مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

‏پاڪستان کان اڳ ڪراچي سنڌ جو شهر هو ۽ هميشه رهندو

Mansoor Nizamani تعليمدان، ڪالم نگار، ليکڪ

MSC (پاڪستان اسٽڊيز)، B.Ed

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي بابت جڏهن به پاڪستان جي قيام کان اڳ واري تاريخ تي ڳالهه ٿئي ٿي ته اسان کي جذبات بدران تاريخي حقيقتن، پراڻن رڪارڊن ۽ انهن ادارن ڏانهن ڏسڻ گهرجي، جيڪي اڄ به هن شهر جي ماضي جا زنده مثال آهن. 1947ع کان اڳ ڪراچي سنڌ جو حصو هو ۽ هتي انتظامي، تعليمي، طبي، واپاري، عدالتي، بندرگاهي ۽ بلدياتي ادارا پنهنجي پنهنجي دائري ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ تصويرن ۾ به اهڙن ڪيترن ئي ادارن جا نالا ۽ قيام جا سال ڏنل آهن، جيڪي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان ڪيترائي ڏهاڪا اڳ قائم ٿي چڪا هئا. سنڌ جي ڪراچي جي انهن ادارن جي تاريخ پڙهڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته ڪراچي 1947ع کانپوءِ وجود ۾ آيل شهر نه، پر اڳ ئي هڪ مڪمل شهري مرڪز هو، جنهن جي تاريخ سنڌ جي تاريخ سان ڳنڍيل آهي. ڪراچيءَ جي جديد شهري ترقيءَ جي ڪهاڻي ان جي بندرگاهه ۽ واپاري اهميت کانسواءِ مڪمل نٿي ٿي سگهي. برطانوي دور ۾ ڪراچي بندرگاهه کي منظم ۽ جديد بڻائڻ لاءِ مختلف قدم کنيا ويا ۽ 1887ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو قيام عمل ۾ آيو. بندرگاهه جي سرگرمين سان واپار وڌيو، مختلف علائقن سان ڪراچي جا رابطا مضبوط ٿيا ۽ شهر جي معاشي اهميت ۾ مسلسل اضافو ٿيو. 1860ع واري دور ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جهڙيون واپاري تنظيمون به وجود ۾ آيون، جڏهن ته ريلوي جي اچڻ سان ڪراچي جو ننڍي کنڊ جي ٻِين علائقن ۽ بندرگاهه وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ سگهه ملي. 1898ع واري ڪراچي ريلوي اسٽيشن ۽ 1924ع واري هوائي اڏي سان لاڳاپيل ترقيون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان کان اڳ ڪراچي جديد مواصلاتي نظام سان ڳنڍجندڙ سنڌ جو هڪ اهم شهر بڻجي چڪو هو.
تعليم جي ميدان ۾ به ڪراچيءَ جي تاريخ انتهائي پراڻي ۽ اهم آهي. ڪراچي گرامر اسڪول جو قيام 1847ع، سنڌ مدرسة الاسلام جو 1885ع، سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ۽ سينٽ جوزف جو 1861ع قيام وجود ۾ آيو. 1921ع ۾ انجنيئرنگ جي تعليم لاءِ قائم ٿيل اداري اڳتي هلي اين اي ڊي يونيورسٽي جي صورت ۾ پنهنجو مقام ٺاهيو. جڏهن ته 1945ع ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي قيام ڪراچي کي طبي تعليم جي اهم مرڪز طور اڳتي وڌايو. انهن ادارن مان واضح ٿئي ٿو ته ڪراچي ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ فني تعليم جو بنياد پاڪستان کان گهڻو اڳ ئي مضبوط ٿي چڪو هو. اُن وقت تعليم رڳو شهر جي ضرورت نه رهي هئي، پر ننڍي کنڊ جي مختلف علائقن مان ايندڙ شاگردن لاءِ هڪ علمي مرڪز بڻيو، صحت جي شعبي ۾ پڻ شهر جي ترقيءَ جا واضح مثال اڄ به موجود آهن. جهڙوڪ: سول اسپتال ڪراچي جو قيام 1888ع ۽ جناح اسپتال جو قيام 1930ع ۾ ٿيو. ان دور ۾ اسپتالن ۽ طبي ادارن جو قيام ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ڪراچي جي آبادي ۽ شهري ضرورتن ۾ واڌ اچي رهي هئي. جڏهن ته اسپتال ڪنهن به شهر جي بنيادي ڍانچي جو هڪ اهم حصو هوندا آهن، تنهن ڪري انهن جي موجودگي رڳو طبي سهولتن جي نشاني نه، پر هڪ منظم شهري زندگيءَ جي علامت پڻ هوندي آهي. ساڳيءَ طرح ايمپريس مارڪيٽ 1880ع واري ڏهاڪي ۾ قائم ٿي، ڪراچي جمخانو 1886ع ۾ وجود ۾ آيو ۽ ٻين سماجي ادارن به شهر جي بدلجندڙ شهري زندگيءَ کي هڪ نئون رخ ڏنو. جيڪي اڄ به ڪراچي جي پراڻي شهري ورثي جي سڃاڻپ آهن. ڪراچيءَ جي سياسي ۽ انتظامي اهميت کي به ان جي پراڻي تاريخ جي روشنيءَ ۾ سمجهڻ ضروري آهي. 1843ع ۾ سنڌ تي برطانوي حڪمراني قائم ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي سنڌ جي انتظامي ڍانچي جو حصو رهيو. 1936ع ۾ سنڌ کي ممبئي پريزيڊنسي کان الڳ صوبائي حيثيت ملڻ کانپوءِ ڪراچي جي سياسي اهميت وڌيڪ نمايان ٿي. سنڌ اسيمبلي جو قيام 1940ع ۾ ٿيو. سنڌ اسيمبلي اڳتي هلي سنڌ جي سياسي معاملن ۽ ننڍي کنڊ جي مستقبل بابت اهم بحثن جو مرڪز بڻي. ڪراچي ۾ سرڪاري عمارتن، عدالتن، انتظامي ادارن ۽ ٻين آفيسن جي موجودگي ان ڳالهه کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي ته شهر جا جديد انتظامي ادارا پاڪستان کان اڳ بهتر نموني ڪم ڪري رهيا هُئا. اُنھن مان بلدياتي نظام به ڪراچي جي شهري ترقيءَ جو هڪ اهم حصو ھو. شهر جي وڌندڙ آبادي، واپار، روڊن، بازارن، پاڻي، صفائي ۽ ٻين شهري ضرورتن لاءِ ميونسپل انتظام جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ۽ وقت سان گڏ بلدياتي ادارا مضبوط ٿيندا ويا. ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو قيام 1927ع ۾ ٿيو جيڪو شهر جي منظم بلدياتي انتظام جي تاريخ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ايمپريس مارڪيٽ، بندرگاهه، ريلوي، اسپتالون، اسڪول، عدالتون ۽ بلدياتي ادارا جڏهن هڪ ئي شهري نظام ۾ گڏ نظر اچن ٿا ته اُن شهر جي ترقيءَ جي تصوير وڌيڪ واضح ٿي وڃي ٿي. ڪراچي شهر رڳو اُن وقت هڪ بندرگاهه نه رهيو هو، پر انتظام، واپار، تعليم ۽ شهري خدمتن جو گڏيل مرڪز بڻجي چڪو هو.
1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کانپوءِ ڪراچي جي حيثيت ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي. پاڪستان جي شروعاتي دور ۾ ڪراچي کي ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو ۽ نئين وفاقي رياست جا اهم ادارا ڪراچي منتقل ٿيا. ورهاڱي کانپوءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو ٻاهران اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيا، جنهن سان شهر جي آبادي، معيشت، ٻولي، سماج ۽ انتظامي ڍانچي ۾ تيزي سان تبديليون آيون، پر نئين ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ بڻجڻ جو مطلب اهو هرگز نه هو ته ڪراچي جي تاريخ به 1947ع کان شروع ٿي. حقيقت اها آهي ته نئين وفاقي دور لاءِ جنهن شهر کي چونڊيو ويو، اهو اڳ ئي بندرگاهه، ريلوي، تعليم، صحت، واپار ۽ انتظامي ادارن سان اڳ ۾ هڪ اهم شهري مرڪز هو. پاڪستان ان شهر کي وفاقي گادي جو درجو ضرور ڏنو، پر ڪراچي شهر جي تاريخ اڄ به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪراچي جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته 1947ع کي ان جي تاريخ جي شروعات نه، پر هڪ نئين باب جي شروعات طور ڏٺو وڃي. پاڪستان جي قيام کان اڳ ڪراچي سنڌ جو حصو هو ۽ هتي اهڙا ڪيترائي ادارا ڪم ڪري رهيا هئا، جن مان ڪجهه جا بنياد 1843ع کان به اڳ واري شهري تاريخ سان ڳنڍيل آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي اهم ادارن 1945ع کان 1947ع تائين مختلف دورن ۾ جنم ورتو. ڪراچي گرامر اسڪول، سنڌ مدرسة الاسلام، سينٽ پيٽرڪ، سول اسپتال، ايمپريس مارڪيٽ، ڪراچي جمخانو، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، ريلوي، واپاري ادارا ۽ ٻيا تاريخي مرڪز ان ماضي جا زنده مثال آهن. تنهنڪري ڪراچي کي تاريخي طور سمجهڻ لاءِ 1947ع کانپوءِ واري حيثيت سان گڏ ان جو تاريخي طور سنڌ سان پراڻي تعلق کي به تسليم ڪرڻو پوندو. جڏهن ته وقت سان گڏ شهر پنهنجون سڃاڻپون تبديل ڪندا آهن اُن ۾ سياسي تبديلي به اچي ٿي، نوَن چهرا به بدلجن ٿا، پر ياد رکو اُنھن سان تاريخ ڪڏهن به مٽجي نٿي سگهي. تنھنڪري ڪراچيءَ جي قديم ادارن جي موجودگي جيڪو تاريخ جو سڀ کان وڏو زنده مثال آهن. هاڻ جيڪڏهن ٻاهران آيل ڪا قوم ڪراچي ۾ اچي آباد ٿي چڪي آهي، اها چوي ٿي ته ڪراچيءَ کي اسان ٺاهيو آهي ته اُنهن کي هڪ دفعو ڪراچي جي تاريخ کي ضرور پڙهڻ گهرجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو