مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عورت  مفڪر ۽ اسلام

Tufail Magsi

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

عورت جيڪا دنيا جي آباديءَ جو اڌ کان وڌيڪ حصو آهي، پنهنجي وجود ۾ محبت، نرمي، ارادي، ايثار، شفقت ۽ قرباني جو هڪ مجسمو آهي. اسلام هن هستي کي نه صرف عزت ۽ احترام ڏنو، بلڪه هن جي حقن کي اهڙن مضبوط اصولن ۾ ٻڌو ته هوءَ تا قيامت تائين رستي جي روشني بڻي رهي.

اسلام جي پهرين دور ۾ ئي عورت کي اها عزت ۽ وقار ڏنو ويو، جيڪو هن کان اڳ ڪنهن ٻئي مذهب يا تهذيب ۾ نه ملي سگهيو هو. اسلام جي تعليمات ۾ عورت جي عزت ۽ احترام تي خاص زور ڏنو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جنت کي ماءُ جي قدمن ۾ رکيو ويو آهي.

اسلامي تاريخ ۾ جيڪڏهن اسان نگاهه وجهون ته حضرت خديجه رضه جي شخصيت سامهون نروار ٿي اچي ٿي، جنهن پنهنجي دولت ۽ وسيلن کي اسلام جي تبليغ لاءِ گهوري ڇڏيو، جيڪا صرف مال ۽ ملڪيت واري عورت نه هئي، بلڪه هڪ اهڙي عورت جو مثال آهي جيڪا پنهنجي دين جي لاءِ هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. حضرت عائشه رضه جي علمي ڄاڻ ۽ فقهي علم هن کي اسلامي تاريخ جي سڀ کان وڏي عالمه ۽ فقيهه بڻائي ڇڏيو.

 تابعين ۽ تبع تابعين جي دور ۾ به اهڙا مثال موجود آهن، جتي عورت پنهنجي علم ڏاهپ ۽ فهم جي وسيلي دين جي خدمت ڪئي. حضرت عمر بن عبدالعزيز جي گهرواري فاطمه پنهنجي مڙس سان گڏ حڪومتي ذميوارين کي نهايت سهڻي ڍنگ سان نڀايو ۽ دين جي خدمت ۾ ان جو ڀرپور ساٿ ڏنو.

امام شافعي فرمايو: ”جنهن علم جو رستو اختيار ڪيو ان جي لاءِ جنت جا در کلي ويا ۽ علم جي محبت عورت ۽ مرد ٻنهي جي لاءِ برابر آهي.”

علامه ابن قام فرمائي ٿو: ”عورت ۽ مرد ٻنهي کي الله علم ۽ دين جي اصولن ۾ برابر جو حصو ڏنو آهي ۽ عورت کي پنهنجي همت سان دين جي خدمت ڪرڻ گهرجي.”

علامه اقبال چيو:

”وجودِ زن سي هي تصويرِ ڪائنات مين رنگ

اسي ڪي ساز سي هي زندگي ڪا سوزِ درون.”

مولانا ابوالڪلام آزاد جي لکڻين ۾ ڍنگ جو حسن ۽ بلند فڪري انداز ڏيک ڏئي ٿو. هو اسان کي اهو سيکاري ٿو ته عورت جو ڪردار ڪنهن به قوم جي ترقي ۾ وسارڻ جهڙو ناهي. هو جنگ جي ميدان ۾ هجي يا گهريلو زندگي ۾ هن جو ارادو ۽ حوصلو سڀ کان وڏي طاقت آهي. حضرت زينب رضه جو ڪردار ڪربلا جي ميدان ۾ سندس بهادري ۽ قوت هر عورت جي لاءِ مشعل راهه آهي.

فلاسافرن به عورت جي عظمت تي گهڻو ڪجهه چيو آهي، سقراط جو قول آهي: ”عورت جي فطرت ۾ محبت،  نرمي ۽ قرباني جو بي مثال ڪردار ۽ اهي ئي شيون هن کي عظيم بڻائين ٿيون.”

عورت جي همت ۽ عظمت جو اهو ڍنگ اسان کي هن ڳالھه جي ياد ڏياري ٿو ته عورت معاشري جو بنياد آهي. هوءَ هڪ ماءُ جي روپ ۾ نسلن کي تربيت ڏئي ٿي، زال جي روپ ۾ مڙس جو سهارو هوندي آهي ۽ هڪ ڌيءَ جي روپ ۾ پنهنجي والدين جي اکين جو ٺار ۽ روشني هوندي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو