مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بغير هٿيارن جي ڪنھن قوم، تھذيب ۽ ثقافت کي ڪيئن تباهه ڪجي؟

Oshaq Ali Buledi ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار

تعليم: بي.ايس.اِي.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

“ڪنهن به قوم کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ ائٽم بم، هائيڊروجن بم يا وڏي رينج وارن ميزائلن جي ضرورت ناهي هوندي. ان لاءِ صرف تعليم جو معيار ڪيرائڻ، ميرٽ جو جنازو ڪڍڻ ۽ امتحانن ۾ نقل کي عام ڪرڻ ئي ڪافي آهي.” (سائوٿ آفريڪا جي هڪ مشهور يونيورسٽي جي دروازي تي لکيل تاريخي جملو) جڏهن تعليم تباهه ٿيندي ته قوم پاڻمرادو پنهنجو موت پاڻ مرندي. تاريخ جي ورقن کي اٿلائي ڏسجي ته معلوم ٿيندو ته صدين تائين ڪنهن قوم کي شڪست ڏيڻ يا ان جي حڪمرانيءَ جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ فوجي طاقت کي ئي آخري هٿيار سمجهيو ويندو هو. جنگيون ميدانن ۾ لڙيون وينديون هيون، گهوڙن جي سنبن جي آواز سان زمين ڪنبڻ لڳندي هئي ۽ تلوارن جي چمڪ فيصلا ڪندي هئي. دور بدليو ته تلوارن جي جاءِ ٽينڪن، توپن، بارود ۽ ائٽمي هٿيارن ورتي. سوڀارو اهو پئي بڻيو جنهن جي فوج وڏي، بجيٽ وڌيڪ ۽ هٿيار جديد ۽ طاقتور هئا، پر اڄ جي جديد، اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ کان نڪري ايڪيهين صديءَ جي هن دور ۾ جنگ جو انداز مڪمل طور تبديل ٿي چڪو آهي. هاڻي سڀ کان خطرناڪ، هولناڪ ۽ موتمار جنگيون جاگرافيائي سرحدن تي نه، پر سماج جي اندر، ماڻهن جي ذهنن ۾ خاموشيءَ سان لڙيون پيون وڃن. هن نئين دور جي يُڌ ۾، ڪنهن ملڪ کي فتح ڪرڻ لاءِ رت وهائڻ جي ضرورت ناهي رهي. جيڪڏهن توهان ڪنهن قوم کي بنا ڪنهن جنگ جي شڪست ڏيڻ يا ان جو وجود ڌرتيءَ تان مٽائڻ چاهيو ٿا ته توهان کي ان جي فوجي ڇاوڻين تي حملو ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي، پر توهان کي ان قوم جي بنيادي ٿنڀن کي سسٽميٽڪ انداز ۾، اندارن ئي اندران اڏوهيءَ وانگر کائي کوکلو ڪرڻو پوندو. هيءَ هڪ اهڙي خاموش ۽ لڪيل جنگ آهي، جيڪا انتهائي سست، پر سئو سيڪڙو اثرائتي هوندي آهي. هيءَ هڪ اهڙي ڪينسر وانگر آهي، جيڪا سماج جي رڳ رڳ ۾ گهڙي ويندي آهي ۽ جڏهن عوام کي پنهنجي برباديءَ جو احساس ٿيندو آهي، تڏهن پاڻي مٿي کان مٿي لنگهي چڪو هوندو آهي. اچو ته ڏسون ته اهي ڪهڙا هٿيار آهن، جيڪي بنا بارود جي قومن کي قبرستان بڻائي ڇڏيندا آهن. ڪنهن به زنده قوم جو سڀ کان وڏو ۽ مضبوط ٿنڀو ان جو تعليمي نظام هوندو آهي. تعليم صرف ڊگريون ورهائڻ جو نالو ناهي، پر هيءَ قومن کي شعور، اخلاق ۽ مستقبل جا معمار ڏيندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن قوم کي بنا جنگ جي مارڻو هجي ته ان جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي نااهلن جي حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ڪنهن سماج ۾ ميرٽ (قابليت) جو جنازو نڪري ويندو آهي ۽ ان جي جاءِ تي نقل، سفارش، پرچي سسٽم ۽ رشوت راڄ ڪندي آهي ته اتي پڙهيل لکيل جاهل نسل پيدا ٿيندو آهي. اهڙو نسل جنهن وٽ سونا تمغا ۽ وڏيون ڊگريون ته هونديون آهن، پر هٿ ۾ نه ڪو هُنر هوندو آهي ۽ ئي ذهن ۾ ڪا پختي سوچ. جنهن جي نتيجي ۾ نااهل ۽ نقل ڪري پاس ٿيل ڊاڪٽرن جي هٿان مريض زندگيءَ جي راند هارائي ويهندا آهن. سفارش تي آيل انجنيئرن جي ناقص پلاننگ جي ڪري اربين رپين جون پليون ۽ عمارتون هڪ ئي وقت ۾ ڊهي کريبن رکين جو نقصان ۽ ڪيترين ئي قيمتي جانين جو نقصان ڪنديون آهن. اڻپڙهيل ۽ وڏيرڪي سوچ رکندڙ پاليسي سازن جي ڪري ملڪي معيشت آءِ ايم ايف ۽ عالمي ادارن جي پيرن ۾ وڃي ڪرندي آهي. تعليم جي تباهي اصل ۾ قوم جي سوچ ۽ سمجهه جي صلاحيت جو موت آهي. جيڪا قوم سوچڻ جي صلاحيت وڃائي ويهي، اها غلاميءَ جو شڪار ٿي ويندي آهي. ٻيو هٿيار جيڪو بغير گوليءَ جي قومن کي رت جو درياءُ بڻائي ڇڏيندو آهي، اهو آهي “سماجي نفاق ۽ اخلاقي زوال.” هڪ تندرست سماج تڏهن ئي قائم رهي سگهي ٿو، جڏهن ان جي شهرين ۾ گڏيل همدردي، رواداري، انصاف ۽ قومي ٻڌيءَ جو احساس هجي. دشمن کي پنهنجي فوج موڪلڻ جي ڪا ضرورت ناهي هوندي، هو صرف ان قوم جي اندر نفرت جو ٻج پوکي ڇڏيندو آهي. جڏهن ماڻهن کي سنڌي، بلوچ، پٺاڻ، پنجابي يا وري مذهب، فرقي ۽ سياسي تعصب جي بنيادن تي هڪٻئي جي سامهون بيهاريو وڃي ته سماج جو توازن بگڙي ويندو آهي. جڏهن هڪ پاڙي ۾ رهندڙ ماڻهو هڪٻئي کي پنهنجو ڀاءُ سمجهڻ بدران شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳن، تڏهن ملڪ جو سماجي ڍانچو ئي ختم ٿي ويندو آهي. ٻاهرين قوتن کي پوءِ ڪو پئسو خرچ ڪرڻو ناهي پوندو، هو رڳو تماشائي بڻجي ڏسندا آهن ته ڪيئن هڪ قوم پاڻ ۾ وڙهي هڪٻئي جو ڳلو ڪپي رهي آهي. ان سان گڏوگڏ، جڏهن سماج مان اخلاقي قدر ختم ٿي وڃن، بدعنواني کي عيب سمجهڻ بدران “هوشياري” ڪوٺيو وڃي ۽ مظلوم جي واهر ڪرڻ بدران ظالم جي واهه واهه ڪئي وڃي ۽ پوءِ ان کي نظام جي ضرورت چيو وڃي ته ان قوم جو اخلاقي زوال شروع ٿي ويندو آهي. اخلاقي طور مئل قومون ڪڏهن به تاريخ ۾ زنده ناهن رهنديون. ادارن جي ڪمزوري، بي انصافي ۽ ميرٽ جو موت ڪنهن به ملڪ جي اصل سڃاڻپ ۽ طاقت ان جا مضبوط ادارا ۽ قانون جي بالادستي هوندي آهي. حضرت علي ڪرم الله وجهه جو مشهور قول آهي ته: “ڪفر جو نظام هلي سگهي ٿو، پر بي انصافي جو نظام نٿو هلي سگهي.” جڏهن ڪنهن رياست ۾ انصاف جو ترازو ناهموار ٿي وڃي، جتي قانون صرف غريب جي کيسي ۽ چيلهه ٽوڙڻ لاءِ هجي ۽ امير توڙي طاقتور ماڻهو قانون کي پنهنجي گهر جي ٻانڌي سمجهن، اتي عوام جو رياست تان ۽ وطن تان اعتماد کڄي ويندو آهي. جڏهن عدالتون، پوليس، نيب ۽ ٻيا احتساب جا ادارا سياسي هٿيار بڻجي وڃن ته اتي عام ماڻهو بي يارو مددگار ٿي ويندو آهي. ادارن جي هن تباهي جي ڪري ملڪ ۾ اڻبرابري وڌندي آهي، جنهن سان اقتصادي بحران جنم وٺي ٿو، مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪندي آهي ۽ غربت جو راڄ ٿيندو آهي. ان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ دردناڪ عمل شروع ٿيندو آهي، جنهن کي اسان “برين ڊرين” يعني ڏاهپ جو ٻاهر وهي وڃڻ چوندا آهيون. ملڪ جا سڀ کان ذهين، قابل، پڙهيل لکيل ۽ هُنرمند ماڻهو جهڙوڪ: ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان، پروفيسر ۽ دانشور پنهنجي وطن مان مايوس ٿي، پنهنجو گهر ٻار ڇڏي ٻاهر هليا ويندا آهن. نتيجي طور، اهو ملڪ ذهني طور يتيم ٿي ويندو آهي ۽ ان کي ٻيهر پيرن تي بيهارڻ وارو ڪو ناهي بچندو. اسان کي اڄ اهو سمجهڻو پوندو ته قومي سلامتيءَ کي اصل خطرو ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي فوج يا حملي کان نه، پر اسان جي پنهنجي اندروني غفلت، نااهلي ۽ خاموشي مان آهي. سچو دفاع صرف وڏيون بجيٽون فوج لاءِ رکڻ يا نوان هٿيار خريد ڪرڻ ۾ ناهي، پر پنهنجي سماج جي انهن بنيادي ٿنڀن کي بچائڻ ۾ آهي جيڪي سماج جي تعمير ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان کي هن جديد دور ۾ هڪ غيرتمند ۽ ترقي يافته قوم طور عزت سان جيئڻو آهي، ته اسان کي پنهنجي اسڪولن جي چوڌاري ميرٽ جو پهرو ڏيڻو پوندو، اسان کي هروڀرو جي سياسي ۽ فرقيواراڻي نفرت کي لت هڻي قومي ٻڌي اختيار ڪرڻي پوندي ۽ انصاف کي بنا ڪنهن فرق جي قائم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان اڄ به سجاڳ نه ٿياسين ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي، ڇاڪاڻ ته هي خاموش هٿيار ڪنهن به ائٽم بم کان وڌيڪ تباهي مچائڻ جي صلاحيت رکن ٿا، فيصلو اسان جي هٿن ۾ آهي!

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو