مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

برطانيه جي ڀونءِ ۾… سفرنامو (قسط پندرهين حصو پهريون)

Bhawan Sindhi تعليمدان، ولاگر، ڪالم نگار

ايم.ايس.سي (ڪيميسٽري)، ايم.اي (اڪنامڪس)، ايل.اي.بي.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

برطانوي تھذيب جو آئينو ويسٽمنسٽر ائبي…
ھِن ڌرتيءَ تي عقيدن جي جنمڻ جي تاريخ تمام پراڻي آھي. ماضي جا اُھي دور، جن ۾ گھڻن ديوتائن/ڀڳوانن جو تصور موجود ھو ۽ پوءِ وارا دور، جن ۾ ھڪ ڀڳوان جو تصور نمايان رھيو آھي، انسان انھن عقيدن ۾ اُلجھي، سدائين ويل ۾ گھاريو آھي ۽ ورلي ڪو سک جو ساھ کنيو آھي. ھر دور ۾ عقيدا جيڪي ھونئن آيا ته انسانذات جي بھتر سماجي جوڙجڪ، پاڪ صاف معاشرتي نظام، اخلاقيات، محبت، امن، ڀائيچاري ۽ ڀلائي لاءِ ھئا ۽ اُنھن ان راھ ۾ ٿورو گھڻو ڪم به ضرور ڪيو ۽ ماڻھن جي ذھني، سماجي اوسر توڙي معاشي ترقي ۾ بيشڪ ڪردار به ادا ڪيو، پر اُنھن عقيدن کي متعارف ڪرائيندڙ اَوتارن جي پرلوڪ پڌارڻ کانپوءِ، اُنھن جي وارثن/پيشوائن/گادي نشينن ۽ رياستي حڪمرانن پنھنجي حَوس، لوڀ، لالچ ۽ مال ميڙڻ لاءِ اُنھن عقيدن جو استعمال، پنھنجي عقيدي کي ٻين جي عقيدن کان صحيح ۽ اُتم سمجھڻ، ماڻھن کي جاھل رکڻ ۽ وھمن وسوسن ۾ منجھائي رکڻ ۾ ڪجھه زياده ئي ڪيو. اُنھن پيشوائن ۽ حڪمرانن عقيدي جي آڙ ۾ انسان ذات ۾ فرقيواريت، طبقاتي درجابندي، نفرت، تباھي، تشدد، لُٽ مار ۽ جنگيون برپا ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. نتيجن انسان جي اوائلي ماضي جي دور کان وٺي ھِن وقت جي دور تائين، ڌرتي تي امن آشتي پيار محبت، رواداري ۽ ڀائيچارو ھميشه سواليه نشان پئي رھندو آيو آھي!؟ ڪو وقت ھو جڏھن انگلينڊ سميت سڄي يورپ ۾ ڪليسائن جو راڄ ھو. جِتي عام ماڻھو ته اُنھن جي عتابن ۽ فتوائن جو شڪار ته ھئا ئي، پر وقت جا طاقتور بادشاھ به اُنھن جي احڪامن جي انحرافي ڪري نه سگھندا ھئا ۽ بيوس نظر ايندا ھئا. بھرحال انگلينڊ سميت يورپ اڄ انھن ڪليسائن جي قوت ۽ اختيارن مان جان ڇڏائي سماجي، معاشي، سياسي ۽ رياستي فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد ٿي چڪو آھي ۽ ترقي به ڪري رھيو آھي. اُتي ھاڻ عقيدو ڀلوڙ ڳائڻي عابده پروين جي ٻولن، “اري لوگو تمهہارا ڪيا، مين جانو ميرا خدا جاني” جيان بندي ۽ ڀڳوان جي وچ ۾ نجي معاملو سمجھيو وڃي ٿو، جنھن ۾ ڪير به دخل اندازي نٿو ڪري ۽ نه ئي ڪو مختلف مڪتبِ فڪر وارو ان تي اعتراض ڪري ٿو ۽ نه ئي ان بنياد تي اُن سان وڙھي ٿو يا نفرت ڪري ٿو ۽ نه ئي ڪا فتويٰ صادر ڪري ٿو. سچ پچ ته ٿيڻ به ائين ئي گھرجي ۽ ھڪٻئي جي عقيدي ۽ فڪر جو احترام ڪرڻ گھرجي. جڏھن ته پاڻ واري ننڍي کنڊ ۾ ھِن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾، اڃان به انڌ وشواس ۽ فتوائن جا دڪان ھلن ٿا ۽ ماڻھو اُنھن جي ڄار ۾ مڇي جيان ڦاٿل آھن، نتيجي طور نه پاڻ ٿا فضيلتن سان جِيءُ سگھن ۽ نه ئي وري ٻين کي ٿا سڪون سان جيئڻ ڏين.
انگلينڊ جي گادي جي ھنڌ لنڊن ۾ واقع شاھي خانقاھ ويسٽمنسٽر ائبي (Westminster Abbey) جي تاريخي شاندار عمارت جيڪا اڄ پاڻ گھمڻ ھلون پيا، اُھا جيتوڻيڪ سڌي ريت ڪليسائي احڪامن يا فتوائن جو محور ته نه رھي، پر پوءِ به اُھا عيسائي مذھبي قاعدن قانونن ۽ طور طريقن جي پاسدار ضرور رھي آھي ۽ اُن کي انگلينڊ جي شاھي گھراڻن (بادشاھن ۽ راڻين) جي وقت بوقت ٿيندڙ تاجپوشي جي رسمن ۽ حلف کڻڻ وارين تقريبن سميت ٻين شاھي سرگرمين جو اعزاز حاصل آھي.
ته سائين منھنجا! پاڻ ڇيڇڪ ڇيڇڪ جو آواز ڪڍندڙ ۽ سيٽيون وڄائيندڙ ريل نه، پر جديد اليڪٽرڪ ٽرين جي ذريعي انڊرگرائونڊ (ٽيوب) ويسٽمنسٽر ائبي اسٽيشن تي لٿا آھيون ۽ ڇڪيو اٿئون پنڌ کي. ويسٽمنسٽر اسٽيشن کان ويسٽمنسٽر ائبي تقريبن پنجن منٽن جي پنڌ (300 ميٽر) تي آھي. ان کي سينٽ جيمس پارڪ اسٽيشن به ويجھي پوي ٿي جتان اھا تقريبن 500 ميٽر پري آھي. مزي مزي سان ٽھلندي پنھنجي سنڌ جي ڊسمبر جھڙي ٿڌي موسم ۾ سگريٽ جي سُوٽن سان موسم کي گرم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي، پاڻ پھچي ويا آھيون ويسٽمنسٽر ائبي، جيڪا لنڊن جي دل (مرڪز) ۾ واقع بگ بين ۽ پارليامينٽ ھائوس جي بلڪل ويجھو آھي. يونيسڪو جي ورلڊ ھيريٽيج سائيٽ ۾ شامل ڪيل ويسٽمنسٽر ائبي جي ايراضي لڳ ڀڳ 32,000 چورس فوٽ ۽ ان جي ٻاهرين ڊيگهه لڳ ڀڳ 532 فوٽ آهي. جيڪڏھن ويسٽمنسٽر ائبي جي عمارت کان ٻاھر اُن سان لاڳاپيل تاريخي عمارتن جن ۾ ننڍن وڏن مسافر خانن، باغن ۽ چيپٽر ھائوس جي ايراضي جوڙ ڪجي ته اُھا 10 ھيڪٽرس کان به مٿي ٿي ويندي. ويسٽمنسٽر ائبي ۾ داخل ٿيندي ئي اُن جي ڏکڻ ۾ چوديواري ۾ بند کليل ميدان ۾ ساوڪ سان سٿيل ڊينس يارڊ(Dean’s Yard) تي نظر پوي ٿي جيڪو دلڪش منظر پيش ڪري ٿو. ھِن قداور پٿر جي خوبصورت عمارت لاءِ پاڻ کي ٽڪيٽ وٺڻي ڪونه پئي، ڇو جو پنھنجي خريد ڪيل لنڊن پاس ۾ ان سميت ٻيون به گھمڻ ڦرڻ جون کوڙ ساريون جڳھيون شامل آھن. ھونئن عام طور تي ويسٽمنسٽر ائبي جي داخلا ٽڪيٽ وڏن لاءِ 31 پائونڊ (تقريبن 12000رپيا)، 6 کان 17 سالن تائين جي ٻارن لاءِ 14 پائونڊ ۽ 6 سالن کان گھٽ عمر جي ٻارن لاءِ داخلا مفت آھي. ٽڪيٽ ۾ اگھه جي گھٽ وڌائي سياحن جي اچڻ جي سيزن ۽ موسم جي تبديلي تي دارومدار رکي ٿي. آئون انگلينڊ گھمڻ لاءِ ايندڙ دوستن کي صلاح ڏيندس ته بجاءِ ھر اسپاٽ تي جدا ٽڪيٽ خريد ڪرڻ جي لنڊن پاس وٺي گھمو، جو اُن ۾ 100 کان مٿي گھمڻ جون شيون موجود آھن ۽ گھمڻ ۾ سستي به پوي ٿي.
آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ ٽاورن تي مشتمل ويسٽمنسٽر ائبي جي ڪشادي عمارت جي ڪائونٽر تي پاس اسڪين ڪري پاڻ پھچي ويا آھيون ويسٽمنسٽر ائبي جي عمارت اندر. جھڙو ئي سندس ٻاھريون شاندار ڏيک ۽ دٻدٻو جبلن جيان اڏول آھي، اھڙو ئي وري سندس اندريون خوبصورت منظر، جيڪو اکين کي ٺارڻ لاءِ گنج آھي. جيتري قدر ويسٽمنسٽر ائبي جي ھِن تاريخي عمارت جو تعلق آھي ته اُن جي شروعات ھِن وقت موجود شاندار گوٿڪ طرز تعمير تي ٺھيل عمارت سان نه ٿي هئي، پر ان جي برعڪس ھِن جي شروعات هڪ ننڍڙي بينڊڪٽين خانقاهه (Benedictine monastery) طور تي ٿي. بينڊڪٽين ڪئٿولڪ عيسائين ۾ ھڪ فرقو آھي جيڪو سينٽ بينڊڪٽ(St. Benedict) جو پوئلڳ آھي، جنھن 535ع کان 540ع ڌاري رياست لاءِ قاعدا قانون لکيا ۽ خانقاھن لاءِ عبادت، روحاني تعليم ۽ سارسنڀار جا طور طريقا ۽ اپاءُ تجويز ڪيا. اھو ڪنھن جي گمان ۾ به نه ھو ته اڳتي ھلي اها ننڍڙي خانقاھ(Abbey) شاهي چرچ ۾ تبديل ٿي ويندي! اھا بادشاهن جي تاجپوشي واري منڊل، عبادت/زيارت گاهه، نامياري شخصيتن جي تدفين جي جاءِ ۽ آخرڪار برطانيا جي قومي زندگي جي اهم ترين مذهبي ۽ تاريخي عمارتن مان هڪ بڻجي ويندي!! ويسٽمنسٽر ائبي جي تاريخ جو اوائلي احوال ھيئن آھي ته 960ع ڌاري سينٽ ڊنسٽن، جيڪو ان وقت لنڊن جو بشپ هو، بينڊڪٽين راهبن جي هڪ جماعت کي ٿيمز ندي جي اترئين ڪناري تي واقع ٿارني ٻيٽ (Thorney Island) تي آباد ڪيو. اُن وقت جي بادشاھ ايڊگر(King Edgar) به هِن خانقاهه(Abbey) جي خاصي سرپرستي ڪئي. انهن راهبن جي زندگي جو بنيادي مقصد عبادت، دعا، مذهبي تعليم ۽ خانقاهه جي انتظام سان لاڳاپيل ھو. اُن دور ۾ خانقاهون علم ۽ لکڻ پڙهڻ جون اهم مرڪز ھونديون هيون، ڇاڪاڻ جو سماج ۾ تعليم عام ماڻھو کي آساني سان ميسر نه ھئي. ايڊگر بادشاھه جي دور ۾ ويسٽمنسٽر ائبي ۾College Garden نالي ھڪ تاريخي باغ به جوڙايو ويو ھو، جيڪو بينڊڪٽين راهبن لاءِ کاڌي، ميون ۽ دوائن واري ٻوٽن جي پوک لاءِ استعمال ٿيندو ھو. مختلف بادشاھن جي دورن ۾ انھي باغ جي اڏاوت ۾ اضافو به ٿيندو رھيو. 1000 سالن کان مٿي عرصو گذرڻ جي باوجود، ھاڻي به اھو باغ ويسٽمنسٽر ائبي جي حدن ۾ موجود آھي جنھن ۾ پوک ٿئي ٿي، پر ھِن وقت اھو باغ اصل حالت ۾ ناھي. باغ جي پراڻي باقيات مان صرف 1376ع ۾ ٺاھيل پٿر جي ڀت باقي وڃي بچي آهي، جيڪا ايڊورڊ ٽئين (Edward III) جي دور جي آهي.
1042ع ۾ ايڊورڊ دي ڪنفيسر(Edward the Confessor) انگلينڊ جو بادشاهه ٿيو. هُن ٿارني ٻيٽ تي پنهنجي شاهي محل کي وڌيڪ وڏو ۽ خوبصورت بنائڻ سان گڏوگڏ ڀرسان موجود بينڊڪٽين خانقاهه کي وڏي اهميت ڏني. بادشاھ ايڊورڊ پٿر جي ھڪ تمام وڏي نئين چرچ تعمير ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان کيSt Peter the Apostle جو نالو ڏنو ويو. اها عمارت نارمن/رومنسڪ آرڪيٽيڪچر جي طرز تي ٺاھي وئي هئي ۽ ان وقت جي اھا تمام وڏي ۽ شاندار عمارت هئي. 28 ڊسمبر 1065ع تي ھِن چرچ کي مقدس قرار ڏنو ويو، پر هڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها ٿي ته بادشاهه ايڊورڊ پاڻ ان تقريب ۾ شامل نه ٿي سگهيو. ڇاڪاڻ ته هُو اُن وقت سخت بيمار هو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ يعني 5 جنوري 1066ع تي وفات ڪري ويو. ٻئي ڏينهن کيس پنهنجي نئين چرچ جي قربان گاھ (High Altar) جي سامهون دفن ڪيو ويو. ھي چرچ لنڊن جي اولهه طرف سڀني کان وڏي چرچ ھئڻ سبب اڳتي ھلي پنھنجي اصل ناليSt Peter the Apostle بجاءِWestminster Abbey طور سڃاڻجڻ لڳي. ايڊورڊ دي ڪنفيسر کي ڪوبه اولاد ڪونه ھو ۽ نه ئي ھن شريف بادشاھ تخت جي وارث پيدا ڪرڻ لاءِ ٻيِ شادي ڪرڻ مناسب سمجھي. انھيءَ ڪري سندس وفات کانپوءِ اُن جي جاءِ تي انگلينڊ جي اميرن ۽ اشرافيه جي ڪائونسل (Witenagemot)، ھيرولڊ گاڊونسن(Harold Godwinson) کي نئون بادشاھ چونڊيو. ڪجهه ئي مهينا پوءِ انگلينڊ جي تاريخ ۾ ھڪ وڏو واقعو رونما ٿيو. 14 آڪٽوبر 1066ع تي هيسٽنگز(Battle of Hastings) جي جنگ ٿي جنھن ۾ نارمنڊي جي نواب(Duke of Normandy) وليم جي فوج، هيرولڊ گاڊونسن جي فوج کي شڪست ڏني ۽ هيرولڊ گاڊونسن به ان جنگ ۾ مارجي ويو. وليم جي دعويٰ ھئي ته بادشاھ ايڊورڊ دي ڪنفيسر کيس پنھنجو جانشين بنائڻ جو واعدو ڪيو ھو. وليم جنھن کي تاريخ ۾ وليم دي ڪانڪرر(William the Conqueror) جي لقب سان سڃاتو وڃي ٿو، انگلينڊ فتح ڪرڻ کانپوءِ 25 ڊسمبر 1066ع تي ويسٽمنسٽر ائبي ۾ بادشاهه طور تاجپوش ٿيو. انگلينڊ جي تاريخ ۾ ھِن واقعي کي تمام گهڻي اهميت حاصل آھي. ڇاڪاڻ ته ان ڏينھن کانپوءِ ويسٽمنسٽر ائبي انگلينڊ جي بادشاهن جي تاجپوشي واري روايتي چرچ بڻجي وئي، جنھن ۾ ھر نئون ٿيندڙ بادشاھ/راڻي ايڊورڊ دي ڪنفيسر جي قبر تي حاضري ڀري ۽ دعا گھري پوءِ قسم کڻندو آھي. ايڊورڊ دي ڪنفيسر جي قبر ڇو ايتري اهم ٿي وئي ۽ ڇو اُھا برطانوي تاج پوشي جي رسم جو اھڃاڻ بڻجي وئي؟ اُن جي پويان اھو پسمنظر آھي ته ايڊورڊ پنھنجي دور جو نيڪدل ۽ انصاف پسند بادشاھ ٿي گذريو آھي. ايڊورڊ کي وفات (1066) کانپوءِ 1161ع ۾ پوپ اليگزينڊر ٽئين طرفان پاڪ روح (Saint) قرار ڏنو ويو ۽ هُو تاريخ ۾St Edward the Confessor جي نالي سان مشهور ٿيو. ان کانپوءِ سندس قبر هڪ زيارت گاهه بڻجي وئي. ماڻهو سندس مزار تي دعائون گھرڻ ۽ زيارت ڪرڻ لاءِ اچڻ لڳا. اهڙي طرح ويسٽمنسٽر ائبي کي ٻه وڏيون سڃاڻپون مليون، ھڪ شاهي تاجپوشي ۽ ٻين سينٽ ايڊورڊ جي قبر جي زيارت. اھڙي ريت ويسٽمنسٽر ائبي وچئين دور جي انگلينڊ جي انتهائي بااثر مذهبي ادارن مان هڪ بڻجي وئي. ان دور کان وٺي موجودہ دور تائين هر برطانوي بادشاهه يا راڻي جي هِتي تاجپوشي ٿي آهي ۽ اُنھن سينٽ ايڊورڊ دي ڪنفيسر جي مزار تي آشيرواد وٺي پوءِ شاھي حلف کنيو آھي سواءِEdward V ۽ Edward VIII جي.
ايڊورڊ پنجون(Edward V) پنهنجي پيءُ ايڊورڊ چوٿين(Edward IV) جي وفات کانپوءِ فقط 12 سالن جي عمر ۾ بادشاهه ٿيو، پر سندس تاج پوشي ٿيڻ کان اڳ ئي سندس چاچو رچرڊ، ڊيوڪ آف گلوسٽر(Richard, Duke of Gloucester) جيڪو بعد ۾ رچرڊ ٽيون(Richard III) جي نالي سان سڃاتو ويو، اقتدار تي قابض ٿي ويو. ايڊورڊ پنجين ۽ سندس ننڍي ڀاءُ رچرڊ، ڊيوڪ آف يارڪ کي ٽاور آف لنڊن ۾ قيد رکيو ويو ۽ رچرڊ ٽئين پاڻ کي بادشاهه قرار ڏيندي 1483ع ۾ ويسٽمنسٽر ائبي ۾ پنھنجي تاج پوشي ڪرائي. سو سائين منھنجا! رڳو پنھنجي ننڍي کنڊ ۾ اورنگزيب جھڙا ڪميڻا بادشاھ ڪونه ٿي گذريا آھن جنھن اقتدار خاطر پنھنجن ڀائرن کي مارايو، پر انگريزن جي شھنشاھيت به اھڙن ڪُڌن ڪرتوتن سان ڀري پئي آھي.
ايڊورڊ اٺون (Edward VIII) 1936ع ۾ بادشاهه ٿيو، پر رڳو 325 ڏينهن بادشاهه رهيو. هُن هڪ آمريڪي عورت والس سمپسن(Wallis Simpson) سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي. والس سمپسن ان وقت طلاق يافته هئي ۽ ھُوءَ اڳ ۾ به ٻه شاديون ڪري چڪي هئي. اُن وقت ۾ ھڪ ته بادشاھ جو اھو فيصلو برطانوي شاھي روايتن جي شان جي بنھه ابتڙ ھو ۽ اُن کان به وڌيڪ چرچ کي اهو قطعي قبول نه هو ته، وقت جو بادشاهه هڪ اهڙي عورت سان شادي ڪري جيڪا ٻه ڀيرا طلاق يافته هجي. آخرڪار ايڊورڊ اٺين لاءِ صورتحال تاج ۽ والس سمپسن، ٻنھي مان ڪنھن به ھڪ کي چونڊڻ تي اچي بيٺي. هِن دل ڦينڪ عاشق بادشاھ پنھنجي محبوبه جي چونڊ ڪئي ۽ تاج ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. متان سمجھو ته عشق رڳو ڪو عام ماڻھو جي ميراث آھي، اھو ته شاھن شھنشاھن جا ڇَٽ به پَٽ ڪريو ڇڏي. 10 ڊسمبر 1936ع تي هُن تخت تان دستبرداري جي دستاويز تي صحيح ڪئي ۽ 11 ڊسمبر 1936ع تي سندس ننڍي ڀاءُ البرٽ، ڊيوڪ آف يارڪ کي سندس جاءِ تي بادشاهه بنايو ويو جيڪو تاريخ ۾ جارج ڇھين(George VI) جي لقب سان سڃاتو ويو. ايڊورڊ دي ڪنفيسر جي جوڙايل چرچ (ويسٽمنسٽر ائبي) تقريبن ٻه صديون قائم رهي. 13هين صدي ۾ فرانس ۽ انگلينڊ ۾ جديد گوٿڪ(Gothic) طرز تعمير تي شاندار نوان چرچ تعمير ٿي رهيا هئا. اُن وقت جو بادشاھ Henry III جيئن ته سينٽ ايڊورڊ دي ڪنفيسر سان خاص عقيدت رکندو هو، تنهنڪري 1245ع ۾ هُن فيصلو ڪيو ته پراڻي چرچ کي وڏي پيماني تي ٻيهر تعمير ڪرايو وڃي. هُن جو ان جي پويان مقصد هو: (1) سينٽ ايڊورڊ لاءِ شاندار نئين مزار ٺاهڻ (2) بادشاهن جي تدفين لاءِ مناسب شاهي چرچ ٺاهڻ (3) تاجپوشي جي روايت لاءِ شاندار عمارت ٺاهڻ (4) انگلينڊ ۾ فرانس جي وڏن Gothic طرز تعمير چرچن جي مقابلي جهڙي عمارت تيار ڪرڻ. ان مقصد کي ذھن ۾ رکندي 11هين صدي جي ان پراڻي چرچ(Westminster Abbey) جو وڏو حصو ڪيرايو ويو ۽ گوٿڪ طرز تي ان جي نئين اڏاوت شروع ڪئي وئي. 1269ع ۾ نئين چرچ جو اوڀر وارو حصو ۽ ٻيا اهم حصا ٺھي راس ٿيا. 1269ع ۾ بادشاھ سينٽ ايڊورڊ دي ڪنفيسر جي مڙھ جا باقيات نئين مزار ۾ منتقل ڪيا ويا ۽ 13 آڪٽوبر 1269ع تي نئين چرچ کي مقدس قرار ڏنو ويو. اُن کانپوءِ ايندڙ مختلف بادشاھن پنھنجي پنھنجي دور ۾ ويسٽمنسٽر ائبي ۾ تعميرات ڪرائي عمارتن ۾ اضافو ڪيو. گھڻي اوچي ۽ محرابي شڪل ۾ ٺھيل گرجا گھر جي وچيئين يا مکيه عبادت واري حصي(Nave) جو ڪم 1376 ۾ شروع ٿيو ۽ گهڻو پوءِ يعني 1517 ۾ مڪمل ٿيو. ويسٽمنسٽر ائبي جي اُتر پاسي ۾ ھڪ الڳ گھنٽا ٽاور 13هين صدي ۾ هينري ٽئين جي دور ۾ ٺاهيو ويو. ويسٽمنسٽر ائبي جي ٽاور ۾ لڳل اھي گھنڊ تقريبن 300 سالن تائين معمول جي عبادت ۽ خاص موقعن تي وڄندا رهيا ۽ نيٺ اھو سلسلو 1750ع ۾ پڄاڻي تي پھتو، جڏھن ٽاور جي زبون حالت ٿيڻ سبب اُن کي ڊاٺو ويو. ھِن وقت ان جاءِ تي برطانيہ جي سپريم ڪورٽ جي عمارت ٺھيل آهي. 16هين صدي جي شروعات ۾ بادشاھHenry VII ويسٽمنسٽر ۾ هڪ شاندار ليڊي چيپل ٺهرائي. هي چيپل بعد ۾ ڪيترن بادشاهن ۽ راڻين جي تدفين جو هنڌ بڻجي وئي، جن ۾، Elizabeth I،Mary اMary, ۽ Queen of Scots به شامل آهن. ويسٽمنسٽر ائبي جي اولهه ۾ ٻه وڏا ٽاور آهن جيڪي ويسٽمنسٽر ائبي جي سڀ کان نمايان سڃاڻپ آهن. انهن جي تعمير وچئين دور ۾ شروع ٿي، پر مڪمل نه ٿي سگهي. 16هين صديءَ ۾ اتر اولهه واري اڻپوري ٽاور ۾ ڇهه گھنڊ لڳايا ويا. آخرڪار ٻنهي اولهه وارن ٽاورن جي تعمير 1745ع ۾ مڪمل ٿي. انھن ٽاورن جي اوچائي تقريبن 68.7 ميٽر آھي ۽ اُنھن ۾ 10 وڏا گھنڊ لڳل آهن جن کي 1971 ۾ نئين سري سان سنواريو ويو آھي. سڀ کان وڏي گھنڊ(Tenor bell) جو وزن لڳ ڀڳ 1530 ڪلو گرام ۽ قطر 137 سينٽي ميٽر آهي، جڏھن ته سڀ کان ننڍي گھنڊ(Treble bell) جو وزن لڳ ڀڳ 246 ڪلو گرام آهي. اهي گھنڊ عام طور تي وڏين مذهبي عيدن، چرچ جي خاص ڏينهن، شاهي موقعن جهڙوڪ: تاج پوشي، شاهي شادين، قومي ڏھاڙن ۽ خاص عبادتي تقريبن کان اڳ يا پوءِ وڄايا وڃن ٿا. مثال طور: 20 سيپٽمبر تيBattle of Britain جي يادگار عبادت کانپوءِ لڳ ڀڳ منجهند جو 12 وڳي ۽ 21 سيپٽمبر تيSt Matthew’s Day جي شام جي عبادت کانپوءِ تقريبن 5:45 وڳي اھي گھنڊ وڄايا ويندا آھن. بادشاهه يا راڻي جي وفات تيTenor گهنڊ کي خاص طريقي سان هڪ هڪ ڌڪ جي وقفي سان وڄايو(tolled) ويندو آهي. مثال طور: راڻي ايلزبيٿ جي 2022ع واري جنازي کان اڳ Tenor گهنڊ 96 منٽن تائين، هر منٽ ۾ هڪ ڀيرو وڄايو ويو. ڇاڪاڻ ته راڻي جي عمر 96 سال هئي. هڪ دلچسپ ڳالهه اھا آھي ته Change Ringing واري انگريزي روايت مطابق گھنڊن جي آواز جي ترتيب (rythem/tone) موقعي جي مناسبت سان تبديل ڪئي ويندي آهي. مختلف موقعن/تقريبن لاءِ طئي ڪيل 5000 مختلف ڌُنُن/ترتيبن لاءِ ھِتي ان فن جا خاص ماھر مقرر ڪيل آھن. ويسٽمنسٽر ائبي جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو مذهبي موڙHenry VIII جي دور ۾ آيو. 16 جنوري 1540ع تيHenry VIII ويسٽمنسٽر ائبي جي پراڻي خانقاهي سسٽم کي ختم ڪري ڇڏيو. ھاڻي اُتي ڪوبه راھب رھائش (ڊاٻو) ڪري نٿي سگھيو. اھڙي ريت بينڊڪٽين راهبن جي تقريبن ڇهن صدين واري خانقاهي زندگي پنھنجي اختتام تي پھتي. جڏهن 1553ع ۾ Mary I راڻي ٿي ۽ ڪيٿولڪ مذهب کي ٻيهر بحال ڪيو ته 1556ع ۾ ويسٽمنسٽر ۾ بينڊڪٽين راهب ٻيهر آباد ڪيا ويا.Mary I جي وفات 1558ع ۾ ٿي ۽ اُن کانپوءِ سندس پروٽيسٽنٽ ڀيڻElizabeth I راڻي بڻجي وئي ته اُن جي دور ۾ راهـبن کي وري ويسٽمنسٽر ائبي مان نيڪالي ڏني وئي. سو سائين منھنجا!ھڪڙي ئي مذھب جي مختلف فرقن ۾ جنگيون ۽ جھيڙا نه صرف پنھنجي ملڪ ۾ جام آھن، پر انگريزن ۾ به ڪنھن زماني ۾ اُھي عروج تي ھئا. اِھا ٻي ڳالھه آھي ته انگريز ھاڻي انھن جھنجھٽن مان جان ڇڏائي چڪا آھن، پر پاڻ اڃان ان ڌٻڻ ۾ ڦاٿا پيا آھيون ۽ لوڙھيون پيا. جيتوڻيڪ 1560ع ۾ راڻي Elizabeth I ويسٽمنسٽر ائبي کي ڪنگ ايڊورڊ دي ڪنفيسر جو ڏنل پراڻو نالوCollegiate Church of St Peter بحال ڪيو، پر اِھا اڄ به عام ماڻھن ۾ ويسٽمنسٽر ائبي طور ئي مشھور آھي. ھي چرچ ڪنهن عام بشپ يا آرڪ بشپ جي ماتحت نه، پر سڌي طرح بادشاهه/راڻي جي اختيارن جي زير انتظام ھڪ خاص چرچ آهي.
1066ع کان بادشاهن ۽ راڻين جي تاجپوشي سان لاڳاپيل ھِن ائبي ۾ ھِن وقت اھا رسم تاجپوشي ويسٽمنسٽر جي بلڪل وچ واري وڏي حصي ۾ ٿيندي آهي، جنهن کي Coronation Theatre چيو وڃي ٿو جيڪو Quire ۽ High Altar جي وچ ۾ آهي. تاجپوشي جي رسم جي شروعات کان اڳ بادشاهه سينٽ ايڊورڊ جي مقبري تي وڃي مقدس مذهبي ماحول ۾ دعا گھري عقيدت جو اظهار ڪري ٿو.
…(هلندڙ)…
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو