مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي ۽ سائنسي حقيقتون

Mansoor Nizamani تعليمدان، ڪالم نگار، ليکڪ

MSC (پاڪستان اسٽڊيز)، B.Ed

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسان کي اها خبر آهي ته پاڻي کي زندگي چيو ويندو آهي، پر جڏهن اهوئي پاڻي بيمارين، زهريلي ڪيميڪلن ۽ خاموش موت جو ذريعو بڻجي وڃي ته پوءِ سماج جي صحت، معيشت ۽ مستقبل سڀ خطري ۾ پئجي وڃن ٿا. پاڪستان، خاص طور سنڌ، هن وقت صاف پاڻي جي هڪ سنگين بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. شهرن کان وٺي ڳوٺن تائين لکين ماڻهو اهڙو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، جيڪو بظاهر صاف نظر اچي ٿو، پر ان جي اندر بيڪٽيريا، آرسينڪ، نائٽريٽ، ڳريل ڌاتون ۽ ٻيا خطرناڪ مادا شامل ٿي سگهن ٿا. عالمي ادارو WHO (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن) واضح طور چئي چڪو آهي ته پيئڻ جو صاف پاڻي هر انسان جو بنيادي حق آهي، پر حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي جي فراهميءَ جو وڏو حصو بين الاقوامي معيارن تي پورو نٿو لهي. هن وقت سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ زميني پاڻي جي کوٽ سان گڏ ان جي معيار بابت به ڳڻتي وڌي رهي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته عام ماڻهو پاڻي بابت صرف هڪ ڳالهه ڏسندا آهن: “پاڻي مٺو آهي يا کارو؟” جڏهن ته سائنسي لحاظ کان پاڻي جي حفاظت جو تعلق صرف ذائقي يا TDS سان ناهي، TDS يعني Total Dissolved Solids پاڻي ۾ حل ٿيل معدنيات جي مقدار کي ظاهر ڪري ٿو، پر اهو جراثيم يا زهريلي ڪيميڪلن جي مڪمل خبر نٿو ڏئي. مثال طور: ڪنهن پاڻي جو TDS 300 هجي، جيڪو عام طور مناسب سمجهيو ويندو آهي، پر ان ۾ آرسينڪ يا بيڪٽيريا موجود هجن ته اهو پاڻي صحت لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
ماهرن موجب 150 کان 300 ppm تائين TDS وارو پاڻي عام طور متوازن ۽ مناسب هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪيلشيم ۽ ميگنيشيم جهڙا فائديمند منرل موجود هوندا آهن. تمام گهٽ TDS وارو پاڻي، خاص طور RO فلٽرن مان نڪرندڙ پاڻي، ڪڏهن ڪڏهن فائديمند معدنيات کان به خالي ٿي ويندو آهي. ڪجهه تحقيقن مطابق ڊگهي عرصي تائين انتهائي گهٽ منرل وارو پاڻي استعمال ڪرڻ سان جسم ۾ معدنيات جي کوٽ جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، جيتوڻيڪ گهڻا منرل خوراڪ مان به حاصل ٿيندا آهن، پر پاڻي ۾ موجود سڀ کان خطرناڪ عنصرن مان هڪ خطرناڪ عنصر “آرسينڪ” آهي. آرسينڪ هڪ قدرتي زهريلو عنصر آهي، جيڪو زمين جي اندر موجود پٿرن ۽ مٽي مان پاڻي ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. WHO مطابق پيئڻ جي پاڻي ۾ آرسينڪ جي محفوظ حد 10 micrograms per liter آهي، پر پاڪستان سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ اها حد وڌيڪ رپورٽ ٿي چڪي آهي. ڊگهي عرصي تائين آرسينڪ وارو پاڻي پيئڻ سان چمڙي جون بيماريون، جگر ۽ گڙدن جا مسئلا، اعصابي ڪمزوري ۽ ڪينسر تائين جا خطرا به وڌي سگهن ٿا.
سنڌ جي ڪجهه علائقن بابت ٿيل تحقيقن ۾ زميني پاڻي ۾ آرسينڪ جي موجودگيءَ بابت خبردار ڪيو ويو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته آرسينڪ جي سڀ کان خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته اهو نه رنگ بدلائي ٿو، نه بو پيدا ڪري ٿو ۽ نه ذائقي مان ظاهر ٿئي ٿو. يعني بغير ڪنهن شڪ جي ماڻهو سالن تائين اهو پاڻي استعمال ڪندا رهن ٿا.
پاڻي ۾ موجود بيڪٽيريا به هڪ وڏو خطرو آهن. خاص طور E.coli جهڙا بيڪٽيريا انساني فضلي يا گندي پاڻي جي ملاوٽ سبب پاڻي ۾ اچي سگهن ٿا. جيڪڏهن پاڻي جي پائيپن ۾ ليڪيج هجي، سيوريج جون لائينون ويجهو هجن يا ٻوڏ بعد پاڻي آلوده ٿي وڃي ته جراثيمي بيماريون تيزيءَ سان پکڙجن ٿيون. ڊاڪٽرن موجب پاڪستان ۾ دست، ٽائيفائيڊ، هيپاٽائيٽس ۽ پيٽ جون ئي ڪيتريون بيماريون غير محفوظ پاڻي سان لاڳاپيل آهن. WHO جو اندازو آهي ته دنيا ۾ هر سال لکين ماڻهو اُنھن بيمارين جي ڪري فوت ٿين ٿا، جن ۾ وڏي تعداد ۾ ٻار شامل آهن.
پاڻي ۾ “نائٽريٽ” به هڪ خاموش خطرو آهي، جيڪو خاص طور زرعي علائقن ۾ ڀاڻن ۽ ڪيميائي دوائن جي استعمال سبب زميني پاڻي تائين پهچي ٿو. نائٽريٽ ننڍڙن ٻارن لاءِ وڌيڪ خطرناڪ سمجهيو ويندو آهي، ڇو ته اهو رت ۾ آڪسيجن جي ترسيل کي متاثر ڪري سگهي ٿي. ماهرن موجب “Blue Baby Syndrome” جهڙي بيماري نائٽريٽ سان لاڳاپيل آهي.
پاڻي جي حفاظت بابت ماهر صرف فلٽر لڳائڻ کي ڪافي نٿا سمجهن. سندن چوڻ آهي ته:
پاڻي جي باقاعده ليبارٽري ٽيسٽ ضروري آهي.
پراڻن ۽ زنگ لڳل پائيپن کي تبديل ڪيو وڃي.
ڳوٺاڻن علائقن ۾ فلٽريشن پلانٽ لڳايا وڃن.
ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪئي وڃي ته صرف صاف نظر ايندڙ پاڻي هميشه محفوظ ناهي هوندو.
صحت جي ماهرن موجب جيڪڏهن پاڻي کي گهٽ ۾ گهٽ 5 کان 10 منٽ اُٻاريو وڃي ته گهڻا بيڪٽيريا ختم ٿي ويندا آهن. جڏهن ته UV ۽ UF فلٽر جراثيم گهٽائڻ ۾ مدد ڏين ٿا، پر هر فلٽر آرسينڪ يا ڪيميائي مادا ختم نٿو ڪري. تنهنڪري پاڻي جي قسم مطابق فلٽريشن ٽيڪنالاجي چونڊڻ ضروري آهي.
صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت صاف پاڻي کي بنيادي حق طور سنجيدگيءَ سان نه ورتو ته ايندڙ سالن ۾ پاڻي سان لاڳاپيل بيماريون اڃا به وڌيڪ خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگهن ٿيون. صرف سياسي اعلانن يا فلٽريشن پلانٽن جي افتتاحن سان مسئلو حل نه ٿيندو، پر مستقل پاليسي، جديد واٽر ٽيسٽنگ سسٽم، مقامي سطح تي نگراني ۽ عوامي شعور ضروري آهي.
صاف پاڻي ڪنهن به مهذب سماج جي بنيادي ضرورت آهي. جيڪڏهن هڪ ملڪ پنهنجي ماڻهن کي محفوظ پاڻي به فراهم نٿو ڪري سگهي ته پوءِ صحت، تعليم ۽ ترقيءَ جا وڏا خواب به اڌورا رهجي وڃن ٿا. سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ هاڻي اهو رڳو ماحولياتي يا فني مسئلو ناهي، پر انساني بقاءَ جو اهم سوال بڻجي چڪو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو