اڻ-ڄاتل اٿاهه باهه ۾ ڀڙڪڻ لڳو. گهرن جا در بند ٿي ويا، اوطاقون ويران ٿي ويون ۽ پورو ڳوٺ ائين ڀاسڻ لڳو ڄڻ ڪو پراڻو قبرستان هجي، جتي زندگي ساهه کڻڻ کان به ڊڄندي هجي. اسان سڀ پاڻ ۾ مٽ مائٽ هئاسين، پر ان ڏينهن سڀ رشتا ٽٽي پيا. روڊ جي هُن پاسي وهي ايندڙ درياءَ جو پاڻي ائين ئي مٺو هو، پر اسان جي دلين جو پاڻي ڪڙو زهر ٿي چڪو هو. اسان جنهن گهر کي سيمينٽ ۽ سرن سان مضبوط ڪيو هو، اها رڳو هڪ ديوار نه هئي، پر اها اسان جي پنهنجي شعور جي موت جو سرد اعلان هو.
جنهن ڏينهن ڳوٺ جي وچ ۾ کٽ تي خون ٿيل ڪونڌر جو لاش رکيل هو، تڏهن مائرن ۽ ڀينرن جو ماتم ٻڌي پٿر دل ماڻهوءَ جي به اکين ۾ پاڻي اچي ٿي ويو. ڳوٺ جا مرد هٿيار هٿن ۾ جهلي، اکيون لال ڪري اڱڻ ۾ بيٺا هئا. هر ڪنهن جي ذهن ۾ رڳو هڪڙي ئي ڳالهه هئي ته “رت جو بدلو رت.” ائين پئي لڳو ته اڃان ڪيترائي لاش هن مٽيءَ تي ڪرندا ۽ هيءَ ڌرتي اڃان لال ٿيندي.
ان سڄي هيبت واري ماحول ۾، جتي وڏا وڏا سياڻا، چڱا مڙس ۽ پڙهيل لکيل خاموش هئا، اوچتو اھو چريو مستانو “سرو پائو” گهٽيءَ مان لنگهي اندر آيو. سندس مٿي تي پڪوڙن جو ٿالهه ڪونه هو، نه ئي سندس منهن تي اها روز واري معصوم چيڙ هئي. هو اڳتي وڌيو، پنهنجي پراڻي لٺ کي زور سان زمين تي هنيائين، جنهن جي آواز سڄي اڱڻ کي لوڏي ڇڏيو. هن کٽ تي پيل لاش ڏانهن ائين ڏٺو ڄڻ هو کٽ تي پيل مڙهه کي نه، پر اسان جي اندر جي زنده لاش کي ڏسي رهيو هجي.
هن پنهنجو منهن انهن هٿياربند مڙسن ڏانهن ڪيو، سندس آواز ۾ ڪا گهٻراهٽ نه هئي. هن وڏي واڪي، سڀني جي ضمير تي هڪ فڪري لٺ هڻندي چيو:
“جاهلو! اڃان ڪيترا ڪونڌر مارائيندؤ؟ هيءَ مٽي اڃان ڪيترو رت پيئندي؟ کٽون ائين ئي گهرن مان نڪرنديون رهنديون ڇا؟ ياد رکو، بندوق مان نڪرندڙ گولي رڳو سامهون واري جو ساهه ناهي کڻندي، پر اها هلائيندڙ جي اندر جي انسان کي به هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيندي آهي. توهان سياڻا ناهيو، توهان جنون جا انڌا پوئلڳ آهيو، جيڪي ٻين کي لاش بڻائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن!”
سندس اهي لفظ ٻڌي، هڪ پل لاءِ اڱڻ ۾ اهڙي هيبتناڪ خاموشي ڇانئجي وئي، جو رڳو هوا جو شوڪارو پئي ٻڌڻ ۾ آيو. جن مردن جي آڱرين ۾ بندوقن جا گهوڙا هئا، تن پنهنجون نظرون جهڪائي ڇڏيون. سڄو ڳوٺ حيران هو ته جيڪا ڳالهه وقت جا سياڻا چوڻ کان ڊڄي رهيا هئا، سا ڳالهه هڪ چرئي سڀني جي منهن تي چئي ڏني هئي. ان ڏينهن مون کي معلوم ٿيو ته ڏاهپ ڪڏهن ڪڏهن پڳن ۽ ڪتابن مان ناهي نڪرندي، اها سچائيءَ جي ان اگهاڙي روپ مان نڪرندي آهي جنهن کي سماج ‘چريو’ سڏيندو آهي.
سرو پائو پنهنجي ڳالهه پوري ڪري، پنهنجي لٺ هٿ ۾ جهلي، ائين ئي پير گهليندو واپس دروازي کان ٻاهر نڪري ويو، پر افسوس جو، ان چرئي مستاني جي چيل سچ کي سڀني ٻڌو ته صحيح، پر نفرتن جي ان ويران محل ۾ ڪنهن به ان تي عمل نه ڪيو. اڄ به پاڻي روڊ جي هُن پاسي کان ائين ئي وهي ٿو، ٻنيون ائين ئي سائيون آهن، پر ڳوٺ جو اهو پريت وارو روح غائب ٿي ويو آهي. درياءَ جو پاڻي زمينن کي ته آباد ڪري سگهي ٿو، پر جڏهن دلين جون زمينون بنجر ٿي وڃن ته اتي رڳو دشمنيءَ جا ٿوهر ئي ڄمندا آهن. سرو پائو اڄ به پنهنجي لٺ کڻي وقت جي زنجيرن ۾ جڪڙيل گهٽين مان سچ جا هوڪا ڏيندو گذري ٿو ۽ اسان پنهنجي سياڻپ جي انڌي غار ۾ ويٺا پنهنجي ئي تباھيءَ جو انتظار ڪري رهيا آهيون.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟