شاعري
غزل
ساحر راهو
جڙي بوراق کي ڏاوڻ، وجهڻ لئه ڏان ڏائن ٿا،
شڪاري ڄار لفظن جا، پکيڙي جام چائن ٿا.
نشيلا نرگسي چهرا، ڀڄن ٿا ماڪ جي مڌ ۾،
نويلا ميڪدا گُهنگُهرُو، پگن ۾ پاڻ پائن ٿا.
ڀڃي آرس اُتر آڇيا، نوان ڪُجهه موڙ موسم کي،
جهروڪي مان لحافن، جي سُڳنڌ ڀي گُنگُنائن ٿا.
چپن جي چانئٺ جي ويجهو، چپن جا جام هُو آڻي،
سهپ پياسي مُسافر جي، ايئن ئي آزامائن ٿا.
ڳلن تنهنجن جي ڪُنن ۾، پرين ٻيڙا نگاهُن جا،
ڪُٺل سامُونڊي پنڇيءَ، جان پويان پل ڦڙڦڙائن ٿا.
نٿا انجام کي جيڪي، پُڄن افسانه چاهت جا،
اُهي ڀٽڪيل مُسافر جان، عُمر ڀر دڳ پُڇائن ٿا.
اسان انجيل نيڻن کي، چُميو ورقِ مُقدسَ جان،
رحل تنهنجي چپن جا چپ، ڇُهي پل مُسڪرائن ٿا.
سليقي سان اڱڻ تنهنجي، سندي هر وارتا ساحر.
ستارا رات ڀر مون کي، ٻُڌائي دل لُڀائن ٿا.
***
غزل
رخسانه “پريت”
ڪي سانوڻيون ھليون ويون، سيارا ھليا ويا،
جوڀن جا دور آيا، سي سارا ھليا ويا.
ھُئي نينھن ناوٓ، گھرٓي ساگر ۾ وئي لھي،
ڏسندي ئي ڏسندي دور ڪنارا ھليا ويا.
ڄڻ ٽرين جو سفر ھيو اڳتي وڌي ويو،
نديون، حسين چھرا، نظارا ھليا ويا.
ٿيو صبح، حسين خواب ڀي سارا ٽٽي پيا
ويو چنڊ ڀي لڪي سڀئي تارا ھليا ويا.
ڇو پنھنجو گھر ئي اوپرو آھي لڳڻ لڳو،
ماڻھو الائجي ڪاڏي ھا پيارا ھليا ويا.
ڪو، بي وسين جي بند گلين ۾ ڦري پيو،
آٿت، اميدون ڪاڏي سھارا ھليا ويا.
سارا نشان ماڳ جا ڌنڌلائجن پيا،
اکيون پڇن ٿيون ڪاڏي ھي چارا ھليا ويا.
***
غزل
مرتضيٰ
رات دريءَ مان چنڊُ کڙيو هو توکي ياد ڪري،
دل هڪ ٿڌڙو ساھُ ڀريو هو توکي ياد ڪري.
1. پيارَ ڏهاڙي تو هئا مرڪي مون ڏي نيڻ کنيا،
منَ ۾ هڪڙو گُل ٽڙيو هو توکي ياد ڪري.
٢. تو جو آئيني ۾ هئا پنھنجا وارَ سَنواريا،
آئينو رهجي دنگ ويو هو توکي ياد ڪري.
٣. منھنجي هٿ تي تو هو پنھنجو ڪومل هٿ رکيو،
جيون ۾ نئون رنگ رتو هو توکي ياد ڪري.
٤. تنھنجي ساهن جي سرهاڻ اچِي تنُ منُ واسيو،
روح سڄو رابيلَ بڻيو هو توکي ياد ڪري.
٥. گهر جي باغيچي ۾ تو هو گڏجي سير ڪيو،
هر گل ڦلُ من جو ميت بڻيو هو توکي ياد ڪري.
٦. تنھنجي ٻانھنِ جي گهرڙي ۾ ڪي پَل گذاري،
ساڀيان هرهڪُ خواب ٿيو هو توکي ياد ڪري.
٧. تون ڇا مرڪي هئينءَ يادن جي هرهڪ لمحي ۾،
نغمي جھڙو ٽھڪُ ٻُريو هو توکي ياد ڪري.
٨. توبن سانوڻ رت جي رم جهم ايڏي برسي،
جل ٿل دل جو شھر لڳو هو توکي ياد ڪري.
٩. تو جو ڳل تان هر ڳوڙهو موتيءَ وانگر ميڙيو،
اک مان ننڍڙو لڙڪ لڙيو هو توکي ياد ڪري.
١٠. تنھنجون يادون ناز اچانڪ ايڏيون آيون،
سڪ جو ڄڻ ڪو سمنڊ چڙهيو هو توکي ياد ڪري.
***
غزل
جلال شيخ
اک رني ۽ دل رني سڏڪا ڀري
دلربا کان پل نٿي منهنجي سري
بر لڳي ٿو گهر شهر وستي سڄي
سي ڏسي خالي ٿي دل دانهون ڪري
پر اچي مون کي ڏسي ڀي ڪونه ٿو
جان ڳڻتين ۾ پئي منهنجي ڳري
درد ۾ تنها ڇڏي مون کي ويو
ديد ٿي هن کي ڏسڻ ٻيهر گهري
ياد هن کي ٿو ڪيان مان هر گهڙي
آس دل جي هي اٿم من هو وري
آ وساريو بيوفا مون کي “جلال”
مفت ۾ دل ٿي وري هن لئه مري.
***
ايئن نه چئو
زاهده ابڙو
ايئن نه چئو رڳو انسان آهيان
اندر ۾ خلق جو جَهان آهيان
ڪڏهن ٿو رهي اندر ۾ انسان
ڪڏهن خوني بگهڙ جو مڪان آهيان
***
غزل
ممتاز علي ٿرواسي
سُٺي سونهن جنهن جي نراليون نگاهون
هيون ڄـڻ وٽيون وهه پياليون نگاهون
ڦلاري جواني سڳنڌ آ بدن تي
سندءِ جهول ۾ هن جهڙاليون نگاهون
وٿي وچ ۾ پنهنجي ڪڏھن ڪونه ٿي ڪا
اڃان التجا ۾ اٻاليون نگاهون
سڄڻ کي وھاريو هيو لوڪ کان مون
قدر ڪونه ٿي تو سنڀاليون نگاهون
گھڻو وقت جـاڳــي جــدا جن گذاري
بنان خواب خاموش آليون نگاهون
لڳي ميخ محبت ۾ “ممتاز” مون کي
تبر تير ڀالا دناليون نگاهون.
***
غزل
وفا گل محمد جمالي
هر بدن پئي گيت ڳايا شام جو
روح رم جهم پئي جُهومايا شام جو
جيئن ٿڪل هينئڙي مٿان ڪا ڇانوَ ٿئي
مون به بادل ڪي ورايا شام جو
مند جي هُئي گهُرج تڏهن ڪي گهڙيون
خواب اکڙين ها سجايا شام جو
نيڻ نيسارا ڪري وهندا رهيا
هاءِ! ساجن ياد آيا شام جو
مون به آسن کي کڻي وهنجاريو
ڪڪر ڪارا جيئن ڇايا شام جو
روشنين جي حاصلاتن لئه وفا
ٻاٽ ۾ ڏيئا جلايا شام جو.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟