مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

گرمي ۾ ٿڌو ۽ سياري ۾ گرم رهندڙ لباس تيار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪا جي يونيورسٽي آف ميري لينڊ جي ماهرن پاران هڪ اهڙو لباس تيار ڪيو ويو آهي جيڪو گرمي ۾ ٿڌو ۽ سياري ۾ گرم رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن لباس کي اهڙي طرح تيار ڪيو ويو آهي جو سياري ۾ هن لباس ۾ موجود سوراخ بند ٿي ويندا آهن ۽ گرمين ۾ اهي سوراخ کُلي ويندا آهن. جنهن سبب گرمي انهن جي ٻاهران رهندي ۽ سياري ۾ اها اندر ئي موجود رهندي. ميري لينڊ يونيورسٽي جي ماهر ڊاڪٽر يوهواونگ چيو آهي ته انساني جسم ۾ حرارت انفرا ريڊ شعاعن جي صورت ۾ خارج ٿيندي آهي هن لباس کي هر رنگ ۾ تيار ڪري سگهجي ٿو ۽ سردي گرمي ۾ استعمال ڪري ان مان ٻنهي موسمن جو ضرورت آهر فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو