مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪرپٽو مارڪيٽ جي رويي ۾ لاٿ جا سبب ۽ اٿندڙ سوال

Mansoor Nizamani تعليمدان، ڪالم نگار، ليکڪ

MSC (پاڪستان اسٽڊيز)، B.Ed

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪجهه مهينا اڳ تائين ڪرپٽو ڪرنسي مارڪيٽ جي تيزيءَ جون ڳالهيون عام هيون. بٽ ڪوائن ۽ ٻين ڊجيٽل ڪرنسين جي مسلسل وڌندڙ قيمتن ڪيترن ئي سيڙپڪارن کي اهو يقين ڏياريو هو ته هي مارڪيٽ مستقبل جي عالمي مالياتي نظام جو هڪ اهم حصو بڻجڻ واري آهي. دنيا جي مختلف ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به هزارين نوجوان ۽ سيڙپڪار ڪرپٽو مارڪيٽ ڏانهن متوجهه ٿيا، پر هن وقت مارڪيٽ ۾ پيدا ٿيل غير يقيني صورتحال سبب بٽ ڪوائن سميت اِٿيريم (ETH)، بي اين بي (BNB)، سولانا (SOL) ۽ ٻين وڏين ڪرپٽو ڪرنسين جي قيمتن ۾ نمايان لاٿ نظر اچي رهي آهي. جنهن سبب سيڙپڪارن ۾ بيچيني وڌي وئي آهي ۽ مستقبل بابت ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن. موجوده ڪرپٽو مارڪيٽ جي لاٿ جا ڪيترائي سبب آهن. عالمي سطح تي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ، وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيندڙ غير يقيني واري صورتحال ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا بدلجندڙ بيان عالمي ڪرپٽو مارڪيٽن تي اثرانداز ٿي رهيا آهن. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به دنيا ۾ سياسي يا فوجي تڪرار شدت اختيار ڪندا آهن ته سيڙپڪار عام طور تي خطري وارن اثاثن بدران محفوظ اثاثن ڏانهن رخ ڪندا آهن. موجوده حالتن ۾ ڪرپٽو مارڪيٽ پڻ اهڙي دٻاءُ جو شڪار آهي، جنهن سبب سيڙپڪارن جو اعتماد متاثر ٿيو آهي ۽ مارڪيٽ لاٿ جو شڪار آهي. هن ڊجيٽل ڪرنسي جي تاريخ تي نظر وجهجي ته معلوم ٿيندو ته ڪرپٽو مارڪيٽ هميشه کان تيز واڌ ۽ اوچتين لاٿن سان جڙيل رهي آهي. هن مارڪيٽ ۾ شروع کان وٺي ڪيترائي اهڙا دور آيا آهن، جن ۾ قيمتن ۾ غير معمولي واڌ کانپوءِ شديد لاٿ به ڏسڻ ۾ آئي آهي. اهڙن مرحلن کي عام طور تي “ڪرپٽو ونٽر” سڏيو ويندو آهي، اهڙي دور ۾ ڪيترائي سيڙپڪار نقصان کان بچڻ لاءِ پنهنجا ڊجيٽل اثاثا وڪڻڻ شروع ڪندا آهن. جڏهن ته نوان سيڙپڪار به مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ کان پاسو ڪندا آهن. نتيجي طور واپاري سرگرمين ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي ۽ لاٿ جا اثر نظر ايندا آهن. مالياتي اندازا، قانوني پابنديون، تحفظ جا خدشا، هيڪنگ جا واقعا، وڏن منصوبن جي ناڪامي ۽ عالمي معاشي تبديلين جهڙا عنصر پڻ اهڙي لاٿ جا سبب بڻيا آهن. هن مارڪيٽ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به انهن مان ڪو هڪ عنصر شدت اختيار ڪندو آهي ته مارڪيٽ جو رويو غير يقيني وارو ٿي ويندو آهي، جيڪو سيڙپڪارن جي اعتماد کي متاثر ڪندو آهي. ڪرپٽو مارڪيٽ جي لاٿ جا ڪجهه اهم سبب هي آهن: (1) عالمي معاشي پاليسيون هن مارڪيٽ تي گهرو اثر ڇڏين ٿيون. آمريڪي مرڪزي بئنڪ ۽ ٻين وڏن مالياتي ادارن جون پاليسيون عالمي مارڪيٽن جي رخ تي اثرانداز ٿينديون آهن. جڏهن وياج جي شرح چڙهندي آهي ته ان ۾ گهٽتائي جون اميدون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون ته سيڙپڪار ڪرپٽو مارڪيٽ مان پنهنجو ناڻو ڪڍي بئنڪن، بانڊن ۽ ٻين محفوظ مالياتي ذريعن ۾ سيڙپ کي ترجيح ڏيندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪرپٽو مارڪيٽ ۾ سرمائي جي کوٽ پيدا ٿيندي آهي، جنهن سبب قيمتن تي دٻاءُ وڌندو آهي ۽ مارڪيٽ لاٿ جو شڪار ٿيندي آهي. (2) ادارتي سيڙپڪارن جو رويو پڻ موجوده لاٿ ۾ اهم عنصر طور ڪم ڪري ٿو. گذريل ڪجهه سالن دوران وڏن مالياتي ادارن جي ڪرپٽو مارڪيٽ ۾ شموليت هن شعبي جي واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پر جڏهن اهي ادارا محتاط رويو اختيار ڪن ٿا يا پنهنجي سيڙپڪاري گهٽائين ٿا ته ان جا اثر سڄي مارڪيٽ تي پون ٿا. بٽ ڪوائن سان لاڳاپيل ايڪسچينج ٽريڊيڊ فنڊز مان سرمائي جو نيڪال پڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته ڪجهه وڏا سيڙپڪار مختصر مدي لاءِ محتاط ٿي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ ننڍا سيڙپڪار به خوف جو شڪار ٿي پنهنجون ڊجيٽل ڪرنسيون وڪڻڻ شروع ڪن ٿا، جنهن سبب قيمتن ۾ وڌيڪ لاٿ اچي ٿي. (3) قرض تي ڪيل سيڙپڪاري پڻ ڪرپٽو مارڪيٽ جي لاٿ جو اهم سبب بڻجي ٿي. ڪيترائي سيڙپڪار وڌيڪ منافعي جي اميد ۾ قرض کڻي ڪرپٽو ڪرنسيون خريد ڪندا آهن، پر جڏهن مارڪيٽ اوچتو هيٺ اچڻ شروع ٿئي ٿي ته نقصان کان بچڻ لاءِ اهي پنهنجا ڊجيٽل اثاثا وڪڻڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن. نتيجي طور مارڪيٽ ۾ وڪري جو دٻاءُ وڌي ويندو آهي، جنهن سان قيمتن ۾ گهٽتائي اچي ٿي ۽ لاٿ جو رجحان مضبوط ٿئي ٿو.
ڪرپٽو مارڪيٽ پاڪستان لاءِ پڻ اهميت جوڳو آهي. ڇو ته پاڪستان ۾ به ان بابت دلچسپي جو رجحان وڌي رهيو آهي. نوجوان نسل ڊجيٽل ڪرنسين کي آمدني ۽ سيڙپڪاري جي هڪ نئين وسيلي طور ڏسي ٿو. گذريل ڪجهه سالن دوران هن مارڪيٽ پاڪستان ۾ وڏو ڌيان ڇڪرايو آهي، جنهن سبب هن شعبي بابت بحث مباحثا ٿين ٿا. حڪومت ۽ لاڳاپيل مالياتي ادارا پڻ هن شعبي لاءِ قانون ۽ ضابطا جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن سيڙپڪارن کي تحفظ ۽ مالياتي شفافيت حاصل رهي. ان جي باوجود ڪرپٽو مارڪيٽ جي عالمي نوعيت سبب بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ هر ننڍي وڏي تبديلي پاڪستاني سيڙپڪارن کي متاثر ڪري ٿي ۽ انهن جي اعتماد تي اثر وجهي ٿي. مستقبل بابت يقيني اڳڪٿي تمام گهڻو مشڪل ڪم آهي، پر عالمي معاشي حالتون، سياسي تڪرار، مرڪزي بئنڪن جون پاليسيون ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد ايندڙ مهينن ۾ هن مارڪيٽ جو رخ طئي ڪندا. جيڪڏهن عالمي سطح تي سياسي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي اچي ٿي، وياج جي شرحن بابت مثبت اشارا ملن ٿا ۽ مارڪيٽ ۾ اعتماد بحال ٿئي ٿو ته ڊجيٽل ڪرنسين جي قيمتن ۾ ٻيهر واڌ جو امڪان پيدا ٿي سگهي ٿو، نه ته ساڳيو دٻاءُ برقرار رهندو. بهرحال ڪرپٽو مارڪيٽ جي مختصر، پر انتهائي اُٿل پُٿل واري تاريخ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ مارڪيٽ ڪيترن ئي بحرانن ۽ شديد لاهين چاڙهين مان گذرڻ باوجود پنهنجو وجود برقرار رکيو اچي. بٽ ڪوائن سميت ڪيترين ڊجيٽل ڪرنسين وقت بوقت تيزيءَ سان لاها ۽ چاڙها ڏٺا آهن، پر وري انهن جي قيمتن ۾ واڌ ۽ استحڪام اچي وڇي ٿو. اهوئي سبب آهي جو ڪيترائي ماهر موجوده صورتحال کي عارضي لاٿ جو رجحان سمجهن ٿا، پر ان بابت ڪا حتمي راءِ قائم ڪرڻ اڃان وقت کان اڳ آهي. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هيءَ ڪرنسي هاڻي عالمي مالياتي نظام جو هڪ اهم حصو بڻجي چڪي آهي. ڊجيٽل اثاثن جي هن مارڪيٽ جو مستقبل رڳو قيمتن جي لاٿ ۽ چاڙهه سان وابسته نه هوندو، پر ان جو دارومدار ذميواراڻي قانونسازي، بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي ترقي، مالياتي شفافيت ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد تي پڻ هوندو. جيڪڏهن مناسب قانون سازي سان هن مارڪيٽ ۾ ذميواراڻي سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌي ٿو ته هيءَ مارڪيٽ مستقبل ۾ عالمي معيشت ۽ مالياتي نظام جو اهم حصو بڻجي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
موجوده صورتحال سيڙپڪارن لاءِ هڪ اهم سبق پڻ آهي. تيز منافعي جي خواهش ۾ ڪيل سيڙپڪاري هميشه گهربل نتيجا نٿي ڏئي، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن وڏن مالي نقصانن جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿي. ڪرپٽو مارڪيٽ جي هاڻوڪي لاٿ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به سيڙپڪاري کان اڳ مارڪيٽ جي نوعيت، خطري جي سطح ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي کي سمجهڻ ضروري آهي. رڳو افواهن، سوشل ميڊيا تي هلندڙ رجحانن يا عارضي منافعي جي اميد تي ڪيل فيصلا نقصان جو ڪارڻ بڻجن ٿا. تنهنڪري ڪرپٽو مارڪيٽ سميت ڪنهن به مالي شعبي ۾ ڪاميابي لاءِ تحقيق، ڄاڻ ۽ محتاط منصوبابندي اهم آهن. دانشمندي جو تقاضا اهو آهي ته سيڙپڪار جذبات بدران معلومات، تحقيق ۽ احتياط کي بنياد بڻائي فيصلا ڪن. يقينن ايندڙ مهينن ۾ عالمي سياسي ۽ معاشي حالتن جو رخ هن مارڪيٽ جي مستقبل تي اثرانداز ٿيندو، پر ايتري پڪ هجڻ گهرجي ته هاڻي هيءَ مارڪيٽ عالمي معيشت جي اثاثن کان ڪا الڳ مارڪيٽ نه رهي آهي. بهرحال، ڪرپٽو مارڪيٽ جو ايندڙ رخ عالمي معاشي، سياسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي تبديلين سان ڳنڍيل هوندو، جنهن جي واضح تصوير ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ سامهون ايندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو