مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڇا ڪيٽي بندر کي به جديد بندرگاهه بڻائي سگهجي ٿو؟

Mansoor Nizamani تعليمدان، ڪالم نگار، ليکڪ

MSC (پاڪستان اسٽڊيز)، B.Ed

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان جي معيشت ۾ سامونڊي واپار کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. ملڪ جي درآمد ۽ برآمد جو وڏو حصو سامونڊي رستن وسيلي ٿيندو آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان اڃان تائين پنهنجي سامونڊي وسيلن ۽ ساحلي علائقن جي مڪمل معاشي صلاحيت مان فائدو حاصل نه ڪري سگهيا آهيون. ڪراچي ۽ پورٽ قاسم ملڪ جي سامونڊي واپار جا اهم مرڪز ته آهن، پر سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ جو تاريخي ساحلي علائقو ڪيٽي بندر مستقبل ۾ هڪ جديد سامونڊي بندرگاهه بڻجي پاڪستان جي معيشت ۾ پنهنجو نمايان حصو وجهي سگهي ٿو؟ اُن جو جواب ها ۾ آهي، پر ان لاءِ رڳو خواهش نه، پر جامع منصوبابندي، سائنسي تحقيق ۽ وڏي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. ڪيٽي بندر جي ترقي سان پاڪستان جي سامونڊي معيشت کي هڪ نئون ۽ اهم معاشي مرڪز ملي سگهي ٿو. ڪيٽي بندر انڊس ڊيلٽا جي آخري حصي ۾ واقع آهي ۽ عربي سمنڊ سان ان جو سڌو تعلق آهي. هي علائقو تاريخي طور سنڌو درياءَ ۽ سامونڊي واپار سان لاڳاپيل رهيو آهي. جيڪڏهن جديد بنيادن تي هتي بندرگاهه، ڪارگو ٽرمينل، گودام، ڪولڊ اسٽوريج ۽ لاجسٽڪس جون سهولتون قائم ڪيون وڃن ته سنڌ جي زرعي ۽ صنعتي پيداوار لاءِ نوان برآمدي رستا کلي سگهن ٿا. ڪپهه، چانور، کنڊ، ڀاڄيون، ميوا، مڇي ۽ سامونڊي پيداوار سميت مختلف شيون عالمي مارڪيٽن تائين وڌيڪ آسانيءَ سان پهچي سگهن ٿيون. ڪيٽي بندر صرف هڪ بندرگاهه نه، پر زرعي ۽ سامونڊي معيشت جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو. اهڙي طرح ڪيٽي بندرگاهه سنڌ جي پيداوار کي مقامي منڊين کان عالمي مارڪيٽن تائين پهچائڻ ۾ پڻ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
ڪيٽي بندر جي ترقي جو هڪ وڏو فائدو اهو به ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ نوان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. بندرگاهه سان گڏ شپنگ، ٽرانسپورٽ، گودام، هوٽلنگ، مڇي مارڻ، پروسيسنگ، پيڪنگ ۽ ننڍن ڪاروبارن جا هزارين موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا. مقامي نوجوانن کي روزگار لاءِ وڏن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ بدران پنهنجي ئي علائقي ۾ ڪم ڪرڻ جا موقعا پڻ ملي سگهن ٿا. جيڪڏهن بندرگاهه سان گڏSpecial Economic Zone قائم ڪئي وڃي ته صنعتي سرگرميون به وڌي سگهن ٿيون، جنهن سان مقامي معيشت سان گڏ صوبائي ۽ قومي آمدني ۾ به اضافو ٿي سگهي ٿو. ان سان خاص طور تي ساحلي علائقن جي نوجوانن لاءِ روزگار ۽ فني تربيت جا نوان دروازا به کلي سگهن ٿا، پر ڪيٽي بندر کي جديد بندرگاهه بڻائڻ جي راهه ۾ ڪجهه اهم چئلينج پڻ موجود آهن. انڊس ڊيلٽا هڪ متحرڪ ۽ حساس ماحولياتي علائقو آهي، جتي درياءَ جي وهڪري سان ايندڙ لٽ ۽ سامونڊي لهرن جي اچ وڃ سان سامونڊي چينلن جي گهرائي ۽ شڪل تبديل ٿيندي رهي ٿي. اتي هڪ وڏي بندرگاهه لاءِ مناسب نيويگيشن چينل جي گهرائي برقرار رکڻ اهم مسئلو هوندو. ان لاءِ تفصيلي ھائڊرو گرافڪ سروي، مسلسل مانيٽرنگ ۽ ضرورت مطابق dredging جي ضرورت پوندي. تنهنڪري ڪنهن به منصوبي کان اڳ عالمي معيار جو فني ۽ معاشي “عملداري جائزو” ڪرائڻ لازمي آهي. ان ڪري ڪيٽي بندر جي منصوبي ۾ جديد “ڊريجنگ ٽيڪنالاجي” ۽ مستقل “هائيڊروگرافڪ مانيٽرنگ” کي بنيادي حيثيت ڏيڻ گهرجي. ان سان گڏ ماحولياتي تحفظ کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. انڊس ڊيلٽا ۾ موجود مينگرووز جا وڻ سامونڊي طوفانن ۽ ساحلي ڪٽاءَ کان بچاءُ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ مڇين سميت ڪيترن ئي سامونڊي جاندارن لاءِ قدرتي رهائشگاهه جو ذريعو آهن. جيڪڏهن بندرگاهه جي تعمير دوران ماحولياتي نظام کي نقصان پهتو ته پوءِ معاشي فائدي جي قيمت ڊگهي عرصي ۾ تمام گهڻي ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري ڪيٽي بندر جي ترقي ۽ ڊيلٽا جي ماحولياتي تحفظ کي هڪ ٻئي جو مخالف نه، پر ٻنهي کي هڪ گڏيل مقصد بڻايو وڃي. اتي ترقي اهڙي ريت هئڻ گهرجي، جيڪا ڊيلٽا جي قدرتي وسيلن کي محفوظ رکي ۽ مقامي ماڻهن جي معاشي زندگي کي به پڻ بهتر بڻائي سگهي ڪيٽي بندر جي ڪاميابي لاءِ روڊ ۽ ريلوي جو مضبوط نيٽ ورڪ پڻ ضروري آهي. جيڪڏهن بندرگاهه کي ملڪ جي وڏن صنعتي ۽ زرعي مرڪزن سان موٽروي، هاءِ وي ۽ ريل ذريعي ڳنڍيو وڃي ته سامان جي منتقلي جو وقت ۽ خرچ به گهٽجي سگهي ٿو. بندرگاهه جي چوڌاري جديد، وير هائوسز، ڪنٽينر ٽرمينل، ڪسٽم ڪولڊ چئن جي سهولت ۽ هڪ اهڙي انفرااسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا پاڪستان جي برآمدي صلاحيت کي وڌائي سگهي ٿي. خاص طور تي سنڌ جي زرعي پيداوار کي عالمي منڊين تائين تيزيءَ سان پهچائڻ لاءِ ڪيٽي بندر هڪ اهم gateway بڻجي سگهي ٿو. جڏهن ته هڪ مضبوط مواصلاتي نظام کانسواءِ ڪنهن به جديد بندرگاهه جي مڪمل معاشي صلاحيت حاصل ڪرڻ ممڪن نه هوندو.
سوال اهو به آهي ته اهڙي منصوبي جي مالي ذميواري ڪير کڻندو؟ حڪومت اڪيلي سر سڀ خرچ برداشت ڪرڻ بدران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP)، ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪاري ۽ جديد پورٽ مئنيجمينٽ ماڊلز تي غور ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن منصوبو شفاف طريقي سان تيار ڪيو وڃي، زمين ۽ ماحولياتي معاملن کي قانوني تحفظ ڏنو وڃي ۽ سيڙپڪارن کي پاليسي جو تسلسل يقيني بڻايو وڃي ته وڏيون ڪمپنيون ۽ عالمي port operators به دلچسپي وٺي سگهن ٿا. شفافيت ۽ ڊگهي مدي واري پاليسي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ لاءِ سڀ کان اهم عنصر هوندا آهن. ڪيٽي بندر کي صرف سنڌ جو منصوبو سمجهڻ بدران قومي معاشي منصوبي طور ڏسڻ گهرجي. پاڪستان وٽ ڊگهي سامونڊي پٽي موجود آهي، پر اسان کي پنهنجي ساحلي معيشت کي اڃا وڌيڪ منظم ۽ جديد بڻائڻو پوندو. نوان بندرگاهه، مڇيءَ جي جديد صنعت، سامونڊي سياحت، شپنگ، لاجسٽڪس ۽ ساحلي صنعتي زون ملڪ لاءِ روزگار، برآمدات ۽ غير ملڪي ناڻي جا نوان ذريعا پيدا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن منصوبو قومي مفاد، علاقائي ترقي ۽ مقامي ماڻهن جي حقن کي گڏ نظر ۾ رکي تيار ڪيو وڃي ته ان جا نتيجا وڌيڪ پائيدار ٿي سگهن ٿا.
ڪيٽي بندر پاڪستان جي معيشت لاءِ هڪ نئون معاشي دروازو بڻجي سگهي ٿو، پر اهو دروازو پاڻمرادو نه کلندو. ان لاءِ سائنسي سروي، deep-water navigation جي فني مطالعي، dredging جي لاڳت، ماحولياتي اثرن، روڊ ۽ ريل رابطن، سيڙپڪاري ۽ عالمي واپار جي ضرورتن جو جامع جائزو وٺڻو پوندو. جيڪڏهن اهي سڀ شرطون پوريون ڪري سگهجن ته ڪيٽي بندر مستقبل ۾ رڳو سنڌ جو ساحلي شهر نه رهندو، پر پاڪستان جي سامونڊي معيشت جو هڪ اهم مرڪز بڻجي سگهي ٿو. ملڪ کي نون معاشي رستن جي ضرورت آهي ۽ ڪيٽي بندر انهن امڪاني رستن مان هڪ ٿي سگهي ٿي. ڪيٽي بندر ۾ سيڙپڪاري دراصل سنڌ جي ساحل کي پاڪستان جي معاشي مستقبل سان ڳنڍڻ جي هڪ وڏي ڪوشش ثابت ٿي سگهي ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو