چين جو عروج: ڇا آمريڪا عالمي بالادستي قائم رکي سگهندو؟
ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کانپوءِ عالمي سياست، معيشت ۽ فوجي طاقت جي توازن ۾ آمريڪا هڪ اهڙي عالمي قوت طور اڀريو، جنهن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين دنيا جي سياسي ۽ معاشي نظام تي پنهنجو اثر برقرار رکيو آهي. اُن کان علاوه آمريڪي ڊالر به عالمي واپار ۽ مالياتي نظام جو هڪ بنيادي مرڪز بڻجي ويو آهي. جڏهن ته نيٽو، عالمي مالياتي ادارن، فوجي اتحادين ۽ سفارتي لاڳاپن ذريعي واشنگٽن دنيا جي ڪيترن ئي اهم معاملن ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، پر گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران عالمي منظرنامي ۾ هڪ وڏي تبديلي سامهون آئي آهي، جنهن آمريڪا جي روايتي بالادستيءَ کي نوان چئلينج ڏنا آهن، اھو آھي چين. چين جي تيز رفتار معاشي ترقي، صنعتي طاقت، جديد ٽيڪنالاجي، فوجي صلاحيتن ۽ عالمي سفارتڪاريءَ ۾ وڌندڙ ڪردار سبب هاڻي عالمي سياست ۾ طاقت جو توازن تبديل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا چين واقعي آمريڪا جي جاءِ وٺڻ طرف وڌي رهيو آهي يا دنيا هڪ اهڙي نئين نظام ڏانهن وڃي رهي آهي، جتي ڪنهن هڪ عالمي طاقت جي بدران ڪيترين ئي عالمي طاقتن جو اثر هوندو؟
عالمي طاقت طور اُڀرندڙ چين جنهن جو موجوده معاشي عروج اوچتو پيدا ناهي ٿيو، پر ان جي پويان ڏهاڪن جي منصوبابندي، صنعتي پاليسين، پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ عالمي واپار سان جڙيل حڪمت عملي موجود آهي. 1978ع کانپوءِ ڊينگ شياو پنگ جي دور ۾ شروع ٿيل معاشي سڌارن چين کي هڪ بند معيشت مان ڪڍي عالمي مارڪيٽ سان ڳنڍيو. سستي ۽ وڏي پيماني تي پيداواري صلاحيت، جديد صنعتي ڍانچي ۽ برآمداتي واپار جي مدد سان چين دنيا جي اهم معاشي طاقتن ۾ شامل ٿي ويو. اڄ چين اليڪٽرانڪس، مشينري، گاڏين، شمسي توانائيءَ جي پينلن، بيٽرين ۽ صنعتي شين جي پيداوار ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو به ان جي عالمي معاشي حڪمت عمليءَ جو اهم حصو آهي، جنهن تحت ايشيا، آفريڪا، يورپ ۽ ٻين خطن ۾ روڊن، بندرگاهن، ريلوي نظام ۽ توانائيءَ جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي. اهڙيءَ ريت چين رڳو پنهنجون شيون وڪرو ڪرڻ تائين محدود ناهي، پر مختلف ملڪن جي انفرااسٽرڪچر ۽ معاشي رابطن ۾ به پنهنجو اثر وڌائي رهيو آهي. ٻنهي عالمي طاقتن جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته ٽيڪنالاجيءَ جو ميدان اهم آهي جنهن ۾ آمريڪا ۽ چين جي مقابلي جو هڪ اهم محاذ بڻجي چڪو آهي. ماضيءَ ۾ جديد سائنسي تحقيق، ڪمپيوٽرن، انٽرنيٽ ۽ ڊجيٽل صنعتن ۾ آمريڪا کي واضح برتري حاصل هئي، پر هاڻي چين به مصنوعي ذهانت (AI)، فائيو جي، روبوٽڪس، اليڪٽرڪ گاڏين، ڊرونز ۽ خلائي تحقيق ۾ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي. چيني ڪمپنيون عالمي مارڪيٽ ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جون شيون متعارف ڪرائي رهيون آهن. جڏهن ته آمريڪا پنهنجي ٽيڪنالاجيءَ جي برتري برقرار رکڻ لاءِ سيمي ڪنڊڪٽرز ۽ جديد چِپس جي برآمد تي مختلف پابنديون لاڳو ڪري رهيو آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي هيءَ مقابلي بازي رڳو ڪاروباري مفادن تائين محدود ناهي، پر ان جو تعلق مستقبل جي معاشي سلامتي، قومي دفاع ۽ عالمي اثر رسوخ سان پڻ آهي. اڄ جي جديد دور ۾ مصنوعي ذهانت ۽ جديد ڪمپيوٽنگ جي ميدان ۾ جيڪا قوت اڳتي نڪرندي، اها ايندڙ دور جي صنعتن ۽ حڪومتي نظامن تي به وڏو اثر وجهي سگهي ٿي.
فوجي طاقت جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته آمريڪا اڃان به دنيا جي سڀ کان وڏي عالمي فوجي طاقت رکندڙ ملڪن مان هڪ آهي. ان جا يورپ، وچ اوڀر ۽ ايشيا پئسيفڪ سميت ڪيترن ئي خطن ۾ فوجي اڏا، دفاعي معاهدا ۽ اسٽريٽجڪ اتحاد موجود آهن. ٻئي طرف ڏٺو وڃي ته چين پنهنجي بحري فوج، جديد ميزائل نظام، فضائي طاقت، سائبر صلاحيتن ۽ دفاعي ٽيڪنالاجيءَ کي مسلسل وڌائي رهيو آهي. ڏکڻ چين سمنڊ ۽ تائيوان جو مسئلو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ حساس ترين معاملن مان آهن. آمريڪا تائيوان جي دفاعي صلاحيتن جي حمايت ڪري ٿو، جڏهن ته چين تائيوان کي پنهنجي علائقي جو حصو سمجهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به فوجي ڇڪتاڻ جا اثر رڳو ٻن ملڪن تائين محدود نه رهندا، پر سڄي ايشيا پئسيفڪ خطي ۽ عالمي معيشت کي متاثر ڪري سگهن ٿا. اُن کان علاوه چين پنهنجي عالمي اثر رسوخ کي رڳو معاشي طاقت جي بنياد تي نه، پر سفارتي اتحادين ۽ نون عالمي فورمن ذريعي به وڌائي رهيو آهي. برڪس (BRICS) تنظيم ۾ چين جو ڪردار، روس سان اسٽريٽجڪ سهڪار ۽ آفريڪا، لاطيني آمريڪا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي ملڪن سان وڌندڙ لاڳاپا ان حڪمت عمليءَ جو حصو آهن. چين پاڻ کي ترقي پذير ملڪن جي معاشي ۽ سفارتي مفادن جو حامي پيش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا اڃان تائين يورپ، جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ ٻين اهم اتحادين سان مضبوط لاڳاپا رکي ٿو. ان مقابلي ۾ هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته ڪيترائي ملڪ ڪنهن هڪ عالمي طاقت جي مڪمل اثر هيٺ رهڻ بدران پنهنجي قومي مفادن موجب ٻنهي سان لاڳاپا برقرار رکڻ چاهين ٿا. گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن ۾ به چين جي سفارتي سرگرمين ۾ واڌ نظر اچي ٿي. اهڙي صورتحال ظاهر ڪري ٿي ته عالمي سياست هاڻي رڳو واشنگٽن جي فيصلن تائين محدود ناهي رهي، پر مختلف علاقائي ۽ عالمي طاقتون به پنهنجي مفادن مطابق ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
آمريڪا جي عالمي بالادستيءَ جو هڪ اهم سبب ڊالر جي طاقت به آهي، ڇو جو عالمي واپار، تيل جي خريداري، بين الاقوامي قرضن ۽ مرڪزي بئنڪن جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ ڊالر کي اڃان بنيادي حيثيت حاصل آهي. چين ڪيترن ئي ملڪن سان پنهنجي ڪرنسي يوآن ۾ واپار وڌائڻ ۽ ڊالر تي انحصار گهٽائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، ۽ برڪس جا ڪجهه ميمبر به متبادل مالياتي نظام بابت بحث ڪري رهيا آهن، پر موجوده عالمي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ڊالر جي عالمي حيثيت کي اڃان ڪو اھڙو ڪو وڏو خطرو ناهي. آءِ ايم ايف جي 2025ع جي آخري ٽي ماهي جي انگن اکرن واري رپورٽ موجب عالمي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ آمريڪي ڊالر جو حصو 56.77 سيڪڙو رهيو. جڏهن ته چيني يوآن جو حصو رڳو 1.95 سيڪڙو رهيو. ان مان واضح ٿئي ٿو ته چين جي معاشي طاقت وڌڻ باوجود عالمي مالياتي نظام ۾ آمريڪا جي برتري اڃان برقرار آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري جنگ به عالمي معيشت لاءِ هڪ اهم چئلينج بڻجي چڪي آهي. آمريڪا چين مان درآمد ٿيندڙ مختلف شين تي ٽيرف ۽ واپاري پابنديون لاڳو ڪري رهيو آهي. جڏهن ته چين به پنهنجي معاشي مفادن جي تحفظ لاءِ جوابي قدم کڻي رهيو آهي. آمريڪا جديد سيمي ڪنڊڪٽرز ۽ چِپس جي ٽيڪنالاجيءَ تائين چين جي رسائي محدود ڪرڻ چاهي ٿو. جڏهن ته چين ناياب معدنيات ۽ صنعتي پيداوار ۾ پنهنجي اهم حيثيت کي معاشي حڪمت عمليءَ طور استعمال ڪري رهيو آهي. آمريڪي فيڊرل ريزرو جي مارچ 2026ع جي رپورٽ موجب چين جو 2025ع ۾ واپاري سرپلس لڳ ڀڳ 1.2 ٽريلين ڊالر جي رڪارڊ سطح تي پهتو. هاڻ اُنھن ٻنهي عالمي طاقتن جي رسا ڪشي جي ڪري عالمي سپلاءِ چين، پيداوار جي قيمتن ۽ مختلف ملڪن جي واپاري پاليسين تي به اثر پئجي سگهي ٿو. پاڪستان لاءِ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ مقابلو خاص اهميت رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا مختلف شعبن ۾ جڙيل آهن. چين پاڪستان جو ويجهو اسٽريٽجڪ ۽ معاشي ڀائيوار آهي. جڏهن ته سي پيڪ (CPEC) ذريعي توانائي، روڊن، مواصلاتي نظام ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ جا ڪيترائي منصوبا زير تعمير آهن. ٻئي طرف آمريڪا پاڪستان لاءِ واپار، برآمدات، سيڙپڪاري، تعليم ۽ سفارتي لاڳاپن جي حوالي سان اهميت رکي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته عالمي طاقتن جي مقابلي کي پنهنجي قومي مفادن جي روشنيءَ ۾ ڪنهن هڪ ملڪ تي مڪمل انحصار ڪرڻ بدران متوازن پرڏيهي پاليسي اختيار ڪري جيڪو ملڪ لاءِ بهتر هوندو.
هاڻ مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته چين جو وڌندڙ عالمي اثر آمريڪا جي روايتي بالادستيءَ لاءِ هڪ اهم چئلينج ضرور آهي، پر ان بنياد تي اهو چوڻ ته آمريڪا جو عالمي دور ختم ٿي چڪو آهي، حقيقتن سان مڪمل طور ٺهڪندڙ ناهي. فوجي طاقت، عالمي مالياتي نظام، ڊالر جي حيثيت، سائنسي تحقيق ۽ عالمي اتحادين جي حوالي سان آمريڪا اڃان به اهم عالمي برتري رکي ٿو. جڏهن ته چين صنعت، واپار، انفرااسٽرڪچر ۽ ڪيترن ئي ٽيڪنالاجي شعبن ۾ پنهنجو عالمي اثر رسوخ وڌائي رهيو آهي. اسٽاڪ هولم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (SIPRI) جي 2025ع جي انگن اکرن موجب آمريڪا جو فوجي خرچ چين جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 2.8 ڀيرا وڌيڪ رهيو. جيتوڻيڪ چين جي فوجي صلاحيتن ۾ به واڌ جاري آهي. ايندڙ ڏهاڪي ۾ عالمي سياست جو رخ رڳو آمريڪا يا چين جي طاقت سان نه، پر انهن جي حڪمت عملين، اتحادين، معاشي استحڪام ۽ ٻين ملڪن جي آزاد فيصلن سان به طئي ٿيندو. تاريخ جو سبق اهو آهي ته عالمي طاقت جو توازن ڪڏهن به مستقل نه رهيو آهي؛ قومون پنهنجي پاليسين، علم، صنعت، معاشي ترقي ۽ ادارن جي مضبوطيءَ سان اڳتي وڌنديون آهن. تنهنڪري اصل سوال رڳو اهو ناهي ته آمريڪا جي بالادستي ختم ٿيندي يا نه، چين دنيا جي عالمي طاقت ٿيندو يا نه، پر اميد اها آهي ته ايندڙ عالمي نظام ۾ جيڪا به عالمي طاقت طور اُڀري اها امن، تعاون ۽ عالمي گڏيل ترقيءَ کي ترجيح ڏي جيئن دنيا جو نظام بهتر انداز سان هلي سگهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟