مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نالو وڏو، شهر سڃو: سنڌ ۾ اقتدار جو تسلسل ۽ تباهيءَ جو داستان!

Oshaq Ali Buledi ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار

تعليم: بي.ايس.اِي.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي موجوده سياست ۽ حڪمرانيءَ کي جيڪڏهن هڪ ئي جملي ۾ سهيڙجي ته اهو پهاڪو بلڪل پورو بيهي ٿو: “نالو وڏو، شهر سڃو.” پاڪستان پيپلزپارٽي جيڪا پاڻ کي نئين وسيع سياسي نظريي، جمهوريت ۽ عوامي حقن جي علمبردار سڏائي ٿي، اها گذريل مسلسل ڏيڍ ڏهاڪي کان ۽ مجموعي طور ڏسجي ته تاريخي بصيرت جي لحاظ کان پنجاهه سالن کان سنڌ جي سياسي ۽ انتظامي مقدر جي مالڪ بڻيل آهي، پر جڏهن اسان زميني حقيقتن جو ٻين صوبن سان موازنو ڪريون ٿا ته سنڌ ترقيءَ جي نه، پر تنزليءَ جي ان انتهائي پاتال ۾ نظر اچي ٿي جتان نڪرڻ لاءِ صديون گهربل هونديون.
پنجاب ۾ موٽرويز، ميٽرو ريلويز، بيمارن لاءِ جديد اسپتالن جو نيٽ ورڪ ۽ صنعتي زون قائم ٿي رهيا آهن. خيبر پختونخواهه پنهنجي سيڪيورٽي چئلينجن جي باوجود سياحت، تعليمي اصلاحات ۽ صحت جي بنيادي وسيلن ۾مٿانهين پوزيشن تي نظر اچي ٿو، پر ٻئي پاسي سنڌ آهي، جتي وسيلن جي ڪا کوٽ ناهي، توانائيءَ جو محور آهي، ملڪ جي معيشت جو 70 سيڪڙو کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ ڪراچي ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال گهوٽڪي يا ٺٽو موجود آهن، پر ان جي باوجود به هي صوبو باقي ملڪ کان پنجاهه سال پوئتي ڌڪجي چڪو آهي. آخر ان تباھيءَ جو ذميوار ڪير آهي؟ حڪمران ڌر جا سياسي ڪرتوت ۽ انتظامي نااهليون هاڻي ڪنهن کان به ڍڪيل ناهن. سڀ کان پهريان سنڌ جي تعليمي نظام تي نظر وجهو. سنڌ جا هزارين سرڪاري اسڪول يا ته اوطاقون بڻجي چڪا آهن يا اتي مئل روحن جيان “گهوسٽ ٽيچرز” جي پگهارن جو ڏي وٺ هلي رهي آهي. نسل در نسل سنڌ جي نئين رت کي شعور ۽ تعليم کان محروم رکڻ جو هڪ منظم سياسي حربو هلايو ويو آهي ۽ ان جو مقصد صرف هڪ آهي ته جيئن عوام سوال ڪرڻ کان محروم رهجي وڃي ۽ نسل در نسل غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهي.
صحت جي شعبي ۾ روزانو ڪيتريون ئي سنڌ جون مائرون ۽ ٻارڙا رڳو بنيادي بيمارين، ڪتن جي ڏاڙهڻ جي ويڪسين نه ملڻ يا ايمبولينس جي اڻهوند سبب دم ڏين ٿا. سنڌ جي اسپتالن کي جديد بڻائڻ جا اربين رپيا بجيٽ بغير ڪنهن نتيجي جي ڪاغذن ۾ هڙپ ٿي وڃن ٿا. حڪمرانن جا اصل ڪرتوت اهي آهن جو اهي عوام کي بنيادي حقن کان محروم رکي، انهن کي خيرات ۽ امداد جو محتاج بڻائين ٿا. “بينظير انڪم سپورٽ پروگرام” يا وقتي راشن ورهائڻ جا نظام بنيادي طور پوري صوبي جي عوام کي “سياسي لالي پاپ” ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه ناهن. اهي عوام کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو موقعو ڏيڻ ۽ روزگار جا مستقل ذريعا پيدا ڪرڻ بدران انهن کي پنجن سالن کانپوءِ رڳو هڪ پرچي ۽ هڪ اٽي جي ٻوريءَ جو محتاج بڻائي ڇڏين ٿا. سنڌ جو بنيادي انفرااسٽرڪچر مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي. ڪراچي جهڙو عالمي شهر، جيڪو ملڪ جي معيشت جو ساهه آهي، اڄ ڪچري جا ڍير، پيئڻ جي پاڻيءَ جي تڙپ ۽ برساتن ۾ ڏينهن جا ڏينهن ٻڏڻ واري عذاب مان گذري ٿو. باقي سنڌ جي ننڍن ۽ وڏن شهرن جي حالتن تي نظر وجهبي ته اتي انتظامي ٻڏتر جو اهو عالم آهي جو روڊ، رستا، ناليون ۽ مالي نظام سڀ لڙهي چڪا آهن. زراعت سنڌ جي حياتياتي رڳ هئي، پر اتي به پاڻيءَ جي غير منصفاڻي ورڇ، پڇڙيءَ جي آبادگارن سان زيادتي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ذريعي سنڌ جي هارين جو معاشي قتل عام ڪيو ويو آهي.
تاريخ شاهد آهي ته جمهوريت جو بنيادي فلسفو “شفافيت” ۽ “احتساب” هوندو آهي، پر سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي تي هڪ اهڙو اقتداري ۽ فيوڊل سسٽم قائم ڪيو ويو آهي جتي بيوروڪريسي سياستدانن جي آڱرين تي ناچ ڪري ٿي. ميرٽ جو جنازو نڪتل آهي، تعليم يافته ۽ باصلاحيت نوجوان مايوسيءَ جي وادين ۾ گم ٿي رهيا آهن. جڏهن ته سفارش ۽ رشوت جي بنياد تي نوڪريون وڪرو ڪرڻ سنڌ جو روزمره جو معاملو بڻجي چڪو آهي. حڪمران عوام جي هن بدحاليءَ جو الزام يا ته وفاقي حڪومت يا وري صدارتي نظام ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي گهٽ ملڻ تي مڙهي پنهنجي ذميواريءَ کان جان ڇڏائين ٿا. جڏهن به سنڌ جو عوام پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري ٿو ته انهن کي سندن ئي مظلوميت جا لالي پاپ ڏئي، سنڌي ڪارڊ استعمال ڪري جذباتي بڻايو ويندو آهي، پر هاڻي سنڌ جو عوام ۽ دانشور ان سسٽم کان تنگ اچي چڪا آهن. جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي پنهنجي سياسي پليٽ فارم ۽ مستقبل جو جائزو وٺجي ته انهن کي اهو سمجهڻو پوندو ته نعري بازي ۽ تاريخي شهادتن جي نالي تي وڌيڪ سياست نٿي هلي سگهي. جيستائين سنڌ جي وسيلن جي شفاف ورڇ، شفاف حڪمراني ۽ ميٽرڪ کان وٺي اعليٰ تعليم تائين جو ميرٽ وارو سسٽم بحال نٿو ٿئي، تيستائين سنڌ پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پوئتي ئي رهندي. سنڌ کي لالي پاپ، نعرا ۽ عارضي امدادون نه، پر ترقي، انصاف ۽ اهڙي حڪمراني گهرجي جتي نالو به وڏو هجي ۽ شهر به آباد هجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو