20 نومبر مستقبل جي معمارن جو عالمي ڏينهن
Azhar Azad Mughal
استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار
ٻار سنسار جي سونهن ۽ والدين جي نيڻن جو ٺار ھوندا آهن، جيڪي سدائين جيءَ کي جيئاريندا آھن. ٻار مستقبل جا معمار، آئيندي جا ابا ۽ اڳواڻ آھن جن کي ملڪ جون واڳون سنڀالڻيون آهن، دنيا جي دستور کي ھلائڻو آهي، قوم جي روشن مستقبل لاءِ پاڻ پتوڙڻو آهي جنهن جي لاءِ انھن جي معياري تعليم ۽ تربيت وقت جي اشد ضرورت آهي، اڄ جيڪڏهن صحيح نموني سان اسان انھن تي سرمايو لڳايو ته يقينن سڀاڻي جا ڪارگر ۽ مفيد فرد ثابت ٿيندا. فطرت سان بيپناھه محبت ڪندڙ انگريز رومانوي شاعر وليم ورڊس ورٿ ٻارن جي ترجماني ڪندي بلڪل درست چوي ٿو ته “A child is a father of a man”
20 نومبر تي ٻارن جو عالمي ڏينهن روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي، انھن جي روشن ۽ محفوظ مستقبل جي حوالي سان عزم جو اظهار ڪيو ويندو آهي، انھن جي لاءِ بھتر مستقبل جي موقعن جو وچن ورجايو ويندو آهي. فريڊرڪ ڊگلس جو خيال آهي ته: “ٻارن جي مضبوط تربيت ڪرڻ، ٽٽل ماڻهن جي اصلاح ڪرڻ کان وڌيڪ آسان آهي.”. ڪنهن ڏاھي جو چوڻ آهي ته: “ٻار بهترين نقل ڪندڙ هوندا آهن، تنهنڪري کين نقل ڪرڻ لاءِ ڪو اعليٰ مثال ڏيو”. ھربرٽ ھوور جو قول آهي ته: “ٻار اسان جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي سرمايو آهن.” مدر ٽريسا جي چوڻي آهي ته: “ٻار هن دنيا ۾ خدا جي حسن جو مظهر ۽ ڪنهن به خاندان لاءِ سڀ کان وڏو تحفو آهي”. ھينري وارڊ بيچر فرمائي ٿو ته: “ٻار اهي هٿ آهن جن جي وسيلي اسان جنت کي حاصل ڪريون ٿا.” دوستو وسڪي مطابق ته “ٻارن سان گڏ رهڻ سان روح کي سڪون ۽ شفا ملي ٿي.”
ٻار چاھي ڪھڙي به مذهب، قوم، نسل ۽ ذات سان تعلق رکندا ھجن، سي سماج جي سرھاڻ ۽ سک جو سبب ھوندا آھن تن کي ڏسي والدين جا ٿڪ ئي لھي ويندا آهن. موتين جا ھي داڻا اکين ۾ چمڪ آڻي ڇڏيندا آهن. ٻارن جي حوالي سان نامور شاعر نثار بزمي جا ٻول آهن ته:
ٻارڙا ڌرتيءَ جا تارا ٿا لڳن،
اکين کي ڏاڍا پيارا ٿا لڳن،
ٻارڙا معصومڙا البيلڙا،
نور جا نرمل نظارا ٿا لڳن،
ٻارڙا آهن گلن جا هارڙا،
موج من کي ڏيڻ وارا ٿا لڳن،
ٻارڙا مائن جا آهن آسرا،
ننڍپڻ ۾ ئي سهارا ٿا لڳن،
پر افسوس جو ناانصافي، اڻبرابري ۽ غربت جي ڪري ڪيترن ئي سماجن ۽ ملڪن ۾ انهن جي حالت رحم جوڳي آهي. پاڪستان ۾ تقريبن 2 ڪروڙ 51 لک (25.15 ملين) ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. تعليم جھڙي ڀلوڙ ھنر کان محروم آهن، ٻارن سان روز بروز جنسي زيادتين جا وڌندڙ واقعا ۽ انھن کي موت جي ور چاڙهي ڇڏڻ جا واقعا تشويشناڪ آھن، قانون ته موجود آهن، پر اھو وڏو الميو آهي جو انهن تي عمل جي شديد کوٽ آهي. ڪيترائي ٻار بٺن، ھوٽلن ۽ ٻين ڪيترن ئي جاين تي انتھائي سخت پورهيو ڪري پنهنجي گهر جو گذران ڪن ٿا، ابھم ٻارن جي وڏي مخلوق کي غربت ۽ مھانگائيءَ جي ڪري ٽن ويلن جي ماني نصيب آهي، ملڪ جا لکين ٻار پنڻ تي مجبور آهن، جيستائين اسان جا حڪمران عياشين واري زندگي ڇڏي ملڪ جي مسڪين عوام لاءِ نه سوچيندا، ٻارن جي محفوظ مستقبل جي ڏس ۾ سنجيدگيءَ سان ڪي ٺوس قدم نه کڻندا تيستائين ٻارن جي دنيا بري طرح متاثر ٿيندي رهندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟