مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پڙهيل لکيل عورت ئي مهذب معاشرو جوڙي سگهي ٿي

Oshaq Ali Buledi ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار

تعليم: بي.ايس.اِي.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان ڳوهيل سنڌ جي تهذيب، جنهن جي روح ۾ عورت جو احترام شامل آهي. ڀٽائيءَ چوي ٿو: “سڀيئي سونهن، ڪونه مڙيائين مدي.” تڏهن هن عورت جي وجود کي ڪائنات جي حسن جو مظهر قرار ڏنو هو، پر اڄ جڏهن اسان پنهنجي سماج جي گهٽين ۽ رستن تي نياڻيءَ کي هيسيل ڏسون ٿا ته سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسان واقعي ان لطيف جا وارث آهيون؟ عورت رڳو گوشت جو پتلو ناهي، پر اها هڪ زنده جاويد قدرت جي تخليق آهي. جڏهن اسان عورت جي حقن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اصل ۾ اسان پنهنجي قومي وقار جي بقا جو مقدمو وڙهي رهيا هوندا آهيون. جديد دور جي فڪري رهنمائي ڪندڙ سائين وحيد آريسر عورت کي رڳو “گهر جي زينت” طور نه، پر “قومي بقا جو قلعو” سمجهندو هو. آريسر صاحب چوندو هو ته: “جنهن قوم جون نياڻيون تعليم ۽ شعور کان وانجهيل هجن، اها قوم ڪڏهن به آزاديءَ جو خواب نٿي ڏسي سگهي.” هن جي نظر ۾ عورت جو تحفظ صرف پردي ۾ ناهي، پر ان کي هڪ اهڙو پروقار ماحول ڏيڻ ۾ آهي، جتي هوءَ پنهنجي فڪري صلاحيتن جو اظهار ڪري سگهي. اسان کي اڄ آريسر جي ان فڪر جي ضرورت آهي، جتي عورت کي “ڪمزور” نه پر “قوت” طور تسليم ڪيو وڃي. استاد بخاريءَ، جنهن سنڌ جي شعور کي نوان گيت ڏنا، تنهن عورت جي بيوسيءَ کي بغاوت ۾ بدلائڻ جو درس ڏنو. استاد چيو هو: “نياڻي نِٻل ناهي، نياڻي ته ننگ آ، نياڻي ته قوم لاءِ، هڪ ڏاڍي جنگ آ.” استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ عورت رڳو محبوبا ناهي، پر هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن کي پنهنجي حقن لاءِ پاڻ قلم کڻڻو پوندو. تحفظ جو اصل مفهوم ته اهو آهي ته عورت کي ان جي پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، نه ڪي ان کي روايتن جي زنجيرن ۾ جڪڙي قيدي بڻايو وڃي. عورتن جي حقن جي سڀ کان وڏي رڪاوٽ شعور جي گهٽتائي آهي. تعليم صرف ڪتاب پڙهڻ يا ڊگري وٺڻ جو نالو ناهي، پر تعليم پنهنجي وجود جي سڃاڻپ آهي. اسان جي ٻهراڙين ۾ اڄ به نياڻين جي تعليم کي “خطرناڪ” سمجهيو وڃي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته جڏهن هڪ عورت تعليم يافته ٿئي ٿي، تڏهن هوءَ پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم کي سڃاڻي ٿي. هڪ پڙهيل لکيل ماءُ ئي هڪ اهڙو نسل تيار ڪري سگهي ٿي جيڪو عورت کي برابر انسان سمجهي ان جي حقن کي تسليم ڪري ۽ هر قدم تي ان کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي. تحفظ رڳو پوليس يا قانون جو نالو ناهي، حقيقي تحفظ تڏهن ملندو جڏهن اسان جي سماجي سوچ تبديل ٿيندي. اسان وٽ عورت جي عصمت جو بار صرف عورت جي ڪلهن تي رکيو ويو آهي، جڏهن ته مرد کي هر قسم جي آزادي ڏني وئي آهي. هيءَ ٻٽي سوچ ئي سماجي جو بگاڙ آهي. ان سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ اهڙين مائرن جي ضرورت آهي جيڪي پنهنجن پٽن کي اها تربيت ڏئي سگهن جن ۾ عورت جي لاءِ حوس نه، پر احترام هجي. انتهائي ضروري آهي ته عورتن کي سندن مذهب مطابق. حقن جي حصول ۽ قانون مطابق مليل حقن جي آگاهي هجڻ گهرجي. جيستائين عورت معاشي طور خود مختيار نه ٿيندي تيستائين مٿس مرد جي ڏاڍ برقرار رهندي. ان لاءِ ضروري آهي ته عورت کي تعليم يافته ڪيو وڃي، باشعور ڪيو وڃي ۽ کيس وقت سان گڏ گهربل هنر سيکاري اهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن، جو هوءَ مرد جي معاشي ڪوڙڪي مان آزاد ٿي سگهي. حڪومت جو اهو فرض آهي ته نصاب ٺاهڻ وقت اهڙا سبق ڪتابن ۾ شامل ڪيا وڃن جنهن سان مردن جي ذهن سازي ٿي سگهي ته سندن مائرون، ڀينرون سندن برابر آهن. جيڪڏهن هن وقت ڪي اهڙا سبق شامل آهن جيڪي صنفي اڻبرابريءَ جو تصور پيدا ڪن ٿا ته انهن کي ڪڍيو وڃي. وقت جي تبديليءَ سان گڏ اسان جون نوجوان ڇوڪريون سوشل ميڊيا تي اچڻ جي ڪري ڪيترن ئي خطرن کي منهن ڏئي رهيون آهن، انهن جي اسڪولن کان وٺي تربيت ٿيڻ گهرجي ته اهي ڪيئن محفوظ طريقي سان سوشل ميڊيا استعال ڪن ۽ کين سائبر قانونن ذريعي اهو تحفظ ڏنو وڃي جنهن سان انهن جون زندگيون تباهه ٿيڻ کان بچي سگهن. جڏهن سنڌ جي هر نياڻي پڙهندي ۽ هر ماءُ تعليم يافته هوندي تڏهن ئي سنڌ جو سماج مهذب ٿي سگهندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو