مختصر ساهه، اٿاهه حسرتون: رزق جي ديوتا اڳيان جوانيءَ جي قرباني!
انساني فلاسافيءَ جو هڪ بيحد دردناڪ سچ آهي ته ڪجهه ماڻهو پنجويهن سالن جي عمر ۾ ئي مري ويندا آهن، پر انهن کي دفنايو سٺ (60) سالن جي عمر ۾ ويندو آهي. هي رڳو ڪو سطحي جُملو يا فڪري تذڪرو ناهي، پر ان جوانيءَ جو آخري مرثيو آهي جيڪا وقت کان اڳ پنهنجن ئي اڻپورن خوابن، اڻ چيل حسرتن ۽ نه سهپ جهڙن دردن جي مٽيءَ هيٺ دٻجي دم ڏئي ويندي آهي. جڏهن انسان پنهنجيون خوشيون، خواهشون ۽ پنهنجي اندر جي معصوم وجود کي خاموشيءَ سان پنهنجي ئي هٿن سان دفن ڪري ڇڏيندو آهي، ته پوءِ باقي بچندڙ جسمن کي ظاهري طور زنده ته چئي سگهجي ٿو، پر انهن جي اندر جو ماڻهو ڪڏهن جو خاموش ٿي چڪو هوندو آهي.
ان وجودي الميي ۽ تلخ حقيقت کي سمجهڻ لاءِ پري وڃڻ جي ضرورت ناهي؛ ان هڪ ئي گهر جي بيوس ڪائنات کي ڏسو جتي چار ڀائر رهندا آهن. اهي چار جسم ضرور آهن، پر تن ۾ من هڪڙو آهي، چار جسم ۽ هڪ جان!، پر ان ننڍڙي، مختصر بخشيل زندگيءَ ۾ ڪروڙين خواھشن ۽ گهر جي چُلهي کي ٻارڻ جي اڻکٽ جدوجهد انهن کي ظاهري طور هڪٻئي کان ايترو پري ڪري ڇڏيو آهي، جو هاڻي اهي رڳو ڪنهن حادثاتي خوشيءَ يا غميءَ جي موقعي تي ئي مس ملندا آهن. انهن چئن ڀائرن جي قربانيءَ جي فلاسافيءَ کي ڏسو ته دل خون جي اٿاهه اونهائين ۾ ٻڏڻ لڳي ٿي.
وڏو ڀاءُ: جنهن پنهنجا رنڱيل خواب ۽ الڙ جوانيءَ جون خواهشون هٿن سان قربان ڪري ڇڏيون ۽ گهر جون سنگين ذميواريون سنڀالڻ لاءِ ڪراچيءَ جي اڻ کٽ روڊن، بينرن ۽ ٻاڦ واري شور ۾ گم ٿي ويو.
ٻيو ڀاءُ: جنهن گهر جي اڱڻ، در و ديوار ۽ پنهنجن جي تحفظ خاطر پنهنجي ترقيءَ جا سڀ دربند ڪري، گهر جي خاموشين ۽ اڪيلائين کي پنهنجو مقدر بڻائي ڇڏيو.
ٽيون ڀاءُ: جنهن عمر جي ان موڙ تي جتي جواني آوارا گرديءَ، بي پرواهه سرير ۽ خوابن جي جهولين ۾ گذري ٿي، وطن ۽ گهر جي حفاظت لاءِ فورسز جوائن ڪئي. هو پنهنجين خواھشن جو ڳلو گھوٽي، ڏينهن رات بارڊرن ۽ پهاڙن جي سختين ۾ پنهنجي وجود جي جنگ وڙهي رهيو آهي.
ننڍو ڀاءُ: جنهن پنهنجو بچپن ئي نه ڏٺو، راند روند جي عمر ۾ دُبئيءَ جهڙي جديد ۽ بي حس ملڪ جي پٿرن جهڙين شاندار عمارتن پويان پنهنجو رت ۽ پگهر وھائڻ لاءِ نڪري ويو.
سوچيو ته انسانن جا ڪيڏا نه اڻ کٽ درد آهن! هڪ ننڍڙي، مختصر زندگي ۽ ان ۾ خواهشن جا اٿاهه سلسلا. اهي چارئي ڀائر پنهنجي گهر، پنهنجي چُلهي ۽ پنهنجي رشتن جي روشنيءَ کي قائم رکڻ لاءِ رزق جي ديوتا اڳيان پنهنجي اندر جي معصوم وجود جي قرباني ڏئي، ٿورو ٿورو ڪري پنهنجي ئي اندر کي ماريندا رهندا آهن. اسان پنهنجي اندر يادن، اڌورن خوابن ۽ اڻ چيل دانھن جو ايترو ته ٻوجهه جمع ڪري وٺندا آهيون جو هڪ وقت اچي ٿو جڏهن ساهه وٺڻ به هڪ ڳورو بار لڳندو آهي. اهي ناڪام خواب، اهي خواهشن جن کي اسان پنهنجي ئي ذات جي ترجيحات جي قربان گاهه تي ذبح ڪري ڇڏيون ٿا، اهي اسان کي اندر ئي اندر ديمڪ وانگر چٽينديون رهن ٿيون. ظاهري طور تي مسڪرائيندڙ ۽ روزمره جي ڊوڙ ۾ ڊوڙندڙ انساني چهرا اصل ۾ پنهنجي ئي اندرين ماتم ڪدن جا نگهبان هوندا آهن.
حقيقي الميو اهو ناهي ته انسان جي دل جي ڌڙڪن بند ٿي وڃي؛ حقيقي الميو اهو آهي ته جسم هلندو رهي، اکيون ڏسنديون رهيون، زبان ڳالهائيندي رهي، پر احساسن جي ڪائنات ۾ سج غروب ٿي چڪو هجي. جڏهن انسان پنهنجين خواھشن کان دستبردار ٿي، وقت جي جبر اڳيان هٿيار اڇلائي رڳو “جيئڻ جي تقاضا” پوري ڪرڻ لاءِ ساهه کڻندو آهي، ته اهو خودڪشيءَ کان به وڌيڪ دردناڪ عمل هوندو آهي. خودڪشي ته هڪ لمحي جو موت آهي، پر پنهنجي خوشين کي دفن ڪري جيئڻ، هر روز، هر لمحي ٿورو ٿورو ڪري مرڻ جي برابر آهي.
اهي چار ئي ڀائر، جيڪي روحاني طور هڪ ئي وجود جو حصو آهن، جڏهن ڏورانهينءَ مان هڪٻئي کي ڏسندا هوندا يا خوشي غميءَ ۾ ملندا هوندا ته انهن جون اکيون هڪٻئي سان اهوئي سوال ڪنديون هونديون ته اسان پنهنجا خواب، پنهنجي جواني ڪٿي ڇڏي آيا آهيون؟ شڪست، درد ۽ اڻ چيل زخم اسان جو مقدر بڻجڻ نه گهرجن. اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته رڳو پيٽ گذر ۽ ذميوارين لاءِ پنهنجو پاڻ کي مارڻ اصل زندگي ناهي. زندگي نامياتي ساهن جو نالو ناهي، پر اها رشتن، احساسن، خوابن ۽ پنهنجن سان گڏ جيئڻ جو نالو آهي. جيڪڏهن اسان پنجويهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي اندر جي انسان کي مرڻ کان بچائڻ چاهيون ٿا، ته اسان کي پنهنجي دردن کي زبان ڏيڻي پوندي، پنهنجن جي قربانين جو قدر ڪرڻو پوندو، ۽ زندگيءَ جي آخري ساهه تائين پنهنجي اندر جي معصوم وجود کي زندهه رکڻو پوندو، نه ته ظاهر ۾ زنده ڏسڻ ۾ ايندڙ هيءَ دنيا، متحرڪ لاشن جو هڪ وڏو قبرستان بڻجي ويندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟