مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٿر جي ماروئڙن سان گذاريل منھنجي زندگيءَ جا چار سال (قسط ٽين)

Oshaq Ali Buledi ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار

تعليم: بي.ايس.اِي.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

مٺي ويندڙ چيڪڙي تي چڙهڻ کانپوءِ به منهنجو ذهن پريتام جي تپ ۾ ٻرندڙ ٻار، موهنيءَ جي پيرن جي ڇالن ۽ ان ويران اسڪول جي بليڪ بورڊ تي اٽڪيل هو. سرڪاري ڪاغذن ۾ ترقيءَ جا جيڪي انگ اکر اسان لکندا آهيون، اهي ٿر جي زميني حقيقتن اڳيان ڪيترا نه اڻپورا ۽ ڪوڙا آهن، ان جو گهرو اندازو مون کي پنهنجي پوسٽنگ جي ٻئي سال ٿيو، جڏهن مونکي علم ۽ ادب جي تاريخي مرڪز “ڏيپلي” ۾ ڪجهه وقت گذارڻ جو موقعو مليو.
ٿر رڳو ڏڪارن ۽ اڃ جو نالو ناهي، هي ته ذهنن جي زرخيزي جو به نالو آهي. ڏيپلي جي مٽيءَ وڏا وڏا اديب، سياستدان ۽ ڏاها انسان پيدا ڪيا آهن. هتي پهچي مون کي احساس ٿيو ته هتان جا ماڻهو مادي طور ڀلي ڪيترا به پوئتي هجن، پر شعوري طور اهي اسان جي شهري سماج کان ڪٿي اڳتي آهن. سياري جي هڪ سرد رات، ڏيپلي جي مٽيءَ تي هڪ کليل آڪاش هيٺ “ادبي مچ ڪچهري” مچائي وئي هئي. ڪاٺين جي باهه جا مچ تيز هئا، جن جي ڳاڙهي روشنيءَ اتي ويٺل پيرسن اديبن، نوجوان شاعرن ۽ مقامي پورهيتن جي چهرن تي هڪ عجيب سحر طاري ڪري ڇڏيو هو. احمد علي به مون سان گڏ هو ۽ پريتام به پنهنجي روايتي پڳڙيءَ سان ڪنڊ ۾ ويٺو هو. ڪچهريءَ جو ماحول سياسي بحثن کان پاڪ، خالص سنڌي ادب ۽ ٿر جي سونهن توڙي سورسين جي خوشبوءِ سان واسيل هو. هڪ مقامي شاعر پنهنجي مٺي آواز ۾ ڏيپلي جي تاريخ ۽ ٿر جي ماروئڙن جي درد تي نظم پڙهڻ شروع ڪيو. نظم جي هڪ هڪ سٽ تي اتي ويٺل اڻ پڙهيل پورهيت به ائين جهومي رهيا هئا، ڄڻ اهي لفظ سندن ئي روح جو آواز هجن. مون پاسي ۾ ويٺل هڪ مقامي استاد کان پڇيو، “سائين! هتي اسڪول ويران آهن، پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، پر هنن ماڻهن جو ادب سان اهو چاهه ڪيئن آهي؟”
هن مسڪرائي، مچ جي اڏندڙ چڻنگن ڏانهن نهاريندي چيو: “بليدي صاحب! ڏيپلي جي هيءَ واري ائين ئي سادي ناهي. اسان کان ڀلي اسان جا بنيادي حق کسي وڃن، پر اسان کان اسان جو شعور ۽ اسان جي ٻولي ڪو نٿو کسي سگهي، هي جيڪو مچ ٻري پيو، هي رڳو ڪاٺين جو مچ ناهي، هي اسان جي زنده هجڻ جي نشاني آهي. شهر جا ماڻهو پئسي کي ترقي سمجهندا آهن، اسان فڪر ۽ خيال کي اميري سمجهندا آهيون. اسان مري سگهون ٿا، پر پنهنجي تهذيب کي دفن ٿيڻ نٿا ڏئي سگهون.”
ان مهل پريتام به مچ ۾ وڌيڪ ڪاٺيون رکندي چيو، “صاحب! اسان وٽ نصاب جا ڪتاب ناهن ته ڇا ٿيو، اسان جون مائون ٻار کي لولي به شاهه لطيف جي بيتن جي ڏينديون آهن.” اهو ٻڌي منهنجي اندر جو سرڪاري آفيسر هڪ دفعو ٻيهر شرمنده ٿي ويو. اسان جن کي “پٺتي پيل” سمجهي آفيسن ۾ ويهي منصوبا ٺاهيندا آهيون، اهي پنهنجي فڪر ۾ ڪيترا نه مٿانهان آهن! پر ان ادبي مچ جي سونهن جي پٺيان، مون هڪ نئون تضاد به محسوس ڪيو. هاڻي جڏهن شهرن جا پڪا رستا ٿر تائين پهچي رهيا آهن ته انهن سان گڏ رڳو گاڏيون ناهن آيون، پر شهرن جي مادي پرستي، سياست ۽ انتهاپسنديءَ جو زهر به ٿر جي پاڪيزه هوا ۾ شامل ٿي رهيو آهي. ڏيپلي جي هن سدا بليڪ بورڊ جهڙي پاڪ هوا تي هاڻي موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا جي سطحي ڪلچر جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي رهيا آهن. نوجوان پنهنجي اصل ادبي مچ ڪچهرين کان ڪٽجي، مجازي دنيا جي نفرت ۾ وڃائجي رهيا آهن. اسان ترقيءَ جي نالي تي ٿر کي وڏا منصوبا ته ڏنا، پر بدلي ۾ اتان جو صديون پراڻو امن، سک ۽ گڏيل ڀائپي کسي رهيا آهيون. منهنجي ملازمت جا چار سال پورا ٿي چڪا هئا. بدليءَ جا ڪاغذ کيسي ۾ کڻي، جڏهن مان آخري ڀيرو ٿر جي ڀٽن تان لنگهي رهيو هئس ته سج لهي رهيو هو ۽ پري کان ڪنهن ٿري مڙس جو مٺو آواز ڪارونجهر جي ڪور تان گونجي رهيو هو. مون محسوس ڪيو ته مان هاڻي اهو اوشاق علي ناهيان رهيو جيڪو چار سال اڳ هتي آيو هئس. ٿر مون کي فائلن جي خشڪ ٻوليءَ مان ڪڍي، انسان جي دل جي ڌڙڪن ٻڌڻ سيکاري ڇڏي هئي. پريتام، احمد علي، موهني ۽ ڏيپلي جي اوطاق تي ويٺل اهي اديب اهي ڪردار ناهن، اهي سنڌ جي اصل ۽ نج تهذيب جا زنده جاويد سچ آهن. ٿر کي اڄ روڊن جي چمڪ کان وڌيڪ، پنهنجي وجود جي مالڪيءَ جي ضرورت آهي. جيستائين اسان انهن جي سادگي، امن، علم ۽ پورهيت کي تحفظ نه ڏينداسين، تيستائين اسان جي هر ترقي صرف واريءَ تي لکيل اکر هوندي، جيڪا وقت جي هڪ ئي جهوٽي سان ميسارجي ويندي. …(هلندڙ)…

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو