پاڪستان جي سياست: خواب، نعرا ۽ ناڪام حڪمراني
پاڪستان جي سياست کي جيڪڏهن هڪ جملي ۾ بيان ڪرڻو هجي ته ائين چئي سگهجي ٿو ته هتي سياستدان چونڊن کان اڳ عوام کي مستقبل جا خواب ڏيکارين ٿا، پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ساڳئي عوام کي ماضي جا قصا ٻڌائڻ شروع ڪن ٿا. منشورن ۾ تبديلي، تقريرن ۾ انقلاب ۽ عملي سياست ۾ ساڳيا پراڻا طريقا؛ ڄڻ سياست نه، پر اهڙو ڊرامو هجي، جنهن جا اداڪار هر دور ۾ بدلجن ٿا، پر ڪهاڻي ۽ اسڪرپٽ ساڳيو ئي رهي ٿو. اسان جي سياسي منظرنامي جو دلچسپ پاسو اهو آهي ته حڪومت ۾ هجي ته هر فيصلو قومي مفاد، پر مخالف ڌر ۾ هجي ته ساڳيو فيصلو قومي نقصان بڻجي وڃي. ڪالهه جيڪا پاليسي تباهيءَ جو سبب قرار ڏني ويندي هئي، اقتدار ملڻ کانپوءِ ان کي حالتن جي مجبوري، معاشي ضرورت يا قومي مفاد جو نالو ڏنو ويندو آهي. عوام هر چونڊ ۾ ان اميد سان ووٽ ڏئي ٿو ته هاڻي روزگار وڌندو، مهانگائي گهٽ ٿيندي، تعليم ۽ صحت جون سهولتون بهتر ٿينديون ۽ عام ماڻهوءَ جي زندگي آسان ٿيندي، پر اقتدار جي ڪرسي سنڀالڻ کانپوءِ سياسي ترجيحن جو رخ گهڻو ڪري عوامي مسئلن کان وڌيڪ سياسي حساب ڪتاب ڏانهن مڙي ويندو آهي. مخالف ڌر حڪومت جي هر قدم کي ناڪامي قرار ڏيندي آهي، جڏهن ته حڪومت مخالف ڌر جي هر تنقيد کي سازش سمجهندي آهي. نتيجي ۾ اصل سوال، يعني عوام جي زندگي ڪڏهن بهتر ٿيندي، سياسي شور ۾ گم ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن سياست جو مقصد واقعي عوام جي خدمت آهي ته پوءِ هر جماعت کي اقتدار کان اڳ ڪيل واعدن جو حساب اقتدار دوران ڏيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته عوام کي رڳو تقريرون، نعرا ۽ نوان خواب نه، پر انهن خوابن جي تعبير به گهرجي. آخر عوام جو سوال بلڪل سادو آهي، هر چونڊ ۾ خواب ته نوان ڏيکاريا وڃن ٿا، پر انهن جي تعبير آخر ڪڏهن ٿيندي؟
اسان کي اهڙي سياست جي ضرورت آهي، جيڪا مخالف کي دشمن نه سمجهي. ڇاڪاڻ ته جمهوريت ۾ اختلاف راءِ ڪمزوري نه، پر جمهوريت جي ساهه جيان آهي. حڪومت جو ڪم هر تنقيد کي سازش قرار ڏيڻ ناهي ۽ مخالف ڌر جو فرض به هر حڪومتي قدم کي تباهيءَ جو نالو ڏيڻ نه آهي. حڪومت کي عوام جي ووٽ سان مليل اختيار کي ذميواري سان استعمال ڪندي واضح پاليسيون ٺاهڻ، انهن تي عمل ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو حساب ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته مخالف ڌر کي صرف احتجاج ۽ الزام تراشي تائين محدود رهڻ بدران حڪومت جي نگراني، تنقيد ۽ بهتر متبادل پاليسين جي پيشڪش ڪرڻ گهرجي. سياسي اختلاف جيڪڏهن ذاتي دشمني ۾ تبديل ٿي وڃي ته نقصان ڪنهن هڪ جماعت جو نه، پر سڄي ملڪ جو ٿيندو آهي. ان جي ابتڙ، جيڪڏهن سياسي جماعتون هڪٻئي کي ختم ڪرڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي، منشور ۽ پاليسين جي بنياد تي مقابلو ڪن ته جمهوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي. پوءِ سياسي جلسن ۾ نعرا گهٽ ۽ پاليسيءَ تي بحث وڌيڪ ٿيندو، پارليامينٽ ۾ شور بدران قانون سازي کي اهميت ملندي ۽ عوام کي به پنهنجي ووٽ بابت وڌيڪ سنجيده فيصلو ڪرڻ جو موقعو ملندو. اهڙي ماحول ۾ ووٽ جذبات، شخصيت، برادري يا نعري جي بنياد تي نه، پر ڪارڪردگي، ايمانداري، منشور ۽ مستقبل جي واضح پروگرام کي ڏسي ڏنو ويندو. سياست جو اصل حسن اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ نه، پر اختلاف باوجود ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ آهي.
پارليامينٽ جمهوريت جو اهم ادارو آهي، جتي عوام جي چونڊيل نمائندن کي ملڪ جي اهم مسئلن تي سنجيده بحث، قانون سازي ۽ عوامي مفاد لاءِ پاليسي سازي ڪرڻ گهرجي، پر ڪڏهن ڪڏهن پارلياماني سياست جو منظر ڏسي ائين محسوس ٿيندو آهي ته اصل مسئلو قانون ٺاهڻ کان وڌيڪ مائڪ حاصل ڪرڻ، مخالف کي جواب ڏيڻ ۽ پنهنجي سياسي موجودگي ثابت ڪرڻ جو بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن تقريرن جي ڊيگهه، نعرا هڻڻ ۽ هڪٻئي تي الزام لڳائڻ سان ملڪ ترقي ڪندو هجي ها ته پاڪستان شايد دنيا جي ترقي يافته ملڪن کان گهڻو اڳتي هجي ها. اسان وٽ تقريرون به ڊگهيون آهن، سياسي دعوائون به وڏيون آهن ۽ هر جماعت وٽ ملڪ کي تبديل ڪرڻ جا فارمولا به موجود آهن، پر عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جا بنيادي سوال اڃان تائين ساڳيا آهن. هڪ مزدور پڇي ٿو ته روزگار ڪٿي آهي؟ هڪ گهٽ آمدني وارو خاندان پڇي ٿو ته مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڪڏهن ملندو؟ والدين جو سوال آهي ته سندن ٻارن کي معياري تعليم ڪڏهن ملندي؟ اسپتال جي دروازي تي بيٺل مريض پڇي ٿو ته مناسب ۽ سستو علاج ڪڏهن ملندو؟ آبادگار پڇي ٿو ته فصل جي مناسب قيمت ۽ پاڻيءَ جي مستقل فراهمي ڪڏهن يقيني ٿيندي؟ نوجوان پڇي ٿو ته ڊگري هٿ ۾ کڻي روزگار لاءِ در در ڇو ڀٽڪڻو پوي ٿو؟ اهي سوال ڪنهن هڪ جماعت يا حڪومت جا نه، پر پوري نظامِ حڪمرانيءَ لاءِ امتحان آهن. پارليامينٽ جي اصل طاقت ان ڳالهه ۾ ناهي ته اتي ڪيترو شور ٿيو، پر ان ۾ آهي ته اتي عوام جي مسئلن تي ڪيترو سنجيده ڪم ٿيو. جيڪڏهن چونڊيل نمائندا پنهنجون تقريرون گهٽائي قانون سازي، نگراني ۽ عملي پاليسين تي وڌيڪ ڌيان ڏين ته جمهوريت جو فائدو واقعي عام ماڻهوءَ تائين پهچي سگهي ٿو. عوام کي هاڻي ڊگهي تقرير نه، پر مختصر ۽ واضح جواب گهرجي، مسئلو ڇا آهي، حل ڇا آهي ۽ اهو حل ڪڏهن لاڳو ٿيندو؟
آخرڪار عوام کي اهڙي سياست جي ضرورت آهي، جيڪا واعدن کان وڌيڪ نتيجا ڏئي، الزام تراشيءَ کان وڌيڪ ذميواري قبول ڪري ۽ تقريرن کان وڌيڪ عملي ڪم کي اهميت ڏئي. اقتدار عارضي هوندو آهي، پر ملڪ ۽ عوام مستقل هوندا آهن. سياستدان ايندا ويندا رهندا، حڪومتون تبديل ٿينديون رهنديون، پر عوام جا بنيادي مسئلا تڏهن ئي حل ٿيندا، جڏهن سياست جو مرڪز شخصيتن، مفادن ۽ اقتدار جي جنگ بدران عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي مرڪوز ڪيو ويندو. جمهوريت جي اصل ڪاميابي اها ناهي ته ڪير اقتدار ۾ آيو، پر اها آهي ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ عوام لاءِ ڇا ڪيو ويو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سياسي جماعتون ماضيءَ جي الزام تراشيءَ کان ٻاهر نڪري مستقبل جي تعمير بابت واضح رستو ڏيکارين. عوام کي هر چونڊ ۾ نوان خواب ڏيکاريا وڃن ٿا هاڻ انهن خوابن کي حقيقي عملي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟