اتر ڪوريا ۽ آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ ڪهڙو ڏس ڏئي پئي؟
Tufail Magsi
ڪالم نگار
ٻي جنگ عظيم ۾ جاپان جي شڪست کانپوءِ ڪوريا جڏهن آزاد ٿيو ته هڪدم ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، هڪ حصي اتر ڪوريا تي سوويت يونين ۽ ٻئي حصي ڏکڻ ڪوريا تي آمريڪا جو اثر قائم ٿيو. اهڙي ريت 1948ع ۾ ٻنهي حصن ۾ الڳ حڪومتون قائم ٿيون. اتر ۾ ڪِم اِل سنگ ۽ ڏکڻ ۾ سنگمن ري اقتدار جا مالڪ بڻيا.
ڪوريا جنگ جو پسمنظر (1950-1953): جون 1950ع ۾ اتر ڪوريا، ڏکڻ ڪوريا تي حملو ڪيو. جنگ جي دوران آمريڪا گڏيل قومن جي فوجين جي قيادت ڪندي ڏکڻ ڪوريا جو ساٿ ڏنو. جڏهن ته چين اتر ڪوريا جي مدد ڪئي. جنگ ۾ بي انتها تباهي ٿي ۽ اتر ڪوريا جا شهر شديد بمباري جي ور چڙهي ويا ۽ ان جي سخت ياد اڄ به اتر ڪوريا جي آمريڪي مخالف سوچ جو بنياد آهي.
امن نه بلڪه صرف جنگ بندي: 1953ع ۾ جنگ بندي جو معاهدو ٿيو، پر امن جو معاهدو اڄ تائين نه ٿي سگهيو. ٽيڪنيڪي طور تي ٻئي ڌريون اڃان به جنگ واري حالت ۾ آهن. ٻنهي ڪوريائن جي وچ ۾ “غير فوجي علائقو” (DMZ) موجود آهي ۽ آمريڪا جا هزارين فوجي اڄ به ڏکڻ ڪوريا ۾ مقرر آهن.
ايٽمي جهڳڙو: 1990ع واري ڏهاڪي ۾ اتر ڪوريا جي نيو ڪليئر پروگرام تي ڇڪتاڻ وڌي. 1994ع جي معاهدي جي باوجود اعتماد بحال نه ٿي سگهيو. 2002ع ۾ آمريڪي صدر بش اتر ڪوريا کي “شر جو محور” سڏيو. 2006ع ۾ اتر ڪوريا پنهنجو پهريون ايٽمي تجربو ڪيو، جنهن کانپوءِ هن تي گڏيل قومن جي اداري ۽ آمريڪا سخت پابنديون هيون.
ميزائيل، بيان ۽ ملاقاتون: 2017ع ۾ بين البر اعظمي ميزائيل تجربن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سخت بيانن جي ڏي وٺ ٿي. وري 2017ع ۾ سنگاپور ۾ صدر ٽرمپ ۽ ڪِم جونگ جي تاريخي ملاقات ٿي، جيڪا ڪنهن موجوده آمريڪي صدر ۽ اتر ڪوريائي اڳواڻ جي پهرين ملاقات هئي، پر 2019ع ۾ هنوئي سمٽ ۾ ٿيل ڳالهيون بنا ڪنهن معاهدي جي ختم ٿيون.
نيتجو: اها دشمني ڪنهن هڪ واقعي جو نتيجو ناهي، بلڪه ان جي پٺيان سرد جنگ، اڻپوري جنگ ۽ ڏهاڪن تي ٻڌل بي اعتمادي شامل آهي ۽ اڄ به ڪوريائي پرڳڻو دنيا جي نازڪ ترين علائقن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. تازو اتر ڪوريا وري هڪ ڀيرو ٻيهر سمنڊ ۾ نون ميزائيلن جا تجربا ڪيا آهن، جنهن سان نه صرف سمنڊ ڌڏي ويو، بلڪه سڄي دنيا ۾ ايٽمي جنگ جو خوف پڻ ڇانئجي ويو آهي. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪِم جونگ ان هڪ ڀيرو وري دنيا کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. اتريا ڪوريا جي تازن تجربن جنگ جا ڪڪر دنيا تي پکيڙي ڇڏيا آهن، بلڪه جاپان سميت ڏکڻ ڪوريا ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي!
ايٽمي طاقت جو مظاهرو: ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪِم جونگ طرفان ميزائيل فائر ڪرڻ سڌو سنئون آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي پيغام آهي ته اتر ڪوريا ڪنهن به وقت تباھ ڪندڙ حملي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ هلچل: جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي فوج پنهنجي دفاعي پوزيشن وڌيڪ سخت ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته جاپان هنگامي اجلاس گهرائي ورتو آهي.
ڇا اها ڪنهن وڏي عالمي جنگ جي شروعات آهي؟ عالمي دفاعي ادارن جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا جا اهي ميزائيل نئين ٽيڪنالاجي سان ڀرپور آهن، جن کي روڪڻ هاڻي ناممڪن ٿيندو پيو وڃي. ڇا اتر ڪوريا جي انهيءَ عمل سان دنيا هڪ نئين تباهي جي ڪناري تي بيٺي آهي؟ اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟