سنڌ جي زراعت تي نقلي ٻج جو ڌاڙو سيڊ ڪارپوريشن جي نڪ هيٺان آبادگارن جو معاشي قتلِ عام
سنڌ، جنهن جي معيشت ۽ بقا جو دارومدار زراعت تي آهي، اها اڄ ڪلهه هڪ انتهائي خطرناڪ ۽ منظم ڏوهه جي لپيٽ ۾ آهي. اهو ڏوهه ڪو ٻيو نه، پر “زراعت مافيا” پاران معصوم ۽ غريب آبادگارن کي نقلي، غير معياري ۽ بي اثر ٻج وڪرو ڪري کين ڪنگال ڪرڻ آهي. هي صرف هڪ واپاري دوکو ناهي، پر سنڌ جي هاريءَ جو معاشي قتل عام ۽ ملڪي معيشت جون پاڙون ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هڪ پاسي آبادگار اڳيئي آسماني آفتن، پاڻي جي کوٽ ۽ مهانگي ڀاڻ جي عذابن کي ڀوڳي رهيا آهن ته ٻئي پاسي هن زراعت مافيا کين ٻنهي هٿن سان لٽڻ شروع ڪري ڏنو آهي. بند اکين سان ڏسجي ته ٻج ڪنهن به فصل لاءِ هڪ بنيادي روح جي حيثيت رکي ٿو. جيڪڏهن روح ئي مئل هوندو ته ان مان سائي ۽ ڦلدار فصل جي اميد ڪيئن رکي سگهجي ٿي؟ اڄ سنڌ جي مارڪيٽن ۾ نامور ڪمپنين جا نقلي ليبل لڳائي، ٻه نمبر ۽ غير تصديق ٿيل ٻج کلي عام وڪرو ٿي رهيا آهن. جنهن ۾ مبينا طور تي هيٺيان برانڊ بازار ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن ۽ انهن برانڊن جا ٻج استعمال ڪندڙ هاري پنهنجي محنت ۽ پئسي کان محروم ٿي رهيا آهن. اهي نقلي ٻج ٺاهڻ واريون ڪمپنيون انهن اصلي ڪمپنين جي نالي تي نقلي ٻج ٺاهي بازار ۾ وڪرو ڪري رهيون آهن، جنهن تي حڪومت جي ڪابه نظرداري نظر نٿي اچي. عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ حڪومت کي سرڪاري تصديق ٿيل ڊيلرن جي باري ۾ ضرور ڄاڻ ڏيڻ گهرجي. ڇو ته اصلي ڪمپني جي پيڪنگ تي هڪ خاص هولوگرام يا سيڪيورٽي اسٽيڪر ۽ ڪوڊ هوندو آهي. جڏهن ته نقلي ٻج تي اهي سڀ شيون ناهن هونديون، پر نقلي ٻج جو رستو روڪڻ حڪومت جي ذميداري آهي ته جيئن غريب آبادگار نقصان کان بچي سگهي.Monika 111 hibard seed (Ag ), J t see (four brothers) , Teeko 602 f1 hibard , Weenar 196( knzo ), HS-473, Hunza-011, AG-234, Super Gold, KSK-133, IRRI-6, IRRI-9, KSK-133, Super Basmati, 1121 Basmati, PK-386, Certus seeds, CS-66, CS-196, CS-05, CS-77، غريب آبادگار پنهنجي ٻچن جو پيٽ ڪٽي يا وري ڳري وياج تي قرض کڻي، ان اميد سان اهو مهانگو ٻج خريد ڪري ٿو ته فصل لهندو ته قرض به لهندو ۽ گهر جي چلھه به ٻرندي، پر جڏهن مهينن جي رت ڪاڙهڻ واري محنت کانپوءِ اهو ٻج ڦٽي ئي نٿو يا وري اڌ ۾ ئي سڙي وڃي ٿو ته ان غريب هاريءَ جي دل تان ڇا گذرندي هوندي، ان جو اندازو ٿڌن ڪمرن ۾ ويٺل اختيارين کي ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي. سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته هي سڀ ڪجهه زراعت کاتي جي عملدارن ۽ سيڊ ڪارپوريشن جي نڪ جي هيٺان ٿي رهيو آهي. مارڪيٽن ۾ سرڪاري چيڪنگ جو ڪوبه موثر نظام موجود ناهي. بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙ اها زراعت مافيا ايتري طاقتور ٿي چڪي آهي، جو اهي قانون کان مٿانهان بڻيل آهن. جيڪڏهن ڪو آبادگار دانهن کڻي انتظاميه وٽ وڃي ٿو ته کيس انصاف ملڻ بدران ڪاغذي ڪارروائين ۽ رشوت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو وڃي ٿو. نتيجي طور ڏوهاري بي لغام آهن ۽ غريب هاريءَ جو مقدر صرف خودڪشيون ۽ فاقاڪشي بڻجي رهيو آهي. نقلي ٻج جي هن ڪاري ڪاروبار رڳو هارين کي ذاتي نقصان ناهي پهچايو، پر هن سنڌ جي قومي پيداوار (جيڪا اڳ ئي بحرانن جو شڪار آهي) ان کي پڻ سخت ڌڪ رسايو آهي. ڪڻڪ، ڪپهه ۽ چانورن جهڙا اهم فصل، جيڪي اسان جي ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن، تن جي پيداوار ۾ سال به سال گهٽتائي اچي رهي آهي. اسان جو هاري هاڻي نئين فصل جي پوکائيءَ کان ڊڄڻ لڳو آهي. ڇاڪاڻ ته هن جو اعتماد زراعت جي پوري نظام تان کڄي چڪو آهي. جيڪڏهن اسان واقعي سنڌ جي زراعت کي بچائڻ چاهيون ٿا ته هاڻي رڳو بيان بازي يا ڪاغذي دلاسن سان ڪم نه هلندو. سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ عدليه کي هن معاملي جو هڪدم پاڻمرادو نوٽيس وٺڻو پوندو. نقلي ٻج وڪڻندڙ ڊيلرن ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ ڪارين رڍن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي خوراڪ جي تحفظ کي نقصان پهچائڻ ڪنهن دهشتگردي کان گهٽ ناهي. زراعت کاتي جي انسپيڪٽرن کي پابند بڻايو وڃي ته اهي هر دڪان جي ٻج جي ليبارٽري ٽيسٽنگ رپورٽ عوام آڏو ظاهر ڪن ۽ آبادگارن کي صرف تصديق ٿيل (Certified) ٻج جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اهو صرف آبادگارن جو نقصان ناهي بلڪه انهن وڏين ڪمپنين جو به نقصان آهي جيڪي سٺو ٻج تيار ڪن ٿيون، پر انهن جي ئي نالي تي نقلي ٻج تيار ڪرڻ واريون ڪمپنيون انهن جي شهرت کي به نقصان پهچائي رهيون آهن. اهڙين ڪمپنين کي به قانوني ڪارروائي ڪري نقلي ٻج ٺاهڻ وارين ڪمپنين کي مارڪيٽ مان تڙي ڪڍڻ گهرجي. وقت تيزي سان هٿن مان نڪري رهيو آهي. جيڪڏهن اڄ زراعت مافيا جي انهن خونخوار هٿن کي نه روڪيو ويو ته سڀاڻي سنڌ جون سرسبز زمينون بنجر بڻجي وينديون ۽ اسان جو هاري پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي بک مرڻ تي مجبور ٿي ويندو. اميد آهي ته اعليٰ اختياريون اک پٽينديون ۽ سنڌ جي زراعت کي هن مافيا کان بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻنديون.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟