مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شاعري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آزاد نظم
شيام جيسراڻي
عشق سنڌوءَ سان، عشق سنڌ سان،
ٿو عشق ڪريان هر سپوتِ سنڌ سان،
ٿو عشق ڪريان حق سان!
من مندر ۾، من اندر ۾، جيڪو تري سو پار پيو،
فڪر ۽ فڪرات جي غلبي، منهنجي من کي موهيو،
ٿو عشق ڪريان حق سان!
شانتي سروپ، شانت فضا ۾، پرڀات جي پرشور گذري،
“شيام” انوکو، عشق الستي، جاڳي روح جي مستي،
ٿو عشق ڪريان حق سان!
منهنجي سوچ الڳ، منهنجي پرک الڳ،
تنهنجي جهلڪ ۾، آ مرڪ الڳ،
ٿو عشق ڪريان حق سان!
او قاتل! تون لاهوتيءَ کي، ڇا ٿو لالچائين پيو؟
لاهوتي ته لوهه ٿيو ۽، تپي هاڻي سرخ ٿيو،
ٿو عشق ڪريان حق سان!
منزل جو منظر، ڀيانڪ آهي ضرور،
پر سستو آ سودو، مارڻ تنهنجو غرور،
ٿو عشق ڪريان حق سان!
ڪنهن مندر جو گھنڊ وڳو،
ڪنهن ترواٽي ٺڪر ڀڳو،
ٿو عشق ڪريان حق سان!
هيءَ منهنجي سوچ جي پرواز آهي،
هي من جي موج جو آواز آهي،
ٿو عشق ڪريان حق سان!
تن من ڌن سڀ ارپڻ ڪيم،
سچ سوا باقي سڀ حرام ڪيم،
ٿو عشق ڪريان حق سان!
ڏسندي ڏسندي نئون صبح ٿيو،
۽ روشن منهنجو ديش ٿيو،
ٿو عشق ڪريان حق سان!
***

نثري نظم
وفا گل محمد جمالي
​سنڌ جي مٽي
​منهنجي ڌرتي!
تنهنجي پيرن جي مٽي
منهنجي پيشانيءَ جو مقدر آهي.
جڏهن لوءِ لڳندي آهي
۽ تنهنجي واهن ۾ پاڻي گهٽبو آهي،
تڏهن منهنجي روح ۾
تاس جا وڻ ڦٽي پوندا آهن.
تنهنجو مهراڻ
رڳو درياءُ ناهي،
پر منهنجي نسن ۾ وهندڙ
اهو اتساهه آهي،
جيڪو مون کي مرڻ ناهي ڏيندو.
***
غزل
وفا جانوري
باک ڦٽيءَ جو رنگ اڏاڻا
چاهت جا سڀ چنگ اڏاڻا
پير نشاني طور رهي پيا
تانگھ تکيءَ جا تنگ اڏاڻا
خاموشي ۾ ڳوٺ ٻڏي ويو
دردن وارا دنگ اڏاڻا
دهل وڳا ۽ ڄڃ اٺن تي
رستا نڪري تنگ اڏاڻا
چانڊوڪين ۾ چنڊ اڀو هو
سارين ۾ ڪي سنگ اڏاڻا
توکانپوءِ راڻل سائين
ڪاڪ مٿان ڪي ڪنگ اڏاڻ.
***

غزل
جلال شيخ
سنڌ ڌرتي مٿان جان واري ڇڏيون
وک کڻو غير سارا ئي ماري ڇڏيون
شير وانگر گجو سنڌ خاطر سڀئي
سنڌ دشمن هتان سڀ اٿاري ڇڏيون
آ لُٽي غير ڌرتي وڙهون حق لئه
ان غدارن سڀن کي پگهاري ڇڏيون
حق ويا سڀ کڻي هو ته ڌاڙا هڻي
يار تن لاءِ ٻارڻ ڪو ٻاري ڇڏيون
حق ڦرڻ کان اڳي هي ٻڌي ڇڏ جا تون
بم ۽ گولين سان تن کي اڏاري ڇڏيون
عرض آھي حفاظت ڪيون سڀ اٿي
اک انهيءَ ڪانو کي ڪا ڏيکاري ڇڏيون
سنڌ مان غير سڀ اڄ تڙيون هي “جلال”
ديس پنھنجو پرين سو سنواري ڇڏيون.
***

غزل
عرفان آزاد
سڄو جڳ مٽائي ڏٺو يار تنهن کي
ڏنو دل اڳي ئي سچو پيار تنهن کي
اوهان جي ئي صورت خدا جو آ جلوو
مڃي من ويو آ هِي سنسار تنهن کي
مليو حق جو رستو اوهان جي ئي در تان
ملي ويو سڄو ئي هِي ديدار تنهن کي
توهان سان ملڻ آ روحاني عبادت
چري دل بڻائي سدا هار تنهن کي
حقيقت اها آ ته تون ئي سڄڻ هين
ڪيو روح منهنجي آ اختيار تنهن کي
خدا جو ئي نالو اوهان مان ملي ٿو
صدا من هڻي ٿو هِي هر بار تنهن کي
ڇڏي جڳ جا رستا هلي پيو آ پنڌڙو
مليو پيار تنهنجو هِي غمخوار تنهن کي.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو