مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

انڌي ونڊي ريوڙيون، وري وري پنهنجن کي ڏئي!

Oshaq Ali Buledi ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار

تعليم: بي.ايس.اِي.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

بک جو ڪو ڪلمو ناهي هوندو، نه ئي ان جي ڪا مسجد يا مندر آهي، پر سچ پڇو ته هن ڌرتيءَ تي سڀ کان وڏو مذهب ئي بک آهي. جڏهن آنڊا بک ۾ وٽ کائيندا آهن، تڏهن وڏن وڏن پڳن وارن جا ڪنڌ به جهڪي ويندا آهن. غيرت، انا، نظريا ۽ وڏيون وڏيون ڳالهيون صرف ڀريل پيٽ جا نخرا آهن. جنهن گهر جي چلهه ٿڌي هجي، اتي نه فلاسافي جنم وٺندي آهي ۽ نه ئي انقلاب جا گيت ڳايا ويندا آهن، اتي رڳو هڪڙو ئي ورد هوندو آهي “ماني.”
دنيا جا سياڻا حاڪم، هاڻي توپون ۽ بندوقون کڻي ڪنهن ملڪ تي ڪاهه ناهن ڪندا. جن قومن کي هو ميدان ۾ شڪست نٿا ڏئي سگهن، تن کي هو بک ڏيندا آهن. معيشت جو ڳلو گهُٽي ڇڏبو آهي، قرضن جا ڳٽ ڳچيءَ ۾ وجهبا آهن ۽ پوءِ پريان بيهي تماشو ڏسبو آهي. وينزويلا جهڙو ملڪ، جنهن جي مٽيءَ مان تيل نڪري ٿو، يا آفريڪا جا اهي خطا، جتي سون ۽ هيرا پٿرن جيان رلن ٿا، انهن جو حال ڏسو؛ اڄ اتي جا ماڻهو امدادي اٽي جي ٿيلهين لاءِ هڪٻئي جا ڳلا ڪپڻ تي تيار آهن. جنهن قوم جي سوچ مانيءَ جي ٽڪر ۾ ڦاسي پوي، ان کي غلام بڻائڻ لاءِ زنجيرن جي ضرورت ناهي رهندي.
اسان جو پنهنجو ديس پاڪستان به ته انهيءَ ساڳئي عذاب مان گذري رهيو آهي، جتي سڄو نظام “انڌي ونڊي ريوڙيون، وري وري پنهنجن کي ڏئي” جي مصداق هلي رهيو آهي. هتي وفاق جي نالي تي پنجاب جي بالادستي ۽ حڪمران طبقي جي هوس ملڪ جي وسيلن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. ملڪي خزاني جو وڏو حصو رڳو هڪ صوبي جي شاهراهن، ميٽرو بسن ۽ عاليشان منصوبن تي خرچ ٿئي ٿو، جڏهن ته سنڌ، جيڪا هن ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ روينيو يعني ٽيڪسن جو 60 سيڪڙو کان مٿي حصو، 65 سيڪڙو گئس، اڌ کان وڌيڪ تيل ۽ ڪوئلو ڪمائي ڏئي ٿي، تنهن جي حصي ۾ رڳو بک، بدحالي ۽ محرومي آئي آهي.
افسوس ته رڳو ٻاهرين استحصال جي ڳالهه ناهي، اسان جي پنهنجن حڪمرانن ۽ وڏيرن به سنڌ جو سودو ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. هتي ترقياتي منصوبن ۾ ڪرپشن ۽ ڪميشن جو بازار گرم آهي. سرڪاري خزانو پنهنجن جي کيسن ۾ وڃي ٿو ۽ سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوانن جو حق ماري، سرڪاري نوڪريون پئسن عيوض ٻين صوبن مان آيل غير مقامي ماڻهن کي بوگس ڊوميسائيل ٺاهي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. اسان جو تعليم يافته نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کڻي ڌڪا پيو کائي ۽ سندس ڌرتيءَ جي روزگار تي ٻاهريان ماڻهو قابض آهن. ان کان به وڏو ستم ڏسو ته سنڌ جي غريب عوام جي ٽيڪسن مان ٺهندڙ بجيٽ مان اسان جا حڪمران پنهنجي سياسي چمڪ ڌمڪ لاءِ بلوچستان، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ اسپتالون، يونيورسٽيون ۽ رستا ٺهرائين ٿا، پر پنھنجي سنڌ جي پنهنجن سرڪاري اسپتالن ۾ ڪتي جي چڪ جي ويڪسين ناهي، هتان جا 45 سيڪڙو کان مٿي ٻار خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن ۽ اسڪولن جي حالت اها آهي جو لڳ ڀڳ 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر رلن پيا ۽ هزارين اسڪولن ۾ ٻارن کي ويهڻ لاءِ ڇت به ميسر ناهي!
مون پنهنجي اکين سان اهو قيامت جو منظر ڏٺو آهي، جڏهن سنڌ ۾ برساتن ٻوڏ آندي هئي. سنڌ جا 23 ضلعا پاڻي هيٺ اچي ويا هئا، 20 لک کان وڌيڪ ڪچا ۽ پڪا گهر ڀتين سميت ڊهي پٽ ٿي ويا هئا ۽ سوا ڪروڙ کان مٿي ماڻهو بي گهر ٿي کلي آسمان هيٺ اچي ويا هئا. چوپايو مال پاڻيءَ ۾ لڙهي ويو هو ۽ پڪل فصل تباهه ٿي ويا هئا. ان وقت اسان جا مقامي چيئرمين ۽ اسيمبلي ميمبر پنهنجن بنگلن ۾ عياشيون ڪري رهيا هئا ۽ سڄي ڳوٺ جي سوين بکايل گهرن لاءِ راشن جو رڳو هڪڙو ٽرڪ موڪلي، تماشائي بڻجي پنهنجي ئي قوم کي اٽي جي هڪ ٿيلهي لاءِ پاڻ ۾ وڙهندي ۽ هڪٻئي جا ڪپڙا ڦاڙيندي ڏسندا رهيا.
ڪورونا واري وبائي دور ۾ به ساڳي ئي فاقاڪشي آئي هئي ۽ هاڻي ته ”بينظير انڪم سپورٽ“ جي نالي ۾ سڄي قوم کي پينو بڻائي ڇڏيو اٿن. سنڌ جا 25 لک کان مٿي خاندان انهن چند ٽڪن جي قطارن ۾ بيٺل آهن، جيڪي اڄوڪي چيلھه چٻي ڪندڙ مهانگائيءَ ۾ مهيني جو اٽو به پورو نٿا ڪري سگهن. جن نياڻين ۽ مائرن جي مٿي تان ڪڏهن رئو به نه لهندو هو، سي اڄ شهرن جي بازارن ۽ بئنڪن جي ٻاهران چند ٽڪن خاطر پوليس جا ڏنڊا ۽ ڌڪا ٿاٻا کائينديون پيون وتن. اسان جون عزتون رستن تي رلي رهيون آهن ۽ مٿان وري هاڻي نون صوبن ٺاهڻ جي نالي تي هن قديم ڌرتيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون سازشون سٽيون پيون وڃن.
اها ئي اها لاشعوري غلامي آهي جنهن اسان جي سوچ کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ماڻهو صبح کان شام تائين رڳو پيٽ جي دوزخ ڀرڻ ۾ لڳو رهندو ته هو ڪڏهن سوچيندو ته سندس وسيلن تي ڪنهن جو قبضو آهي، سندس نوڪريون ڪير کائي رهيو آهي ۽ سندس ڌرتيءَ کي ڪير ورهائڻ چاهي ٿو؟ اسان کي لوهه جون زنجيرون ناهن پيل، پر اسان جي بک ۽ حڪمرانن جي ڏنل خيرات اسان کي اهڙو غلام بڻائي ڇڏيو آهي جو اسان کي پنهنجي لٽجڻ ۽ غلاميءَ جو احساس ئي ناهي رهيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو