مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ ۾ ڦڦڙن جي بيماري Chronic Obstructive Pulmonary Disease (COPD) وڌي رهي آهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو
ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ ڦڦڙن جي بيماري (COPD) جي جاڳرتا بابت ڪرايل سيمينار ۾ ڳالهائيندي آغا خان يونيورسٽي جي پروفيسر جاويد اي خان چيو ته ملڪ ۾ ڦڦڙن جي بيماري تمام گهڻي وڌي رهي آهي، جنهن جو سبب تماڪ ڇڪڻ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو هوا ۾ شامل ٿيڻ ۽ هوا جي گدلاڻ آهي. هي بيماري دنيا ۾ موت جو چوٿون ڪارڻ آهي جنهن بابت ماهرن خيال ظاهر ڪيو آهي ته اها 2020 تائين ٽين نمبر تي اچي ويندي. هر سال 30 لک ماڻهو ان بيماريءَ جي ڪري مري وڃن ٿا ۽ سڄي دنيا جي آبادي جو اهو 10 سيڪڙو جيڪو چاليهه سالن جي عمر پار ڪري چڪو آهي اهو هن بيماري جو شڪار آهي. ڊاڪٽر خان وڌيڪ ٻڌايو ته WHO جي اطلاعن مطابق هيءَ بيماري پاڪستان ۾ هر سال هڪ لک جي آبادي مان 71 ماڻهن جي جان کسي ٿي، جيڪو ملڪ ۾ موت جو چوٿون وڏو ڪارڻ آهي. هن ٻڌايو ان بيماري جي سڃاڻپ تمام سولي آهي پر ان جو سامان ملڪ جي ڪيترين ئي اسپتالن ۾ موجود ڪونهي. جڏهن ته اوائلي وقت ۾ بيماري جي سڃاڻپ ان جي علاج ۾ فائديمند ٿي سگهي ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو