مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ال نينو ۽ اُن جا پاڪستان مٿان امڪاني اثر

Mansoor Nizamani تعليمدان، ڪالم نگار، ليکڪ

MSC (پاڪستان اسٽڊيز)، B.Ed

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جڏهن پاڪستان ۾ غير معمولي برساتون، سخت گرمي جون لهرون، تباهه ڪندڙ ٻوڏون يا ڊگهي خشڪ سالي جون حالتون پيدا ٿين ٿيون ته انهن جي پويان اڪثر ڪيترائي عالمي موسمي عنصر شامل هوندا آهن. انهن مان هڪ اهم قدرتي موسمي عمل “ال نينو“ (El Niño) به آهي. ڪيترن ماڻهن لاءِ شايد اها هڪ سائنسي اصطلاح هجي، پر حقيقت ۾ ال نينو هڪ طاقتور قدرتي موسمي عمل آهي، جيڪو دنيا جي مختلف علائقن جي موسمي لاڙن تي نمايان اثر وجهي رهيو آهي. ال نينو مرڪزي ۽ اوڀر پئسيفڪ سمنڊ جي مٿاڇري واري پاڻيءَ جي غير معمولي گرمائش کي چيو ويندو آهي. عام حالتن ۾ پئسيفڪ سمنڊ تي هلندڙ مضبوط ۽ مسلسل هوائون گرم پاڻي کي ايشيا ۽ آسٽريليا طرف ڌڪينديون آهن، پر جڏهن هوائون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون ته گرم پاڻي واپس مرڪزي ۽ اوڀر پئسيفڪ ڏانهن پکڙجڻ لڳي ٿو. ان تبديلي جي نتيجي ۾ هوا جي دٻاءُ، هوائن جي گردش ۽ برساتن جي نظام ۾ وڏي پيماني تي تبديليون ٿين ٿيون، جيڪي دنيا جي مختلف حصن ۾ مختلف موسمي اثرن جو سبب بڻجن ٿيون. “ال نينو” جو اصطلاح اسپيني ٻولي مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ “ننڍڙو ڇوڪرو” يا “مسيح ٻار” آهي. ڏکڻ آمريڪا جي سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ مهاڻن هن موسمي عمل کي اهو نالو ڏنو. ڇو ته اهو گهڻو ڪري ڪرسمس جي موسم دوران ظاهر ٿيندو هو. وقت سان گڏ سائنسدانن ان تي تفصيلي تحقيق ڪئي ۽ اهو معلوم ڪيو ته اهو رڳو سمنڊ جي گرمي پد ۾ تبديلي نه، پر عالمي موسمي نظام جو اهم حصو آهي، جيڪو سڄي دنيا جي موسمي حالتن تي اثرانداز ٿئي ٿو. تاريخ شاهد آهي ته طاقتور ال نينو واقعن ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڏي تباهي ۽ معاشي نقصان آندو آهي. 1997ع کان 1998ع وارو ال نينو جديد تاريخ جي سڀ کان طاقتور واقعن مان هڪ هو. ان دوران ڏکڻ آمريڪا ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏن روزمره زندگي کي سخت متاثر ڪيو. جڏهن ته آسٽريليا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ سوڪهڙي سبب زرعي شعبي کي وڏا نقصان پهتا. ساڳئي طرح 2015ع کان 2016ع وارو ال نينو عالمي سطح تي رڪارڊ گرمي پد جو سبب بڻيو، جنهن موسمي تبديلي بابت عالمي بحث کي وڌيڪ تيز ڪيو. ورلڊ ميٽيورولوجيڪل آرگنائيزيشن (WMO) ۽ ٻين عالمي موسمي ادارن موجب ال نينو دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موسمي لاڙن کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ آهي جتي ان جا سڌا يا اڻ سڌا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن. پاڪستان جي معيشت جو وڏو حصو زراعت تي ٻڌل آهي ۽ اهو پاڻيءَ جي دستيابي برساتن، برفباري ۽ دريائي وهڪرن سان جڙيل آهي. تنهنڪري موسمي لاڙن ۾ ڪابه وڏي تبديلي سڌي طرح معيشت ۽ عوامي زندگي تي اثر وجهي ٿي. موسميات جي ماهرن جو خيال آهي ته ال نينو پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ برساتن سان لاڳاپيل موسمي لاڙن کي متاثر ڪري سگهي ٿو. ڪجهه علائقا سوڪهڙي جو ته ڪجهه علائقا غير معمولي برساتن جو شڪار ٿي سگهن ٿا. اهڙيون موسمي تبديليون زراعت، پاڻي جي انتظام، بنيادي ڍانچي ۽ عوامي صحت لاءِ چئلينج پيدا ڪري سگهن ٿيون. هي مسئلو خاص طور تي سنڌ لاءِ وڌيڪ اهميت رکي ٿو. سنڌ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ، دريائي وهڪرن ۾ گهٽتائي، زمين جي لوڻياٺ ۽ ٻين ڪيترن ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. جيڪڏهن ال نينو برساتن سان لاڳاپيل موسمي لاڙن کي متاثر ڪري ٿو ته ان جا اثر سڌو سنئون زرعي شعبي تي پوندا. ان لاءِ روايتي زرعي طريقن ۾ تبديليون آڻڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي ۽ فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي جو خطرو ٿي سگهي ٿو. ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ ڪپهه جهڙا اهم فصل بدلجندڙ موسمي حالتن کان متاثر ٿي سگهن ٿا. سنڌو درياءَ پاڪستان جي زرعي معيشت ۾ مرڪزي ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿو. حقيقت ۾ اهو ملڪ جي زرعي معيشت جي شهه رڳ آهي. لکين هاري پنهنجي آبپاشي، زرعي پيداوار ۽ روزگار لاءِ ان پاڻيءَ تي ڀاڙين ٿا. جيڪڏهن ال نينو برساتن ۽ برفباري سان لاڳاپيل موسمي لاڙن کي متاثر ڪري ٿو ته دريائن جي وهڪرن تي به ان جا اثر پئجي سگهن ٿا. ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي جي کوٽ اڳ ئي هڪ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي. جيڪڏهن درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي ته سنڌو ڊيلٽا جي تباهي تيزي سان وڌي سگهي ٿي. جڏهن ته سمنڊ جو چاڙهه سامونڊي پٽي کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهي ٿو. پاڻي جي کوٽ نه رڳو زراعت لاءِ خطرو هوندي آهي، پر عام شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي روزاني جي زندگيءَ کي به شديد متاثر ڪندي آهي. تنهنڪري ال نينو جا اثر رڳو زراعت تائين نه، پر انساني صحت تي پڻ ناڪاري اثر وجهي سگهن ٿا. هن وقت به ان جي اثرن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ هيٽ اسٽروڪ، جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ گرمي سان لاڳاپيل ٻين بيمارين جا خطرا وڌي چڪا آهن. ٻئي پاسي غير معمولي تيز برساتون شهري زندگيءَ ۾ به ڪيترائي نقصانڪار اثر ڏئي سگهن ٿيون. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ هي هڪ قدرتي عمل آهي، پر موسمي تبديلي ان جي شدت ۽ غير يقيني صورتحال کي وڌائي سگهي ٿي. عالمي گرمي پد ۾ اضافو، جيواشمي ٻارڻن (فوسل فيول) جو وڌندڙ استعمال، صنعتي گدلاڻ ۽ ٻيلن جي ڪٽائي ڌرتيءَ جي موسمي نظام تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن. نتيجي ۾ مستقبل جا ال نينو واقعا ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شديد ۽ ڀوائتا ٿي سگهن ٿا.
اهڙين حالتن ۾ وفاق، صوبائي حڪومتن سان گڏوگڏ انهن سڀني ادارن جيڪي پاڻي ۽ زراعت سان لاڳاپيل آهن انهن تي اها ذميداري لاڳو ٿي ٿئي ته موسم جي جديد اڳڪٿي واري نظام، سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي تحقيق ذريعي هر ممڪن خطرن جي اڳواٽ نشاندهي ڪئي وڃي، موسم جي تبديل ٿيندڙ هر لحظي بابت عوام ۽ هارين کي آگاهي ڏني وڃي ته جيئن اهي پنهنجي فصلن ۽ پاڻيءَ جي انتظام ۽ فصل پوکڻ جي چونڊ لاءِ صحيح فيصلا ڪري سگهن. اها حقيقت آهي ته ان موسمي اثر کي روڪي نٿو سگهجي، پر ان جي اثرن کي سمجهي، سائنسي ڄاڻ، تياري ۽ موثر منصوبابندي سان ٿيندڙ نقصان کي گهٽائي ضرور سگهجي ٿو. ترقي يافته ملڪن موسمي خطرن جي انتظام کي پنهنجي قومي پاليسين جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي. پاڪستان کي به موسمي تياري بابت اهڙو ئي سنجيده ۽ اڳواٽ انتظام ڪرڻ گهرجي. ال نينو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته فطرت جي بدلجندڙ روين کي نظرانداز ڪرڻ جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي. ان ڪري ڌرتيءَ جي ايڪو سسٽم سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ بجاءِ ان جي اصلاح طرف توجهه ڏجي ۽ مستقبل ۾ موسمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي ڪيئن تيار رکجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو